لاڳيتو پوليو جي خاتمي تي هلايل مهمن جي باوجود حيدرآباد شهر ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. اسان وٽ جيئن ته پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ مڪمل نظام ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي صحت کاتا انهيءَ سلسلي ۾ لاڳيتو ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن پوليو جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. وزيراعظم آفيس ۾ پوليو جي خاتمي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروقي جو چوڻ آهي ته پوليو وائرس جو وجود ڪٿي به هجي هر ٻار لاءِ خطرو آهي. انهيءَ لاءِ صوبن سان مشاورت جاري آهي.
دنيا جا صحت ۽ وبائي بيمارين سان لاڳاپيل ادارا انهيءَ سلسلي ۾ لاڳيتو ڪم ڪري رهيا آهن، پر ان سڀ ڪوشش جي باوجود پوليو اسان وٽ ختم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري اسان جي سرڪار کي به ڳڻتي آهي ته دنيا جي ملڪن کي به جيڪي پوليو جي خاتمي لاءِ تحقيق به ڪري رهيا آهن ته وئڪسين جي سپلاءِ به ڪري رهيا آهن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ دنيا ۾ ڪوبه ٻار پوليو جي ڪري معذور نه ٿي پوي. اسان کي اها ڳالهه به ڏک سان لکڻي ٿي پوي ته اسان جي ملڪ ۾ لاڳيتو پوليو مهم هلي رهي آهي، ان جي باوجود اسان وٽ پوليو جا ڪيس وڌي رهيا آهن. هن سال پوليو کان متاثر ٿيلن جو تعداد 8 هو ۽ هاڻ حيدرآباد جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ انهن جو تعداد 9 ٿي ويو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پر هندستان، نائجيريا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ڪجهه حصن ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيندا پئي رهيا آهن. ملڪ ۾ گذريل پنجويهن سالن کان پوليو جي خاتمي جي مهم جاري آهي، پر اڃان اهو ڏينهن نه آيو آهي جو پاڪستان پوليو فري ملڪ ٿي وڃي. اسان وٽ جيئن ته صحت جي ادارن جو بهتر انتظام موجود آهي ۽ وبائي مرضن جي خلاف مهم هر وقت جاري آهي. ٻارن کي بنيادي بيمارين کان بچائڻ لاءِ وئڪسين جو عمل بهتر آهي ۽ صحت جو عملو گهر گهر پهچي ٻارن کي وبائي بيمارين کان بچائڻ لاءِ وئڪسينيشن ڪري ٿو ۽ ذميداري سان ڪيل اهو فرض ۽ اها مهم صحت کاتو انجام ڏئي ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي جي ٻارن جي صحت لاءِ انهيءَ عمل کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ بنياد پرست قوتن ۽ سوشل ميڊيا تي غير ذميدار ماڻهن پروپيگنڊا ڪري پوليو مهم تي غلط اثر وڌا آهن ۽ انهيءَ جي ڪري ماڻهن ۾ پوليو مهم لاءِ شڪ پيدا ڪيا ويا آهن. موجوده وقت ۾ جاري پوليو مهم لاءِ ڪراچي شهر جا انگ اکر جڏهن ڏسجن ٿا ته حيرانگي ٿئي ٿي ته 73 سيڪڙو ٻارن جي وئڪسينيشن ٿي باقي 27 سيڪڙو ماڻهن پنهنجن ٻارن جي وئڪسينيشن ڪرائڻ کان انڪار ڪريو ڇڏيو. پاڪستان ۾ هر پوليو مهم ۾ ايئن ضرور ٿيو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي وئڪسين ڪندڙ ٽيم جي ماڻهن کي روڪيو ويو آهي ۽ ڪن واقعن ۾ انهن جي جان به ورتي وئي آهي. ملڪ ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي ڪوشش ۾ رڪاوٽ قدامت پسند ماڻهن ۽ ٽولن جاري پئي رکي آهي. خاص طور تي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ۽ افغانستان سان لاڳاپيل سرحدي پٽيءَ تي پوليو لاءِ ٻه بنيادي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن ته اها ڳالهه ظاهر ڪئي وئي آهي ته اها وئڪسين دراصل نامردي جي وئڪسين آهي ۽ بنهه بنياد پرست ماڻهو ۽ گروهه انهيءَ کي عقيدي جي خلاف هجڻ ثابت ڪندا رهيا آهن.
نتيجي ۾ پنجويهن سالن کان هلندڙ پوليو مهمون پوليو جو خاتمو نه ڪري سگهيون آهن. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، انهن جا صحت کاتا ۽ وبائي مرضن جي خاتمي وارا ادارا ملڪ جي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪن ته پوليو وائرس جيئن ته معذور ڪري ڇڏيندڙ آهي، انهيءَ جي ڪري پنهنجن ٻارن کي لازمي آهي ته پوليو کان بچاءُ جي وئڪسينيشن ڪرائين. انهيءَ سان گڏ اسين سماج جي ساڃاهه وند طبقن ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن جهڙوڪ اخبار ۽ ٽي وي کان اها اميد ٿا ڪريون ته اهي به پوليو کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪن. حيدرآباد ۾ 19 مهينن جي ننڍڙي ٻارڙي کي ٿيل پوليو وائرس جي تصديق کانپوءِ سرڪار ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ پوليو جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ آهي ته پوليو ڪيس جي مڪمل تحقيقات ڪئي پئي وڃي. جيئن ته هن سال سنڌ ۾ پوليو جو اهو ٽيون ڪيس آهي، جڏهن اسين اهو معلوم ڪريون ٿا ته فڪرمند ٿيون ٿا. حيدرآباد ۽ ڪراچي جي انتظاميه ۽ صحت کاتي کي پوليو جي خاتمي واري مهم کي انتهائي ذميداري سان جاري رکڻو پوندو ته جيئن پوليو جي وائرس جو خاتمو يقينن ٿي سگهي.