منشيات جو واهپو روز بروز وڌي رهيو آھي، سنڌ جي تقريبن هر شھر ڳوٺ وستي واهڻن ۾ منشيات جو واهپو عروج تي پهچي چڪو آھي، جنهن سبب تعليم سان گڏ انسان جي عام زندگي تي برا اثر پئجي رهيا آھن. سنڌ اندر ٻين نشن سان گڏ ھاڻ ته آئس جو نشو به ڏينهون ڏينهن پنهنجا پير پختا ڪري رهيو آھي، جنهن سان نه رڳو موجوده نسل جو آئندو ختم ٿي رهيو آھي، پر هن نشي سبب ايندڙ نسل به سخت خطري هيٺ اچي ويو آھي. منشيات جي وڪري کان ويندي واهپي تائين نظر ڪجي ته ان کي روڪڻ ۾ حڪومتي رٽ ته ڪٿي به نظر نه پئي اچي جنهن جي نتيجي ۾ چرس، آفيم، شراب ۽ هيروئن سميت نشي وارين مختلف نالن سان وڪرو ٿيندڙ سوپارين ۽ زيڊ ايڪيھه کانپوءِ هاڻي مارڪيٽ ۾ آئس هيروئن جو هر هنڌ واڌارو ٿي رهيو آھي، جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي. ڇو ته حڪومتي پاور ۽ مشينري کي ڪمزور سمجهڻ غلطي هوندي آھي ته پوءِ ايتري طاقتور مشينري ۽ حڪومتي رٽ کي چند منشيات فروش ڪيئن چئلينج ڪري ملڪ جي نوجوانن جي زندگين سان کيڏي ملڪ ۽ قوم کي کوکلو ڪري رهيا آھن؟ اهو هڪ وڏو سوال پيدا ٿئي ٿو، پر ان تي ڪڏهن به ڪنهن شايد غور نه ڪيو ھجي.
ان ڳالھه کان هرڪو چڱيءَ طرح واقف آھي ته منشيات فروش نه رڳو طاقتور آھن، پر هو سفيد پوشي جي چادر ويڙھي اسان سڀني جي وچ ۾ معززين جي صورت ۾ پڻ ڪٿي نه ڪٿي موجود به آھن. انهن جي طاقت ۽ حيثيت سبب عام ماڻھن سميت سنڌ جي سوين ادارن جا باشعور ماڻھو سوشل ورڪر سماجي اڳواڻ صحافتي ڌريون سياسي اڳواڻ توڙي سول سوسائٽي سڀ جا سڀ ايڪڙ ٻيڪڙ علائقن کانسواءِ باقي ڪٿي به ڪو آواز نه پيا اٿارين ان جا سبب به تلاش ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ملڪ خاص طور تي سنڌ جو آئيندو مڪمل طور منشيات فروشن وٽ يرغمال ٿيل محسوس ٿي رهيو آھي يا يرغمال بڻائڻ ۾ سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي، جنهن جا سبب ڪھڙا به هجن، پر منشيات هڪ زهر آھي جيڪا سنڌ جي رڳن ۾ پهچي نه رڳو سنڌ کي ڪمزور ڪري رهي آھي، پر ان سان منشيات واپرائيندڙ يا وڪرو ڪندڙ سنڌ جي تعليمي ادارن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٻين اهم هنڌن تي پهچي ملڪ جي معيشت تباھ ڪري سگهن ٿا. ڇو ته جڏهن نشي جي واهپي سان ڪنهن انسان جو ذھن مفلوج ٿي ويو ته اهو شاگرد هوندو ته پڙھي نه سگهندو، واپاري هوندو ته ڪاروباري نظام کان ڪٽجندو ويندو. مطلب ته جيڪو ماڻھو جنهن شعبي سان واڳيل هوندو اهو ان شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ بجاءِ ناڪام ئي ٿيندو رهندو.
ان کان علاوه جڏهن هڪ ماڻھو وٽ نشو واپرائڻ لاءِ روزگار يا پڙھائي جا وسيلا نه هوندا ته پوءِ ھو پنهنجي نشي جي عادت پوري ڪرڻ ۽ پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ غلط رستي طرف رخ ڪندو جنهن ۾ ھو چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرون به ڪندو ته ماڻھن کان ٻين ناجائز طريقن سان پئسا وٺڻ جي به ڪوشش ڪندو. ڏٺو وڃي ته منشيات سوين مسئلن جي جڙ ھوندي آھي، جنهن سان انسان جا تعليم ۽ ڪاروبار تباھ ته ٿين ٿا، پر امن امان جو مسئلو وڌي ٿو، بدامني پيدا ٿئي ٿي، حالات خراب ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري منشيات واري مسئلي خاص طور تي آئس ۽ هيروئن جهڙي خطرناڪ نشي کي فوري طور روڪڻ وقت جي حڪمرانن جي ذميواري آھي، حڪمران هن مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري پوليس سميت ٻين ادارن کي منشيات خلاف ڀرپور ايڪشن جو حڪم ڏين. طاقتور بااثرن اڳيان گوڏا کوڙڻ بجاءِ ملڪ جي مستقبل جي معمارن جي زندگين ڏانهن ڏسن، انهن جي تباھ ٿيندڙ مستقبل تي ٿورو غور ڪن ته شايد هي ڪڌو ڪاروبار اتي رڪجي سگهي ٿو ۽ سنڌ جو نوجوان تعليمي ۽ ڪاروباري قابليت سان ملڪ جي شاندار مستقبل ۾ پنهنجو حصو بهتر نموني ڳنڍي سگهي ٿو.