بلاگنئون

شاهه لطيف رح کي سمجهڻ سولو ناهي!

سياڻو ماڻهو سوچي سوچي ساڻو ٿي ويندو آهي ته آخر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇا هو؟ جيڪڏهن هو فلاسافر هو ته سندس فلسفو الستي نظر اچي ٿو۔ فيلسوفن ۽ مفڪرن موجب علم؛ عقل ۽ وجدان وسيلي حاصل ٿئي ٿو. عقل جو لاڳاپو انساني ذهن، جڏهن ته وجدان جو واسطو دل سان هوندو آهي. دل مان نڪتل ڪنهن اوچتي اُٿل، آهه جذبي ۽ ذهن ۾ اڀري آيل عقلي بنيادن تي پرکجڻ کان قاصر خيال جو اصل ڪارڻ وجدان هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ عقل هڪ شعوري ڪوشش آهي، جڏهن ته وجدان لاشعور مان اڀري آيل تصورن تي ٻڌل هوندو آهي.

وجدان کي عقل، شعور، روحانيت ۽ علم جي حاصلات جي ٻين طريقن کان مختلف سمجهيو وڃي ٿو ۽ عام تاثر اهو ورتو وڃي ٿو ته وجدان کي بيان ڪرڻ ايترو ئي اوکو آهي جيترو اُن کي حاصل ڪرڻ، پر سگهارو وجدان فرد کي ان وقت مونجهارن مان آجو ڪري ٿو، جتي سندس عقل جون ڪل تدبيرون جواب ڏئي وڃن ٿيون جيڪڏهن شاهه سائين مذهبي اڳواڻ هو ته سندس عقيدت اعليٰ معيار جي هئي، جيڪڏهن هو صوفي هو ته سندس صوفيت جي انداز کي سمجهڻ ڪنهن عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇو ته صوفين جو خيال آهي ته جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي فيض ۽ ڪرم سان مئل ڌرتيءَ کي ٻيهر شاداب ڪري جيئرو ڪري ٿو. اهڙي طرح هو پنهنجي جميل صفتن ۽ ڳڻن جي “نور باري” پڻ ڪري ٿو، پر اها نور باري صرف انهن دلين تي ڪري ٿو جيڪي ڌڻيءَ جي اطاعت ۾ نرم ۽ سوز و گداز سان ڀريل نظر اينديون آهن ۽ جڏهن پاڪ صاف دلين تي اهڙي نور باري ٿئي ٿي ته اهي دليون جمالياتي مسرت ۽ خوشين سان بهار بهار ٿي وڃن ٿيون ۽ صوفي پنهنجي اندر ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪري ٿو. صوفي مسلسل رياضتن، عبادتن ۽ مراقبن کانپوءِ صرف هڪ ئي گھُر ڪري ٿو ۽ اها گھُر آهي ته هو اصل سونهن جو تمثيل ۾ ڪو ديدار محسوس ڪري. صوفيءَ کي نه بهشت جي تمنا آهي ۽ نه دوزخ ۾ وڃڻ جو ڊپ آهي. هن کي صرف خدائي مطلق ۽ اعليٰ مرتبت جو ديدار ڪرڻو آهي۔

شاهه لطيف جو ڪلام ھر دور ۾ نئون نڪور آهي ۽ صدين کان قوم جي ترجماني، رھبري ۽ رھنمائي ڪري رهيو آهي. اسان کي لطيف جي عالمگير امن ڀرئي پيغام ۽ وطن سان وفا جي وچن کي پاڙڻو پوندو. سندس آفاقي پيغام جي علمي، ادبي ساڃاھ ۽ شعور پيدا ڪرڻو پوندو ۽ سندس شاعريءَ جي تصور، خيال، فڪر ۽ ٻوليءَ سان عشق جي نئين سر ابتدا ڪري نوجوانن ۾ پيغام لطيف جي پرک ۽ تڙپ پيدا ڪرڻي پوندي. شاهه لطيف سامونڊي علمن يعني علم البحر جو ڪو ماهر سائنسدان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پاڻ سمنڊ جي گھرائين جو خوب مطالعو ڪيو آهي تڏهن ته اتي ملندڙ موتين، هيرن، سامونڊي جيوت جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. پاڻ فطرت سان وابستگي رکي ٿو ائين محسوس ٿئي ٿو ته پاڻ انٿرا پالاجسٽ هو جنھن کي علم الانسان جي مڪمل ڄاڻ حاصل هئي. پاڻ انسانن جي تاريخ، تمدن، تھذيب، رهڻي ڪھڻي جا علم، انساني عادتون خوب ڄاڻي پيو ڄڻ ته خالق سندس سامهون انسان کي خلق ڪيو آهي، ان ڪري هر انسان جي سوچ سندس ڪلام ۾ ملي ٿي.

سندس ڪلام پڙهندي کيس ايسٽرانامسٽ يعني علم فلڪيات جو ماهر به چئجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو جو کيس آسمان جي گھرائين کان وٺي تارن، ڪَتين، سج، چنڊ جو علم پڻ آهي.

هو زمين کان وڌيڪ آسمان جي رازن کي ڄاڻي ٿو۔ ائين لطيف سرڪار باٽني سائنسٽ يعني علم نباتيات جو ماهر پڻ آهي. وٽس وڻن، ٻوٽن، گلن، ولين، گاهن، جڙي ٻوٽين ۽ ميون جو علم موجود آهي. سندس ڪلام پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته شاهه صاحب ميٽيورولاجسٽ يعني موسم جو ماهر آهي. هو برسات، گرمي، سردي بھار ۽ سرءُ جي ڄاڻ ڏئي ٿو، کيس طوفانن ۽ زلزلن جي معلومات آهي، تڏهن ته ناکئن کي ٻڌائي ٿو ته سمنڊ ۾ طوفان ٿو اچي، سسئي کي پھاڙن جي موسم ٿو ٻڌائي. ڏينهن ۽ رات جي بدلجڻ واريون خبرون ٿو ٻڌائي.

وري جيڪڏهن کيس جنگي ميدان ۾ ڏسجي ته هو ماهر جرنيل ٿو ڏسجي وٽس وڙهڻ جا اهڙا گر آهن جن تي ويڙهاڪ عمل ڪري ته فتح ياب ٿي وڃي۔ لطيف عظيم آرٽسٽ آهي وٽس قسمين قسمين راڳ، تنبوري جي تنوار، يڪتاري ۽ وائين، بيتن، نوحن، نعتن جا نوان نوان ڍنگ آهن۔ شاهه سائين، علم حيوانات يعني زولاجي جو به ماهر آهي، ان ڪري سندس ڪلام ۾ نانگن جي زهر کان ويندي ڪونج، باز، وڇن، مينهن، ڪتن، چيتن، ڏاندن، گابن، ڇيلن، ٻڪرن، سرهن، شينهن، مِرن، گهوڙن جو ذڪر ڪيو اٿس. لطيف ماهر لسانيات لنگوئسٽڪ ايڪسپرٽ هو جو ٻولي جي ننڍڙي يونٽ کان وٺي ان جي نيچر، موڊيفڪيشن ۽ اسٽرڪچر تائين جو ذڪر ڪيو اٿس۔ مطلب ته لطيف جي ڪلام کي سمجهڻ ايترو آسان ناهي جو هرڪو ان کي سمجهي سگهي، ان لاءِ دنيا جا سڀ علم سامهون رکڻا پوندا.