سنڌ اسيمبلي پنهنجي ميمبرن جي پگهارن، الائونسن ۽ ٻين سهولتن بابت بل منظور ڪيو آهي. سنڌ ڪابينا 7 آگسٽ تي ٿيل پنهنجي اجلاس ۾ انهيءَ مسودي جي منظوري ڏني هئي. هاڻي سنڌ اسيمبلي انهيءَ کي بل جي صورت ۾ منظور ڪري ورتو آهي.
عوامي نمائنده جڏهن پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي پنهنجي لاءِ پگهار، الائونس ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪن ٿا ته عام عوام انهيءَ تي سٺو ردعمل نه ٿا ڏين. ملڪ ۾ مهانگائي، ٽيڪس ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کان عام ماڻهو تنگ آهي. ڇاڪاڻ جو اهي شيون انهن جي قوت خريد کان مٿي ٿينديون وڃن. انهيءَ ڪري هن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي آمدني ۾ اضافو عوامي ناراضگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ماڻهن جي ڪاوڙ جائز آهي، جو اهو اضافو انهن جي پگهارن ۾ نه ٿيو آهي، پر عوامي نمائندن جي آمدني وارين سهولتن ۾ اضافي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.
ملڪ ۾ عام راءِ ٺاهيندڙ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا کي انهيءَ ڳالهه تي واجبي اعتراض آهي ته هڪ طرف پگهاردار طبقي کان وڌيڪ ٽيڪس ورتو پيو وڃي. پينشنون گهٽايون پيون وڃن، لڳي ٿو ته سرڪار جي هاسيڪار ڪوشش آهي ته سرڪاري ملازم جي پگهارن ۽ پينشنن مان سرڪار جيترو چاهي اوترو ٽيڪس اوڳاڙي سگهي ٿي.
ٻئي طرف اهي ميمبر جيڪي اهڙي قانونسازي ڪن ٿا، جيئن اهي پنهنجي لاءِ مالي سهولتون حاصل ڪري سگهن. سنڌ اسيمبلي جو پگهارن ۾ اضافي جو اهو بل انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو. عام ماڻهو جڏهن اها ڳالهه ڪري ٿو ته حڪمران پنهنجي مالي مفاد لاءِ قانونسازي ڪن ٿا. هن ئي سال 2025 ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ به وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ملڪ جي قومي اسيمبلي جي نقشِ قدم تي هلندي اهڙي قانونسازي ڪئي آهي.
اسين پنهنجي ملڪ جي مالي استحڪام تي يقين رکون ٿا. اسان جون مالي ۽ اقتصادي حالتون بهتر ٿيون آهن. پر ڪجهه سال اڳ سرڪار خود اها ڳالهه ڪري رهي هئي ته ملڪ کي ڏيوالپڻي جي شڪار ٿيڻ کان بچائي رهيا آهيون. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ملڪ ترقي جي راهه تي هلي پيو آهي. زرعي ۽ صنعتي ترقي ۾ اڳڀرو ٿي رهيو آهي. تڏهن عوامي نمائندن کي ملڪ جي عام عوام جي بهتري لاءِ سوچڻ گهرجي، پر انهيءَ جاءِ تي جڏهن اهي پنهنجي لاءِ سهولتن جا بل منظور ڪرائي رهيا آهن ته پوءِ عوام جي تنقيد انهن کي برداشت ڪرڻي پوندي.
پاڪستان جو اڪثريتي عوام محنت ڪش آهي، اهو زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ محنت ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته اسان جون اسيمبليون انهن جي ڀلائي لاءِ منصوبا جوڙين، انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائي انهن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪن ته جيئن انهن جي آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ انهن جي قوت خريد بهتر ٿئي. جيئن اهي زندگيءَ جون کاڌ خوراڪ سميت بنيادي سهولتون سولائي سان حاصل ڪري سگهن. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافي تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي.
ڳالهه اها آهي ته اهي عام ماڻهو جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ محنت ڪري رهيا آهن، سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافي جي رٿابندي ڪئي وڃي. اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن سان گڏ جيڪڏهن سرڪاري ملازمن ۽ محنت ڪشن جي سهولتن لاءِ به بل منظور ڪيو وڃي ها ته سنڌ جو عوام صوبائي اسيمبلي جي انهيءَ قدم کي ساراهه جوڳي نظر سان ڏسي ها. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کان اسين اميد رکون ٿا ته اهي عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ضروري قانون سازي ڪندا. پگهارن ۾ اضافي وارو بل قانون واري وزير پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظوري ڏني. تمام ميمبرن بل جي حمايت ڪئي.
سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن، سهولتن، الائونسن جي اضافي تي اسين ارها ڪونه آهيون، پر هتي اها ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي عوام جي نمائنده اسيمبلي آهي. انهن جي ميمبرن کي عوام ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ پهچايو آهي. انهن ميمبرن کي عام ماڻهن جي سهولتن ۽ آمدني ۾ اضافي لاءِ قانونسازي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبر عوام جي بجاءِ پنهنجن مالي فائدن کي وڌائيندا رهيا ته عوام جو رهيل سهيل اعتماد به وڃائي ويهندا ۽ کين سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو.