ايڊيٽوريلنئون

ملڪ جي معاشي بحالي جو منصوبو

            وزيراعظم ميان شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ نئين معاشي پروگرام “اڏام پاڪستان” جو افتتاح ڪيو آهي. معاشي بحالي جو اهو منصوبو 10 سالن تي مشتمل آهي. اهو پروگرام اهڙي موقعي تي ڪيو ويو آهي جو حڪومت ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي دعويدار آهي. “اڏام پاڪستان” جي تحت ايندڙ 5 سال ۽ جيڪڏهن ڊگهي مدت ڏانهن وڃجي ته سال 2035 تائين جا معاشي هدف مقرر ڪيا ويا آهن.

            گهڻي وقت کانپوءِ موجوده حڪومت جي زماني ۾ ملڪ جي معيشت جي بحالي جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. معاشيات ۽ ماليات جي اڳواٽ رٿابندي ۽ آئنده پنجن ۽ ڏهن سالن جا هدف هاڻي کان ئي ترتيب ڏنا ويا آهن. معيشت، ماليات، زراعت ۽ صنعت جا شعبا انهيءَ معاشي پروگرام ۾ بهتر ٿي ويندا. انهيءَ جو سرڪار کي يقين آهي، جو انهيءَ اڳواٽ رٿابندي سان معاشي پروگرام ترتيب ڏنو آهي. ملڪ جي معاشي ۽ مالي ماهرن انهيءَ پروگرام تي جيڪو ملڪ جي مستقبل جي بهتري لاءِ آهي، گڏيل رايا ڏنا آهن، پر اسين سمجهون ٿا ته موجوده سرڪار جيڪڏهن معاشي ميدان ۾ اڳواٽ رٿابندي سان هلڻ شروع ڪيو آهي ته اها بهتر ڳالهه آهي. انهيءَ معاشي پروگرام ۾ آئنده ڏهن سالن ۾ يعني سال 2035 تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) کي هڪ ٽريلين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي. هن وقت ملڪ جي (جي ڊي پي) 374 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. موجوده وقت ۾ جيڪا مجموعي قومي پيداوار آهي ۽ سال 2035 ۾ جيڪو هدف آهي، اهو حاصل ٿي وڃي ٿو ته اسانجو ملڪ ترقي يافته ملڪن جي قطار ۾ شمار ٿيڻ لڳندو. اسان جي ملڪ کي معاشي ۽ مالي ترقي گهرجي. انهيءَ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبه گس ڪونهي. پاڪستان پنهنجن مالي ۽ معاشي معاملن ۾ پاڻ ڀرو ٿئي اهو اسان سڀني جو خواب آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ اسين عالمي مالياتي تنطيمن جي مدد کان جان ڇڏائي ٿا وڃون ته اها تمام اهم ڳالهه هوندي. مثال طور انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ٻيا بين الاقوامي مالياتي ادارا وقت به وقت اسانجي مدد ڪندا رهيا آهن، جيئن ته انهن جا پنهنجن پروگرامن لاءِ شرط ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن. جيئن آئي ايم ايف جو موجوده 7 ارب ڊالر جو مالياتي پروگرام اسان کي مليو آهي، پر انهيءَ ۾ سخت شرط آهن، جنهن ۾ ملڪ ۾ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ گردشي قرض کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. هاڻي اهي ٻئي شرط آهن اسانجي حق ۾ آهن. جيڪڏهن اسين ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪري ٿا وڃون ۽ گردشي قرض کي ختم ڪري ٿا وڃون ته اها اسانجي ڪاميابي ٿيندي. موجوده “اڏام پاڪستان” پروگرام ۾ به آمدني وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، تڏهن ملڪ ۾ ٽيڪس جو شفاف نظام به رائج ڪرڻو پوندو. جيئن آئنده ڏهن سالن ۾ ملڪ جي (جي ڊي پي) جو سائيز هڪ ٽريلين ڊالر تائين وڃي سگهي. منصوبه بندي جي وفاقي وزير نئين معاشي پروگرام جي متعلق ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو هڪ جامع قومي اقتصادي تبديلي جو منصوبو آهي، جيڪو ملڪ کي ترقيءَ جي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. سرڪار اهو چاهي ٿي ته اسانجو ملڪ مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جهڙو ٿي سگهي، انهيءَ لاءِ معاشي ۽ مالياتي بهتري جي ضرورت آهي. هن منصوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي اهو آهي ملڪ جي معيشت کي ائين تشڪيل ڏجي جو پيداوار جي ايڪسپورٽ ڪري سگهجي. آئنده سالن ۾ زراعت ۽ صنعت ۾ اهي تبديليون اينديون، جن سان اسانجي برآمد وڌندي ۽ درآمد گهٽبي ۽ پروگرام جا ٻيا نقطا ڊجيٽل انقلاب آڻڻ، ماحولياتي تبديلي سان مقابلو ڪرڻ آهن. اها ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ 30 ارب ڊالر سالياني آهي ۽ “اُڙان پاڪستان” پروگرام جي تحت اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ايڪسپورٽ کي 60 ارب ڊالرن تائين پهچائڻو آهي.

            سڀني کان اهم ڳالهه هن معاشي پروگرام جي اها آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ غربت جي شرح ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ آهي. ملڪ جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جيڪو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو. جيڪڏهن موجوده معاشي پروگرام “اڏام پاڪستان” غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي تعداد کي واضح نموني گهٽايو ويندو ته اها ان پروگرام جي سڀني کان وڏي حاصلات هوندي. اسين وزيراعظم جي نئين معاشي پروگرام جي آجيان ڪريون ٿا جو هن ڏهن سالن جو پروگرام اڳواٽ ڏنو آهي. ملڪ ۽ سماج اڳواٽ رٿابندي سان ئي هلندا آهن.