ايڊيٽوريلنئون

ايم-9 تي ڪاٺوڙ جهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ عوام ڇا ڪري سگهي ٿو؟

تاريخ 13 فيبروري 2026 تي حيدرآباد M-9 موٽروي تي هڪ آئل ٽينڪر ۽ مسافر بس وچ ۾ هڪ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 12 مسافر پنهنجون قيمتي جانيون منزل مقصود تي پهچڻ کان اڳ ئي وڃائي ويٺا ۽ 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ۽ بچي ويل مسافر هميشه وانگر خوف ۽ نااميديءَ جو شڪار ٿي ويا. اهو واقعو ڪاٺوڙ ڀرسان ڊي ايڇ اي سٽي وٽ چئن گاڏين ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو. قومي ميڊيا جي هڪ صحافي سر زمين تان بيهي لائيو رپورٽنگ ڪندي ٻڌايو ته مسافر بس جو ڊرائيور جنهن پنهنجو وقت ۽ پيٽرول جا چند رپيا بچائڻ لاءِ غلط موڙ ورتو ۽ لنڪ روڊ کان غلط پاسي کان اچي رهيو هو ۽ اهو آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي ويو. نتيجي ۾ ڪيترو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ انهن ماڻهن جي اندر جيڪي بس جي ذريعي يا وينن جي ذريعي ڪراچي کان حيدرآباد يا حيدرآباد کان ڪراچي ايندا ويندا رهن ٿا، پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن ٿا، انهن جو ڀروسو اڃان وڌيڪ ٽٽي پيو. ڇو ته انهن کي خبر آهي ته انهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جيڪو قانون موجود آهي اهو ڪٿي دفترن ۾ فائيلن جي هيٺيان دٻيل پيو آهي ۽ قانون جا رکوالا جن کي M-9 تي پيٽرولنگ ڪرڻي هئي اهي اتي موجود نه هئا، ان ڪري اهڙا حادثا ماضيءَ ۾ به ٿيا آهن ۽ اهڙا حادثا مستقبل ۾ به رونما ٿيندا جن کي روڪڻ وارو قانون متحرڪ نظر نٿو اچي. پاڪستان ۾ ٽريفڪ قانونن ۽ سزائن جو معاملو تمام گهڻو منجهيل آهي قانون موجود هوندي به ٽريفڪ جي قانونن تي عمل نه ڪندڙ ڊرائيورن کي سزائن جي شرح تمام گهٽ آهي.

خاص طور تي آئل ٽينڪرن جا مالڪ باقائده هڪ مافيا طور ڪم ڪن ٿا يا مسافر ڪوچ جا مالڪان به انهيءَ مافيا جو حصو بڻيل آهن، جن تي قانون هٿ وجهي نٿو سگهي. جڏهن اهي ڪنهن به حادثي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ قانون جي هٿ ور چڙهن ٿا ته مالڪ انهن کي بچائڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪري انهن کي قانون جي گرفت کان بچائي وٺن ٿا. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ غلط رستي تي گاڏي هلائڻ تي سزا طور ڊرائيور جو لائسنس مستقل طور منسوخ ٿي وڃي ٿو، گاڏيون ضبط ٿي وينديون آهن. ان کان علاوه انهن جي مٿان وڏا جرمانه پوڻ سبب جن جي ڪيسن جي شنوائي کي روڪڻ وارو ڪوبه طاقتور ماڻهو اڳيان ناهي ايندو، انهيءَ خوف جي ڪري هر فرد کي جيڪو گاڏي هلائي ٿو ان کي پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکي قانون جي پابندي ڪرڻ هڪ مجبوري بڻجي وڃي ٿي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ يا گڊس ٽرانسپورٽ جا ڊرائيور ان ذهني ڪيفيت ۾ هوندا آهن ته سندن غلطي ذاتي غلطي نه بلڪه ڪمپني جي غلطي هوندي ۽ ڪمپني انهن کي بچائي وٺندي، جيڪو تصور بلڪل درست آهي، پر عوام جو هڪ جاني، مالي خاندانن جي ڪمائيندڙن جي جانين جو نقصان ان جو پورائو ڪير ڪندو. ڇا اهي قانون جا محافظ ڪندا جيڪي ذميدار آهن ته انهن کي هنن رستن تي پيٽرولنگ ڪري اهڙن حادثن کي روڪڻو آهي يا وري اسان جا اهي جج صاحبان ڪندا جيڪي اهڙن ڪيسن جون ڪجهه ٻڌڻيون ڪري پوءِ انهن ڊرائيورن کي ضمانتون ڏئي وري هڪ ڀيرو هڪ خوفناڪ راند کيڏڻ لاءِ رستن تي اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن؟ مسافر بس ۾ ويٺل هڪ مسافر کي به پنهنجو اکيون کولي سفر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان مان هر فرد جو آواز انتهائي اهم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان ان کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جڏهن بس ۾ ويٺل مسافر پنهنجي بس جي ڊرائيور کي ڪابه غلطي ڪندي ڏسن يا غلط روٽ اختيار ڪندي ڏسن يا ڪنهن به ٽريفڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسن ته انهن جي به ذميداري آهي ته اهي پنهنجو آواز بلند ڪن، ڊرائيور کي اٿي بيهي سڏ ڪري روڪين يا ڊرائيور کي بس بيهارڻ لاءِ مجبور ڪن ته پوءِ بس جو ڊرائيور غلط روٽ وٺڻ جي همت ڪڏهن به نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اسان مان اتي ويٺل مسافر هڪدم ان ڊرائيور جي  غلط رستي تي ڊرائيونگ ڪرڻ دوران وڊيو ڪڍي ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪن يا موٽروي جي پوليس کي فون ڪري اطلاع ڪن تڏهن  به اهڙا حادثا گهٽ ٿي سگهن ٿا، پر ان جي باوجود به اها ذميداري موٽروي پوليس جي آهي ته اهي M-9 تي سفر ڪندڙ هر مسافر جيڪو ڪنهن به گاڏيءَ ۾ سوار ٿي سفر ڪري رهيو آهي ان تي پنهنجي نظر رکن ته ڪٿي اهو قانون جي خلاف ورزي ته نه ڪري رهيو آهي. موٽروي پوليس کي جديد سي سي ٽي وي ڪئمرائون ۽ سينسر استعمال ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪا گاڏي غلط رستي تي اچي ته فورن الارم وڄي وڃي ۽ ويجهو پيٽرولنگ گاڏيءَ کي ان جي خبر پئجي سگهي. موٽروي جي هر انٽر چينج ۽ ڪٽ تي اهڙيون ڪئمرائون هجڻ گهرجن، جيڪي غلط ايندڙ گاڏي کي فورن سڃاڻي وٺن سندن نمبرن پليٽن جا فوٽو نڪري وڃن ۽ هڪدم قانون جي گرفت ۾ اچي سگهن. ان کان علاوه سڀني مسافر بسن ۽ آئل ٽينڪرن ۾ جي پي ايس لازمي لڳائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ڊرائيور مقرر ڪيل رفتار کان وڌي ٿو يا غلط رستو وٺي ٿو ته ان جي مالڪ ۽ موٽروي پوليس کي فورن مئسيج هليو وڃي.

سڌريل ملڪن وانگر هتي به هر ڊرائيور جي لائسنس تي پوائنٽس هجڻ گهرجن ٻن کان وڌيڪ غلطين تي ڊرائيور جو لائسنس هميشه جي لاءِ منسوخ ٿيڻ گهرجي. ان کان علاوه هن وقت اسان جي M-9 جي ٻنهي پاسن کان لڳل فينس يا حفاظتي جنگلا تمام ڪمزور ۽ M-9 جي معيار مطابق ناهن، ان جي ذميدارن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي جن جي غلطين جي ڪري مسافر بسن مان پلين هيٺ ڪرن ٿا. هر بس ۾ هڪ ايمرجنسي بٽڻ يا واضح نمبر لکيل هجي جنهن تي مسافر ڊرائيور جي شڪايت ڪري سگهي ۽ پوليس اڳئين ٽول پلازه تي ان کي روڪي چيڪ ڪري سگهي. پاڪستان 80 سالن جو هڪ ضعيف ملڪ ٿي چڪو آهي. ڇو ته هن طاقت وٺڻ بجاءِ پنهنجي عمر سان گڏوگڏ پنهنجي طاقت کي بيجا ذيان ڪيو آهي. عوام جي ڀروسي کي ڪٿي به مضبوط ناهي ڪيو. ڪوبه ادارو ان قابل ناهي جيڪو عوام جي خدمت دل و جان سان ڪرڻ جي قابل هجي، عوام جي پئسن تي هلندڙ هر ادارو عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ انهن ادارن جي مالڪن ۽ حڪمران طبقي جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ عوام ٽيڪس ڏيندي به پنهنجون جانيون ضايع ڪري رهيو آهي ته ٻيا مالي نقصان به برداشت ڪري رهيو آهي. جڏهن صورتحال اهڙي هجي ته پوءِ اسان کي مسافر ڪوچ ۾ سوار ٿيڻ وقت خاموش تماشائي بنجڻ بجاءِ پنهنجون اکيون کولي ويهڻو پوندو. جيڪڏهن ٻيو ڪو انتظام نه هجي ته اسان کي ڊرائيور کي هڪل ڪري گاڏيءَ کي اتي ئي بيهارڻ جي گهر ڪرڻي پوندي ۽ سڀني مسافرن کي گڏجي ان گاڏيءَ مان لهي ان مسافر بس جي ڊرائيور کي ٻڌي پوليس جي حوالي ڪرڻو پوندو، جيستائين عوام پنهنجن حقن لاءِ ايئن بيدار نه ٿيندو تيستائين عوام جون جانيون ايئن ئي رستن تي ضايع ٿينديون رهنديون، ٻن مهينن جا معصوم ٻار مائرن جي ڪڇ مان ڪري مرندا رهندا.