پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 واپڊا ورڪرن پاران اداري کي پرائيويٽ ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج

ڪاله سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي ورڪرن پاران اداري جي پرائيويٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن پاران چيو  ويوته وفاقي حڪومت اداري کي پرائيويٽ ڪرڻ بجاءِ ورڪرن جي مسئلن کي حل ڪري. حيدرآباد ۾ احتجاج ڪندڙن پريس ڪلب ٻاهران خطاب ڪندي چيو ته وزير  اعظم کي پنهنجي هن فيصلي تي غور ڪرڻ گهرجي. ماضيءَ ۾ به مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽيءَ پاران اداري کي پرائيويٽ ڪرڻ تي زور ڀريو ويو هيو، پر اداري جي ورڪرن انهن کي ان جي اجازت نه ڏئي هئي. انهن حڪومتن به ورڪرن جي مطالبن کي پورو ڪندي لکت ۾ چيو هيو ته اهي اداري کي پرائيويٽ نه ڪندا.