خاصنئون

وڏي وزير پاران پوليس ۾ سڌارا آڻڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ پوليس ۾ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هنن سڌارن  ۾ سنڌ پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس برابر ڪيون وينديون، پوليس ۾ کدڙي فقيرن لاءِ  به ڪوٽا رکي ويندي جيئن اهي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻجي سگهن. صوبي اندر نوان ماڊل ٿاڻا جوڙيا ويندا. جنهن ۾ نيون گاڏيون ۽ سٺي رويي وارا پوليس اهلڪار عوام جي خدمت لاءِ موجود هوندا. ان کان علاوه صوبي اندر نوان پوليس ريڪروٽمينٽ سينٽر به جوڙيا ويندا جنهن ذريعي هر هنڌ مقامي  نوجوانن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويندو. ياد رهي ته هن وقت سنڌ پوليس ۾ 28000 اهلڪارن جون سيٽون خالي پيون آهن. ان کان علاوه اي ايس آءِ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سپاهيءَ جي اسڪيلن کي به وڌايو ويندو. سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سڌارن  بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ۽ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاه کي سڌارن  تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.