ماتلي ميونسپل جي حدن ۾ ٽريفڪ جي ڀيڙ ۽ ريڙھن جي رش جو مسئلو مُک روڊن جي محدود حصن ۾ آھي. جھڙوڪ: ٽريفڪ جي ڀيڙ جو سڀ کان وڏو مسئلو مين حيدرآباد روڊ تي گرلس ڊگري ڪاليج چوڪ کان، پراڻي نيشل بينڪ تائين واري حصي ۾ نظر اچي ٿو، روڊ جو اھو حصو حد دخلين، پاسن کان ريڙھن ۽ رڪشائن جي بيھڻ، دڪاندارن جو سامان ڪڍي ٻاھر رکڻ، برياني جي ھوٽلن ۽ بينڪن جي اڳيان گاڏين جي پارڪنگ ٿيڻ جھڙن سببن جي ڪري وڌيڪ سوڙھو ٿي ويو آھي، ان ڪري ٽريفڪ ھر وقت ۽ خاص طور تي صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بار بار جيم رھي ٿي، جنھن سان عوام لڳاتار يا بار بار پريشانيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪلن وقت رش وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿي، ڇو ته اسڪول ۽ ڪاليج به ان ئي روڊ تي آھن، ھيءَ چٽي ڳالھ آھي ته ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اختيار ميونسپل انتظاميه جو نه، پر ٽريفڪ پوليس جو آھي، جنھن جو ڪم هن وقت اسان کي بلڪل نظر نٿو اچي يا ائين چئجي ته زيرو آهي. مين بس اسٽاپ مان نڪرندڙ ڪوسٽرون، روڊ تي بيشمار جاين تي بيھي مِني بس اسٽاپ ٺاھي مسافر کڻن ۽ لاھين ٿيون. خاص طور تي الله والا چوڪ تي ڪوسٽرن باقاعدا بس اسٽاپ ٺاھي ڇڏيو آھي. ھڪڙي ڪوسٽر تيستائين بيھي ٿي جيستائين ان جي پويان ٻي نٿي اچي، جيڪو عمل ڪنھن به صورت ۾ مناسب ناھي. ان صورت ۾ به مناسب ناھي جو روڊ تي بسن جي بيھڻ سان انھن جي پويان ٽريفڪ جي قطار لڳي وڃي ٿي، ڪوسٽرن کي روڊن جي حدن ۾ بيھڻ کان روڪڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس جي ڪنهن به عملدار جو ڪوبه وس نٿو ھلي، ٽي ايم اي جي زماني ۾ ٽي ايم اي اختيارين کي اھڙا پاور ھئا ته اھي ٽريفڪ کي به ڪنٽرول ڪرائين، پر ميونسپل جي ھن نظام ۾ ميونسپل انتظاميه وٽ اھڙو ڪوبه اختيار نه آھي ته شھري حدن ۾ اھا ٽريفڪ کي به ڪنٽرول ڪري، ميونسپل انتظاميه ريڙھا، رڪشا ۽ دڪاندارن جو روڊ تي پيل سامان ھٽرائي سگھي ٿي. ماتلي شھر جي ذڪر ڪيل حصن ۾ روڊ جي حدن ۾ دڪانن اڳيان بيٺل ريڙھن جو به وڏو تعداد آھي، جيڪو روڊ جي سائيز کي تنگ ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو. حقيقت اھا به آھي ته انھن ريڙھن کي دڪاندارن پنھنجن مھاڳن ۾ روڊ جي ٻنھي پاسي بيھاري انھن کان ڪرايا وصول ڪرڻ شروع ڪيا آھن. ايئن دڪاندار 300 کان 700 رپين تائين ريڙھي وارن کان صبح جو الڳ ته شام جو الڳ ڏھاڙي وصول ڪن ٿا، جيڪا لڪيل حقيقت نه رھي آھي، جن ريڙھن کي اتان ھٽائڻ جي اشد ضرورت آھي. ريڙھن جو ٻيو وڏو تعداد اسٽيشن روڊ تي الله والا چوڪ کان سبزي منڊي تائين واري حصي ۾ وڌيڪ آھي جيڪو وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري رھيو آھي، جن کي ڪنٽرول ڪرڻ يا متبادل جاءِ مھيا ڪرڻ جي تڪڙي ضرورت آھي، ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ جون ذميداريون ٽريفڪ پوليس جون آھن، ريڙھن ۽ دڪاندارن جي سامان کي روڊن تان ھٽائڻ جي ذميداري ميونسپل جي ٿي سگھي ٿي. ماتلي ۾ تيزيءَ سان آبادي وڌڻ جي ڪري ٽريفڪ جي مسئلن کي درست ڪرڻ لاءِ انتظاميه بلڪل متحرڪ نظر نٿي اچي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ان سڄي نظام کي هڪ دفعو ادارا گڏجي ويهي پلاننگ ڪري بهتر انداز ۾ هلائين ته جيئن عام ماڻهو کي انهن سڀني مسئلن کان جيڪي هو سڄي ڏينهن ۾ ڀوڳي ٿو ڇوٽڪارو ملي سگهي.