سنڌ جي فقيراڻي ڌرتيءَ تي جتي رب پاڪ محبت، امن پيار انسانيت جي جذبن سان سرشار ڪيترائي ئي اهڙا غير معمولي انسان پيدا ڪيا آهن جن کي پنهنجي ادا ڪيل ڪردار سبب وسارڻ ممڪن ئي ناهي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت ۽ پيار ڪندڙ ماڻهن مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو نالو به هڪ اهڙي روشن چمڪندڙ ستاري جيان آهي، جنهن جي روشني پنهنجي دور ۾ ئي نه، پر ايندڙ نسلن لاءِ به راهه جا ڏيئا بڻجندي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. سندس شخصيت، شاعري ۽ فڪر سنڌي ادب ۾ هميشه روشني وانگر رهندو. اڄ سندس پهرين ورسيءَ تي دل ڳري آهي، پر فخر ۽ شڪر به آهي.
مون 14,15سالن جي عمر ۾ سرمد سنڌيءَ جي مڌر آواز ۾ سندس انقلابي شاعري “جلاوطن جلاوطن مان ڪيئن رهان جلاوطن” سميت ٻيا ڪيترائي گيت جڏهن ٻڌا هئا جن جو اثر اڄ ڏينهن تائين محسوس ٿيندو آهي. ڊاڪٽر آڪاش جي وطن سان محبت جو اظهار ۽ ماروئڙن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف جنگ جوٽڻ هن جا لفظ نئين راهه ڏيندا هئا، جيئن هنن سٽن ۾ بيان ڪيل آهي “تنهن کي چئو منهنجي نگري مان نڪري وڃي.”
سندس شاعري سادي، پر گهري هئي. جڏهن هو محبت بابت لکندو هو ته اهڙي لڳندي هئي ڄڻ محبت پاڻ ڳالهائي رهي هجي. “الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون” وغيره شامل آهن جڏهن هو سماجي ظلم، جبر يا اڻبرابري جي باري ۾ لکندو هو ته سندس لفظ باهه ۽ سچائي سان ڀرپور هوندا هئا. آڪاش صاحب لاءِ شاعري فقط تفريح نه هئي، پر ذميواري هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو ۽ منهنجو تعلق ناليواري صحافي اظهار سومرو ذريعي ٿيو. ان وقت مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو هئس. عوامي آواز سکر بيورو آفيس ۾ سينيئر صحافي پياري مجيد نواز مغل وٽ ويهندو هئس، ان ڏانهن فون آئي ۽ حيدرآباد مان اظهار صاحب ڊاڪٽر آڪاش سان فون تي رابطو ڪرايو ۽ ائين جولائي 1996 کان جڏهن سندس اخبار روزاني سوال حيدرآباد ۾ سکر لاءِ بيورو چيف مقرر ٿيس ان کانپوءِ پي ٽي سي ايل فون وسيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري ايتري محبت ڏني جو ساڻس تعلق اخبار بند ٿيڻ باوجود برقرار رهيو. ڊاڪٽر جي دردناڪ وڇوڙي جي خبر جيُءُ جھوري ڇڏيو. ڪيترا ڏينهن اعتبار نه پئي ٿيو ته ڊاڪٽر آڪاش هن دنيا ۾ ناهي. جڏهن ڊاڪٽر آڪاش جي جيري جو آپريشن ٿيو ته سندس ڪمزوري تمام وڌي وئي هئي. ان وقت سمورن چاهيندڙن کي سندس حياتيءَ جي ڳڻتي هئي، پر رب کيس ٻي زندگي ڏني ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق جاري رکندو آيو. هو زنده دل حساس انسان هو تعلق نڀائڻ جو ماهر ماڻهو هو، وڇوڙي واري ڏينهن کان اڳ جيتريون به عيدون آيون ان ڏينهن مان پاڻ يا ڊاڪٽر صاحب فون ۽ پوءِ موبائيل فون تي ضرور هڪ ٻئي کي عيد مبارڪ ڏيڻ ۾ پهل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، سال 2000 ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ نامياري صحافي ڀائو اقبال ملاح جي حيدرآباد پريس ڪلب جي ڇت تي شادي تقريب ۾ پنهنجي دوست رضا حسين قريشي سان گڏ آيو هئس ته ٻي ڏينهن پھريون ڀيرو بدين وڃي ڊاڪٽر صاحب سان بدين ايڪسري تي يادگار ملاقات ٿي ۽ بعد ۾ سندس دوست ڊاڪٽر بچل ميمڻ جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر وٺي وڃي مانجهاندو ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل محبت جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي برقرار رهندي ايندي. ڊاڪٽر آڪاش شاعر، صحافي، ليکڪ، اديب، دانشور ۽ محب وطن انقلابي اڳواڻ جو ڪردار به سٺي نموني نڀايو. پاڻ هڪ علمي شخصيت پڻ هو. هن تعليم، تحقيق ۽ تدريس ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر ڪڏهن به علم کي غرور نه بڻايو. هو نهايت سادو، ملڻسار ۽ محبت ڪندڙ انسان هو. نوجوان شاعرن لاءِ هو استاد به، دوست به ۽ همت وڌائيندڙ به هو. ڪيترائي اڄ قلم سان لکندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن وقت آڪاش صاحب کين چيو: “لکندا رهو، توهان جا لفظ قيمتي آهن.”
سندس اوچتو وڇوڙو اسان لاءِ وڏو صدمو هو، پر وڏا ماڻهو جسماني طور وڃڻ کانپوءِ به پنهنجن لفظن، فڪر ۽ اثر ذريعي زنده رهندا آهن. اڄ سندس پهرين ورسيءَ تي اسان جو فرض آهي ته سندس ڏنل فڪري ورثي کي اڳتي وڌايون. سندس شاعري پڙهون، پڙهايون ۽ پنهنجي زندگي ۾ سچ، محبت ۽ همت کي جاءِ ڏيون، ڇاڪاڻ ته اهي ئي سندس بنيادي پيغام هئا. هو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو، پر هو ختم ناهي ٿيو. هو هر ان دل ۾ زنده آهي، جيڪا سچ سان ڌڙڪندي آهي، هر ان زبان تي زنده آهي، جيڪا محبت جا لفظ ادا ڪري ٿي ۽ هر ان قلم ۾ زنده آهي، جيڪو بي ڊپو ٿي لکڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر آڪاش ، اوهان کي سلام، اوهان جو لفظ، اوهان جو فڪر، هميشه اسان سان گڏ رهندو.
15 فيبروري 2025 تي ڊاڪٽر آڪاش جي دردناڪ ۽ اوچتي وڇوڙي تي مون کان 17 فيبروري تي لفظن جي ڀيٽا لاءِ هي سٽون لکجي ويون:
“ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو
پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو
هو پيار، محبت ۽ انقلاب جو قائل هو
تڏهن ته هر ماڻهو ان ڏانهن مائل هو
ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو
پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو
گيتن نظمن شعرن،۽ تقريرن وسيلي
جاڳائيندڙ جنوني جاني کي جلايو ويو
سنڌ کي ڪري ويو هاڻ هو سوڳوار
دشمن ٻڌندو سدائين هن جي للڪار
ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو
پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري (اصل نالو الله بخش انصاري) هن 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. سندس والدہ جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي. ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ تعليم بدين مان حاصل ڪئي. 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪيو. هن 2002ع ۾ رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هو شروعات ۾ عوامي تحريڪ جو باني اڳواڻ هو بعد ۾ هن پنهنجي طريقي سان سياسي، سماجي، صحافتي ۽ ادبي مورچن تان سنڌ جي ماروئڙن لاءِ هر هڪ شعبي ۾ جدوجهد جا جوهر ڏيکاريا. استاد محمد يوسف، صادق فقير، سرمد سنڌي، صنم ماروي ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن ۽ نوجوان راڳين سندس شاعري کي ڳايو ۽ ڳايو وڃي ٿو،
سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب “ڪيئن رهان جلاوطن” (اٺ ايڊيشن)، “اڌورا اڌورا” (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave hearts of tomorrow (2021)جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم “بدين رورل ڊيولپمنٽ” ٺاهي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي ٺاهيل جديد اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي. 14 فيبروري محبت جي عالمي ڏينهن کان هڪ ڏينهن بعد 15 فيبروري 2025ع تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ کان وڇڙي ويو. سندس موت کي شروعاتي طور تي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ قرار ڏنو ويو، پر بعد ۾ پوليس جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪيو ويو هو. سندس هنج ورتل پٽ لطيف انصاري کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ 27 جنوري 2026 تي عدالت طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، پر مون سميت ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب سان محبت ڪندڙن ماڻهن کي اهو خدشو ستائيندو رهي ٿو ته ايڏي وڏي شخصيت کي هنج ورتل پٽ رڳو ملڪيت يا انتقامي سوچ جي ڪري قتل نٿو ڪري سگهي يا کيس قتل لاءِ سهولت ڪاري ڪرائي وئي هجي. ڊاڪٽر صاحب جي قتل پويان ٻيا معاملا به ٿي سگهن ٿا ڇو ته هو ڪو معمولي ماڻهو نه هو، هن آخري وقت ۾ جنهن طريقي سان پنهنجي مختلف تقريبن ۾ “ٻڌايو فتوا فروشن جي پيشوائن کي” پڙهيل نظم سان طاقتور قوتن جي بي حسي واري ظلم کي للڪاريو اهڙي جرئت ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ٿيندي آهي، جيئن شعر آهي ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي يا خوابن تان هٿ نه کڻجو. يعني مزاحمت کان منهن نه موڙجو، مونکي لڳي ٿو ته هڪ گهري منصوبا بندي هيٺ بظاهر پٽ، پر ٻين طاقتن ڊاڪٽر صاحب کي شهيد ڪيو آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جيڪي ڊاڪٽر صاحب جا دوست، نياڻي ميران ۽ ٻين مٽن مائٽ ڪيس جي پيروي ڪئي، ان سوچ سان به جائزو وٺن ۽ قاتل جي منصوبابندي ڪندڙن کي وائکو ڪن. ڊاڪٽر صاحب جي نياڻي اسان جي ڀائيٽي ميران آڪاش انصاري پاران پنهنجي بابا جي وڇوڙي بعد سندس شاعري کي جهرجهنگ پهچائڻ وارو ڪم جاري رکيو آهي. هن يادگار ڪميٽي پڻ ٺاهي آهي ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پئي. رب پاڪ کيس پنهنجي امان ۽ پناهه ۾ رکي ۽ شهيد ڊاڪٽر آڪاش کي جنت الفردوس ۾ وڏو مقام نصيب فرمائي ۽ اسان سڀني کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.