هائپرسومنيا
ناول: باب پنجون
اخبار واري خبر پڙھڻ کي ڏھه ٻارنھن ڏينھن ٿي ويا ھئا… ان ڏينھن کان پوءِ، عبدالرحيم وري اھا اخبار نه ڏٺي ھئي، پر اھا خبر ۽ اھا تصوير سندس ذھن ۾ ھر وقت ڦري رھي ھئي.
اھا شام ھو زال مڙس ھڪ ريسٽورنٽ ۾ گذاري آيا ھئا… واپس ايندي ايندي کين دير ٿي وئي ھئي… ۽ اڳيون ڏينھن موڪل جو ھجڻ ڪري، ماريه گهڻو پرسڪون ھئي، ان رات ھنن ھڪ فلم به ڏٺي ھئي، جنھن ۾ ھڪ قوم تي ظلم ٿيندو رھندو آھي ۽ استحصال سان گڏ قوم جي توھين پڻ ٿيندي رھندي آھي، ماڻھو ماريا ويندا آھن، پر ان محڪوم قوم مان ڪو به ماڻھو دشمن سان وڙھڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي… پوءِ جڏھن دشمن ھڪ نوجوان جي محبوبه کي قتل ڪندا آھن ته، اھو نوجوان باغي بڻجي ويندو آھي ۽ دشمن جون وايون بتال ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پنھنجي قوم کي وڏي انقلاب لاءِ تيار ڪندو آھي… آخرڪار ھو پنھنجو ديس آزاد ڪرائي ويندا آھن.
ڪمھلو سمھڻ جي ڪري، عبدالرحيم صبح جو دير تائين ستل رھيو ھو… ھن ان رات واري ننڊ جي آخري لمحن ۾ ھڪ خواب ڏٺو ھو.
سندس خواب جو منظر ھو ته، ماريه سندس زال ناھي، پر ھڪ فوجي آفيسر آھي… جيڪا سندن بيڊ روم خالي ڪرائي رھي آھي، چار سپاھي سندس ھر حڪم تي عمل ڪري رھيا آھن… ٿوري ئي دير ۾ ڪمرو بلڪل خالي ٿي ويو آھي… انھيءَ جي دوران عبدالرحيم زمين تي ليٽيو پيو آھي، سندس ھٿ پويان ٻڌل آھن… ھڪ فوجي ڏاڪڻ جي مدد سان ڪمري جي ٻرندڙ بلب وٽ ھڪ وڏي ڪِلي ھڻي رھيو آھي ۽ پوءِ ٻي ڪِلي به مخالف ديوار ۾ ساڳئي نموني سان لڳائي پيو، ٻئي پل عبدالرحيم ڏٺو ته، ھڪ سنھڙو، ڊگهو نڪ ۽ بلور جھڙيون اکيون رکندڙ فوجي سندس ھٿ کولي رھيو آھي… ۽ پوءِ فوجين کيس انھن ڪلين ۾ ڇڪي لڙڪائي ڇڏيو آھي.
ھاڻي ھو زنجيرن سان انھن ڪلين ۾ ٻڌل آھي… سندس پير زمين کان فٽ سوا مٿي آھن، ھو ھوا ۾جهولي رھيو آھي… پنھنجي ڳري جسم جي ڪري، سندس ٻانھون ڪلھن کان ڇڻي رھيون آھن… کيس انھيءَ حالت ۾ ٻه ڏينھن گذري ويا آھن… ڪمري جو ماحول تقريبن اونداھو آھي، پويان کان ڪنھن جاءِ تان روشنيءَ جي ھڪ لڪير ڪمري ۾ داخل ٿي رھي آھي… ۽ شايد تازي ھوا به اتان کان ئي کيس ملي رھي آھي، جنھن جي ڪري ھو زنده آھي… پر کيس ياد آھي ته، ھن مھل تائين ھو اڃيو ۽ بکيو آھي… ٻئي پل ئي کيس اوگهڙ جو احساس ٿيو ته، ھن پنھنجي ھيٺين ڌڙ تي امالڪ نظر وڌي، جنھن سان سندس ڪنڌ ۾ تڪليف جون بي انت لھرون اٿي پيون.
اوچتو کيس شدت سان محسوس ٿيو ته، سندس ٻانھون بغلن کان ڇڄي رھيون آھن ته، ھن پنھنجا ھٿ ھڪدم بغلن ڏانھن کنيا، ان وقت سندس اک کلي وئي ھئي، سندس ھٿ واقعي به پنھنجن بغلن ۾ ھئا… ڪا دير ھو بي جان پنھنجي بيڊ تي پيو رھيو ھو، پوءِ اٿي واش روم ھليو ويو ھو… جنھن پل وھنجي واپس آيو ته، ماريه سندس چانھه ٺاھي چڪي ھئي.
ھو پنھنجي زال سان بغير ڳالھائڻ جي چانھه پيئندو رھيو ھو… پنھنجي ھٿ سان ٺاھيل چانھه جي ڀيٽ ۾ کيس ماريه جي ٺاھيل چانھه وڌيڪ وڻندي ھئي.
ھن چانھه جو ڪوپ رکيو ۽ ڪمري کان ٻاھر نڪري ويو ھو، واپس اچڻ تي ماريه کائنس پڇيو:”ڪاڏي ويو ھئين؟“
”جهڙ ڏسڻ ويو ھئس!“ ھن کيس وراڻيو.
ماريه سندس جواب ٻڌي حيران ٿي ھئي ۽ سوچيائين: جهڙ ته ھتان ٻاھران آڳنڌ مان به ڏسي سگهجي پيو، پوءِ ان لاءِ گهر جي انھيءَ باغيچي واري ڪنڊ ۾ ڇو ويو آھي؟ اتان به گهر جي عمارت جي ڪري اولھه وارو پاسو نظر ناھي ايندو!
”تون چاھين ٿو ڇا ته، بارش ٿئي!؟“ ماريه کائنس پڇيو.
”ھا.“ عبدالرحيم کيس تڪڙو جواب ڏنو، سندس انھيءَ تڪڙي جواب ڏيڻ ۾ ھڪ لڪ ھئي.
عبدالرحيم پنھنجي خواب واري تاثر کي لڪائي ويو… پر چانھه پيئندي وقفي وقفي سان ديوارن جي انھن بلبن ڏانھن ڏسي رھيو ھو، جن جي ڀرسان خواب ۾ ھڪ فوجي وڏي ڪليون ھڻي رھيو ھو.
ان وقت، ماريه ڊرائيور کي شھر مان ڪجهه سامان آڻڻ لاءِ چوڻ ھلي وئي ھئي، واپس ايندي ھوءَ ٽيبل تان ان ڏينھن جون اخبارون به ڪمري ۾ کنيو آئي ھئي، اخبارون ڏسندي ئي کيس ياد اچي ويو ھو ته، ھن کي اھو ٽنگجڻ وارو خواب ڇو آيو ھو.
***