بلاگنئون

ناول قسط پهرين: وحـشي

شروعات:

مان ان شخص جي جيون جون ٽي تصويرون ڏٺيون آهن.

پهرين تصوير کي توھان ننڍپڻ جي تصوير چئي سگهو ٿا، ان تصوير ۾ ھو ڏهن سالن جي عمر جو ننڍو ٻار نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ھن جي چوڌاري عورتن جو ھجوم آھي. انهن عورتن ۾ سندس ڀينرون، سئوٽون ماساتون ۽ پڦاٽون شامل آھن. هو هڪ باغ جي تلاءَ جي ڪناري تي، ھڪ لڪيرن واري پتلون ۾ بيٺو آهي. هن جو مٿو ٽيهه ڊگرين تي کاٻي پاسي جهڪيل آهي ۽ واڇون ٽيڙي، بيڪار طريقي سان کلڻ سبب، سندس  ڏند صاف نظر اچن ٿا. توهان شايد لفظ “بيڪار” تي سوال پڇي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته بي حس ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي پنهجي راءِ ڏيندا ته “ڪيترو نه پيارو ٻار آھي.”، پر اھا سندن ڪمزرو ۽ بيوقوفاڻي راءِ ھوندي آھي. حقيقت اھا آھي ته، ھو خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جي معاملن کان لاتعلق ھوندا آهن. اھا ڳالهه به بلڪل صحيح آهي ته عام طور تي لفظ “پيارو” واري راءِ ان ڪري به ملندي آھي ته اھا ڪشش ٻار جي چهري ۾ ڪافي حد تائين موجود ھوندي آهي ته جيئن سندس تعريف کي ٿوري اھميت ملي سگهي، پر مان سمجهان ٿو ته هر اھو شخص، جنهن کي اھا خبر ھوندي ته اصل خوبصورتي ڇا ٿيندي آھي ته اھو گهڻو ڪري ان تصوير کي هڪ پاسي ائين اڇلائي ڇڏيندو، جيئن ميوي مان ڪنهن ڪيڙي کي آسانيءَ سان ڪڍي اڇلائي ڇڏبو آھي ۽ سخت ناراضگيءَ ۾ بڙ بڙ ڪندي چوندو، “ڪيترو نه ڀوائتو ٻار آھي!”

دراصل، توهان ٻار جي مسڪرائيندڙ چهري کي جيترو غور سان ڏسندؤ، ايترو ئي توهان کي وحشت ٿيندي. توهان کي خبر آھي ته اصل ۾ اھو نه مسڪرائيندڙ چهرو آهي، ۽ نه ئي سندس منهن تي مسڪراهٽ آهي. جيڪڏهن توهان کي ثبوت کپي ته سندس  ڀڪوڙيل مٺين کي ڏسو. ڪوبه ماڻهو مسڪرائڻ وقت ائين مٺيون ڪونه ڀڪوڙيندو آھي. صرف باندر ئي اھڙي نموني واڇون ڇڪي کلندا آھن. اھڙي مسڪراهٽ کي بدنما گهنج ئي چئي سگهجي ٿو. اھا تصوير بلڪل عجيب آھي ۽ تصوير ڏسڻ ۾ ايتري قدر بيوقوفاڻي، ناپاڪ ۽ ان کان وڌيڪ ڪراھت واري آھي، جو توهان اھا راءِ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندؤ ته، “ڪيترو نه گهنجيل ۽ بدصورت ٻار آھي!” مان ان کان اڳ اھڙو بدشڪل ٻار ناھي ڏٺو.

ٻئي فوٽو ۾ اھو چهرو پهرينءَ تصوير جي بلڪل ابتڙ آھي، جنهن ۾ هو شاگرد نظر ٿو اچي، پر اهو واضح ناهي ته اها تصوير هاءِ اسڪول جي آھي يا ڪاليج جي ڏينهن جي آهي. بهرحال، هو هاڻي بيحد خوبصورت پيو لڳي، پر چهري مان ھو زنده انسان بلڪل به نٿو لڳي. هو يونيفارم ۾آھي، سندس اڳئين کيسي مان هڪ اڇو رومال ٻاھر نڪتل آهي. هو ھڪ واڻيل ڪرسيءَ تي ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو آهي. هن تصوير ۾ به ھو مسڪرائي رهيو آهي، پر ھاڻي، سندس مرڪ باندر جهڙي ناھي. سندس مرڪ ۾ چالاڪي آهي. ھن جي اھا مرڪ ڪنهن انسان جي ڪونه ٿي لڳي. ان ۾ ڪنهن شيءِ جي ڀرپور ڪمي آھي. شايد اھا شيءِ، جنهن کي اسان ڏک يا پريشاني يا وري “انساني زندگيءَ جو استحڪام يا قوت” چئي سگهون ٿا… پر ان مسڪراھٽ ۾ ته ذري برابر به سگهه ناھي، اھا ڪنهن صاف پني يا ڪنهن پکيءَ جي کنڀن وانگر ھلڪڙي آھي. مختصر طور تي، ان تصوير ۾ ڀرپور ڏيکاءُ آھي. ٺڳي، بي ايماني، بيوقوفي… انهن مان ڪوبه لفظ ان جو پورائو نٿو ڪري سگهي ۽ توھان ان کي رڳو ظاھري نمائش سمجهي، ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿا ڪري سگهو، پر حقيقت ۾، جيڪڏهن توهان غور سان ڏسندؤ ته توهان کي هن خوبصورت نوجوان ۾ ڪافي اڻوڻندڙ ۽ عجيب شيون محسوس ٿينديون. مان اھڙي عجيب شڪل وارو نوجوان اڳ ڪڏھن ناھي ڏٺو.

آخري تصوير سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ آهي. ان مان عمر جو اندازو لڳائڻ بلڪل ناممڪن آهي، ھن جا وار گهڻي ڀاڱي اڇا نظر اچي رھيا آھن. اها تصوير بلڪل ئي ڪنهن گندي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ورتي وئي ھئي. (توهان کي تصوير مان صاف نظر ايندو ته ڀت ٽن هنڌن تان ٽٽل آهي). هن جون ٻانهون سيني تي ورايل آھن. ھن تصوير ۾ هو مسڪرائي ڪونه ٿو، نه ئي سندس منهن تي ڪو اھڙو ٻيو تاثر آھي. دراصل، ھيءَ تصوير پريشان ڪندڙ ۽ ڀوائتي ٿي لڳي. هن جا هٿ ڪنهن هيٽر ڏانهن وڌايل آھن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ھي فوٽو سندس مرڻ وقت ورتو ويو ھجي. ھن بابت صرف اھا ئي حيران ڪندڙ ڳالهه ناھي. تصوير ۾ مٿو ڪافي وڏو ڏيکاريل آھي ۽ سندس مهانڊن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته نرڙ ۽ ان جا گهنج پورا پنا، اکيون، نڪ، وات، کاڏي… چهرو نه رڳو احساسن کان خالي آھي، پر ان ۾ ياد رکڻ جهڙي ڪا شيءِ به ناھي. ان ۾ ڪا الڳ ۽ نئين ڳالهه ناهي. ان چهري کي وسارڻ لاءِ مونکي رڳو اکيون بند ڪرڻيون پونديون آهن. مونکي ڪمري جي ڀت ۽ ننڍڙو هيٽر ياد آھي، پر ان ڪمري ۾ ان اھم شخصيت جي چهري جا سڀ تاثر ميٽجي ويا آهن. مونکي ان جي هڪ به شيءِ ياد ناھي. هي چهرو نه ڪڏهن مصوريءَ جو نه ئي وري خاڪن/ڪارٽونن جو موضوع بڻجي سگهيو آھي. اکيون کولڻ سان، ڪنهن به شيءِ کي ياد ڪرڻ جي ڪا خوشي به نٿي ٿئي. بيشڪ ھي ته اھڙي ئي قسم جو چهرو هو! جيڪڏھن انتهائي سخت لفظن ۾ بيان ڪجي؛ جڏهن مان اکيون کولي، تصوير کي ٻيهر ڏسان ٿو ته مونکي پوءِ به ڪجهه ياد نٿو اچي. ان کانسواءِ، ان چهري کي ڏسڻ سان ايتري بي آرامي ۽ بيزاري ٿئي ٿي جو ان تان نظرون ھٽائي ڇڏيان ٿو.

منهنجي خيال ۾ موت جي چادر ۾ به ان کان وڌيڪ تاثر ھوندا آھن ۽ اھو، وڌيڪ يادون ڇڏي ويندو آھي. ھي ان انساني مجسمي وانگر آھي، جنهن سان گهوڙي جي منڍي ڳنڍيل هوندي آھي ۽ اھو ڪو خاص مطلب ظاھر نه ڪندو آھي، پر ان ۾ ڪا اهڙي گهري ڳالهه ھوندي آهي، جيڪا ڏسندڙن کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيندي آھي. خير، مان ڪڏهن به ڪنهن به مرد جو اهڙو سمجهه ۾ نه ايندڙ چهرو ڪونه ڏٺو آهي.

پهريون نوٽ بڪ

منهنجي زندگي ڏاڍي شرمناڪ ۽ بدناميءَ واري رھي آهي. مون کي ان ڳالهه جو اندازو ئي ناهي ته انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت ھوندي آھي. مان اتر اوڀر جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيس ۽ مان ڪافي وڏي ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ريل ڏٺي ھئي. مان اسٽيشن جي پل تي چڙھي وري ھيٺ لهي ايندو ھئس. مونکي ان ڳالهه جي خبر ئي نه ھئي ته ان پل جو ڪم، ماڻهن کي ھڪ ٽريڪ کان ٻئي ٽريڪ تي وڃڻ ۾ مدد ڪرڻ ھو. مونکي بس اھا خبر ھئي ته ھن پل کي منفرد سونهن پيش ڪرڻ ۽ ريلوي اسٽيشن کي ٻاھرين ملڪن جي راندين جي ميدان وانگر وڻندڙ ۽ رنگارنگي بڻايو ويو آھي. مان ڪافي عرصي تائين ان ئي گمان ۾ رهيس ۽ پل تي لهڻ چڙھڻ، منهنجي لاءِ هڪ بهترين تفريح هئي. مان اهو سمجهندو ھئس ته اھا پل ريلوي طرفان مهيا ڪيل سڀ کان وڌيڪ اھم سهولتن مان هڪ آھي، پر جڏھن مون کي اھا خبر پئي ته پل ھڪ فائديمند شيءِ کانسواءِ ڪجهه ناھي ته ان مان منهنجي دلچسپي ختم وئي.

ٻيهر، جڏهن مان زيرِ زمين ھلندڙ ريل گاڏين جون تصويرون ڏٺيون هيون، تڏهن مونکي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو هو ته اهي واقعي ۾ ڪنهن ضرورت جي سبب ايجاد ڪيون ويون آهن. مان صرف اهو ئي سمجهندو ھئس ته زمين تي سواري ڪرڻ بدران زمين اندر سرنگهن مان سواري ڪرڻ منفرد ۽ خوشگوار تفريح ھوندو.

مان ننڍپڻ کان ئي بيمار رھڻ سبب، اڪثر بستري تائين محدود رهيو آهيان. بستري تي سمهڻ مهل مان اڪثر سوچيندو هئس ته بيڪار چادرن ۽ وھاڻن جي ڇِوُن کي سينگارڻ جي ڪهڙي ضرورت ھوندي آھي. ويهن سالن جي عمر تائين خبر ئي نه ھئي ته انهن جو ڪو حقيقي ۽ با مقصد استعمال به ٿي سگهي ٿو ۽ انسان جي اھڙي اڻ ڄاڻائي مون ۾ شديد پريشانيءَ کي جنم ڏنو.

بکيو ھجڻ ڇا ٿيندو آهي، مونکي اھا خبر ئي نه ھئي. ان جو مطلب اهو ناهي ته منهنجي پرورش ڪنهن امير خاندان ۾ ٿي آهي… منهنجو اهڙي فالتو لٻاڙ ھڻڻ جو ارادو به ناهي. منهنجو مطلب ته اهو آهي ته مونکي “بُک” جي نوعيت جو احساس ئي نه هو. ائين چوڻ ته عجيب ٿو لڳي، پر مونکي اھو ياد به ناھي ته مان ڪڏھن بکيو به رھيو ھجان. ننڍي ھوندي، جڏھن مان اسڪول کان واپس گهر ايندو ھئس ته گهرڀاتي مونکي بيزار ڪري ڇڏيندا هئا. “اسڪول مان ھن وقت آيو آھين، توکي ضرور بک لڳي ھوندي. جيلي بينز، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ وغيرہ کائيندين؟” ھميشه وانگر کين خوش ڪرڻ لاءِ، مان آھستي چوندو ھئس ته مونکي بک لڳي آھي ۽ پنهنجي وات ۾ ڊزن کن جيلي بينز وجهي ڇڏيندو ھئس، پر “بکيو ھجڻ” مان جيڪو سندس مطلب ھو، اھو منهنجي سمجهه کان ٻاھر ھو.

يقينن مان تمام گهڻو کائيندو آهيان، پر ايئن ناھي ته مان بک لڳڻ ڪري کائيندو ھجان، پر منفرد يا وافر مقدرا ۾ رکيل شيون مونکي ھرکائينديون آھن. مان جڏهن به ڪنهن جي گهر ويندو آھيان، مان پنهجي اڳيان رکيل تقريبن هر شيءِ کائي ويندو آھيان، جيتوڻيڪ ان ۾ ٿوري محنت ڪرڻي پوندي آھي، پر اھو سچ آھي ته پوري ڏينهن ۾، مانيءَ جو وقت منهنجي لاءِ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو ھو ۽ اھو به منهنجي پنهنجي ئي گهر ۾.

اسان گهر جا ڏھه ڀاتي گڏجي، ميز تي آمهون سامهون ٻن قطارن ۾ ويهي ماني کائيندا ھئاسين. گهر ۾ ننڍو ٻار ھئڻ ڪري مان بلڪل آخر ۾ ويهندو ھئس. کائڻ واري ڪمري ۾ اونداھه ھوندي ھئي ۽ گهر جي ڏهن ڀاتين جو گڏجي، اداس خاموشيءَ ۾ ويهي، ماني کائڻ وارو منظر مونکي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي ھوندو ھو. ان کان علاوه، هي هڪ پراڻي طرز جو ڳوٺاڻو گهر ھوندو ھو، جتي کاڌو ٿورو يا گهڻو مقرر ٿيل هو. کاڌي جو منفرد يا وري وافر مقدار ۾ ھجڻ جي اميد رکڻ به بيڪار هئي. مان هر روز مانيءَ جي وقت وڌيڪ ڊڄي ويندو ھئس. مان ٽيبل جي پڇاڙيءَ ۾ ھلڪڙي روشنيءَ واري ڪمري ۾ ويهي رھندو ھئس ۽ ٿڌ وگهي پيو ڏڪندو ھئس. مانيءَ  جا چند ئي گراھه کائيندو ھئس. “انسان کي ھر روز ٽي وقت ماني ڇو کائڻ گهرجي؟ ماني کائڻ وقت ماڻهو ايڏو سنجيدہ ڇو ٿي ويندا آھن. ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته اھا ھڪ قسم جي رسم هجي. روزانو ٽي دفعا مقرر ڪيل وقت تي گهر ڀاتي ان اداس ڪمري ۾ گڏ ٿيندا آھن. ويهڻ جون سڀ جايون مناسب نموني ترتيب ڏنل ھونديون آھن. ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ جي بنا ته اسان کي بک آهي يا نه، بس اسان خاموشيءَ سان، اکيون هيٺ ڪري کاڌو کائيندا آهيون. ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته اھو گهر ۾ لڪيل روحن کي ريجهائڻ جو ڪو عمل ھجي.” ڪڏهن ڪڏهن مان اهڙين ڳالهين بابت تمام گهڻو سوچيندو هئس.

چوڻي مشهور آهي ته کائو يا مري وڃو، پر اھا ڳالهه مونکي ڪنهن شديد خطري وانگر لڳندي ھئي. تنهن هوندي به مان سمجهان ٿو ته هن وهم مون ۾ ھميشه شڪ ۽ خوف کي وڌايو آھي. مون لاءِ ڪجهه به سمجهڻ ايترو ڏکيو، حيران ڪندڙ ۽ ساڳئي وقت ايترو خوفناڪ آوازن سان ڀريل نه هو، جيئن ھڪ عام چوڻي آھي ته، “انسان روزي ڪمائڻ لاءِ محنت ڪندو آھي، ڇو ته، جيڪڏھن اهي نه کائيندا، ته مري ويندا.” ٻين لفظن ۾، توهان اهو چئي سگهون ٿا ته مونکي اڃان تائين ان ڳالهه جي خبر ئي ناھي ته انسان کي ڪهڙي شيءِ رت چوسڻ وارو ڪيڙو بڻائي ڇڏيندي آھي. جڏهن مونکي خبر پئي ته خوشيءَ بابت منهنجو تصور سڀني ٻين جي تصورن کان بلڪل مختلف آهي، تڏهن مونکي جيڪا پريشاني ٿي، اها ايتري ته شديد هئي، جو مان پوري رات بيچينيءَ مان پاسا ورائيندي گذاريندو ھئس. اھا پريشاني مونکي سچ ۾ چريو ڪري ڇڏيندي ھئي. مان سوچيندو ھئس ته جيڪر مان واقعي خوش ھجان. ماڻهن مونکي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو آهي ته مان ننڍڙي ھوندي کان ئي خوش نصيب آهيان، پر مونکي ھميشه ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته مان ڪنهن دوزخ ۾ هجان ۽ جيڪي مونکي خوش قسمت سڏيندا ھئا، اهي دراصل مون کان وڌيڪ خوش قسمت هئا.

مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مون تي ڏهن مصيبتن جو بار آهي، جن مان جيڪڏهن هڪ به منهنجي پاڙيسريءَ جي مٿان نازل ٿئي ھا ته اھا کيس خودڪشي ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي ھا.

مون کي بس سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ مون کي ايتري به خبر ناهي ته منهنجي پاڙيسريءَ جي مصيبتن جي نوعيت يا حد ڪيتري ٿي سگهي ٿي. عملي مشڪلاتن ۽ غمن کي ان صورت ۾ گهٽائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن کائڻ لاءِ مناسب خوراڪ ھجي… اھي عملي غم، شايد سڀني جهنمن کان وڌيڪ شديد هجن ۽ منهنجي ڏهن بدقسمتين کي ڌماڪي سان ذرا ذرا ڪرڻ لاءِ ڪافي هجن، پر اها ئي سچي ڳالهه آهي ته مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪڏهن منهنجا پاڙيسري چريو ٿيڻ ۽ مايوس ٿيڻ بجاءِ خودڪشي نه ڪن ۽ ڪنهن نه طريقي سان زنده رھن، ان سان گڏ سياسي پارٽين ۾ دلچسپي وٺن ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجي بقاءَ جي جنگ جاري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته پوءِ ڇا انهن جا غم واقعي حقيقي ٿي سگهن ٿا؟ ڇا منهنجي اها سوچ غلط آهي؟ ته اهي ماڻهو ايترا ته انا پرست ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معمول جا ايترو ته قائل آهن، جو هنن ڪڏهن به پاڻ تي ھڪ ڀيرو به شڪ ناهي ڪيو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ انهن جو تڪليفن کي برداشت ڪرڻ به آسان هجڻ گهرجي. اهي عام انسان آهن ۽ شايد انهن مان بهترين شخص ئي اميد ڪري سگهي ٿو. مونکي خبر ناهي… منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن توهان رات جو سٺي نموني ننڊ ڪئي آهي، ته پوءِ صبح پرلطف ھوندي آهي. انهن ماڻهن جا ڪهڙا خواب ھوندا آهن؟ اھي گهٽيءَ ۾ گهمندي ڇا جي باري ۾ سوچيندا آھن؟ پئسن جي باري ۾؟ نه اھو نٿو ٿي سگهي. مان ھڪ نظريو ٻڌو آهي ته انسان کائڻ لاءِ جيئرو رھندو آهي، پر مان ڪڏهن به ڪنهن کي اهو چوندي ناھي ٻڌو ته اهي پئسا ڪمائڻ لاءِ جيئرا آهن. بلڪل نه. ۽ اڃان تائين، ڪجهه حالتن ۾… نه، مونکي اها به خبر ناهي… مان جيترو ان باري ۾ سوچيندو آھيان،  اوترو ئي گهٽ سمجهي سگهندو آھيان. جيڪو مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو، ھي سڀ، ان سوچ جي سبب ڊپ ۽ دهشت جا دورا ٿي سگهن ٿا. مان اھو اڪيلو شخص آهيان، جيڪو پوريءَ طرح باقي ٻين ماڻهن کان مختلف ھوندو آهي. مونکي ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ  تمام ڏکيو لڳندو آھي. مونکي ڇا جي باري ۾ ڳالهائڻ گهرجي، اھو مان ڪيئن چوان؟… ان جي مونکي خبر ناهي.

ان ئي طريقي سان مان پنهنجي مسخريءَ کي ايجاد ڪري ورتو. انسانن ۾ محبت تلاش ڪرڻ جي اھا منهنجي آخري ڪوشش ھئي. جيتوڻيڪ مونکي ماڻهن کان شديد خوف ٿيندو ھو، تنهن هوندي به مان انهن جي سماج کي ڇڏي ڪونه پئي سگهيس. مان مٿاڇري طور مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اھا مرڪ منهنجي چپن تان ڪڏھن ختم نه ٿي ۽ مان اُھا ئي مرڪ ھميشه ٻين کي پنهنجو سمجهي مهيا ڪئي هئي. اھا هڪ ناپائيدار ڪاميابي ھئي، جيڪا مان پنهنجي اندر کي تڪليف ڏيڻ جي عيوض حاصل ڪئي ھئي. ننڍپڻ ۾ مون کي ھرگز به اھو خيال نه آيو هو ته ٻين يا منهنجي پنهنجي خاندان جي فردن کي ڪهڙي تڪليف ھوندي يا اهي ڇا سوچي رهيا آھن. مان رڳو پنهنجي ئي ناقابل بيان خوف ۽ شرمندگيءَ کان واقف ھئس. ان کان اڳ جو ڪنهن کي ان جو احساس ٿئي، مان هڪ ماھر مسخرو بڻجي چڪو هئس، مان ھڪ اھڙو ٻار ھئس، جنهن ڪڏھن به سچ جو ھڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو ھو.

مان غور سان ڏٺو آهي ته منهنجون اھي تصويرون، جيڪي ان وقت منهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ورتيون ويون هيون، تِن ۾ باقي سڀني جا منهن سنجيدہ آهن، جڏھن ته صرف منهنجي ئي منهن تي ھميشه هڪ خاص قسم جي مسڪراهٽ وکريل ھوندي آھي. اها مسڪراھٽ منهنجي ٻاراڻي يا دل سوز  حرڪتن جو هڪ ٻيو قسم آھي.

منهنجي خاندان وارا جيڪي چوندا ھئا، مان ڪڏهن به ان جو جواب نه ڏنو ھو. دڙڪا ۽ دھمان، کنوڻ بڻجي سيني ۾  چڀندا ھئا. جنهن سان سخت ڪاوڙ اچي ويندي ھئي. ڇا مان ان جي موٽ ڏيان! ان کان علاوہ، مون محسوس ڪيو ته انهن جا دڙڪا يقينن انساني سچائي جا آواز ھئا، جيڪي مان ماضي کان وٺي ٻڌي رھيو آهيان.

مون کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ھو ته مون ۾ انهيءَ سچائيءَ تي عمل ڪرڻ جي طاقت نه آھي، تنهنڪري مان انسانن ۾ رهڻ جي قابل ئي نه رھيو ھئس. ان سوچ مون کي دليلن ڏيڻ يا خود جوازيءَ جي قابل نه بڻايو. جڏهن به ڪو مون تي تنقيد ڪندو هو ته مون کي پڪ ٿي ويندي هئي ته مان ھميشه شديد غلط فهميءَ ۾ زندگي گذاري رهيو آهيان. مان ھميشه خاموشيءَ سان پاڻ تي ٿيل تنقيد کي قبول ڪيو. اندر ۾ ايترو ته ڊنل ھوندو ھئس، جو  چريو ٿي پئي سگهيس.

اهو سچ آهي ۽ مان سمجهان ٿو، ته ڪنهن کي پاڻ تي ڪيل تنقيد يا ڪاوڙ سٺي ناھي لڳندي، پر جيڪي ماڻهو مون تي ڪاوڙ ڪندا آھن، انهن جي چهرن ۾ مون کي ڪو وحشي جانور پنهنجي اصل روپ ۾ نظر ايندو آھي، جيڪو ڪنهن به شينهن، مانگر مڇ يا اجڳر بلا کان وڌيڪ خوفناڪ ھوندو آهي. عام طور تي، ماڻهو پنهنجي ان حقيقي روپ کي لڪائيندا آھن، پر هڪ اھڙو ڏينهن ايندو آھي، جنهن ڏينهن اھا ڪاوڙ يا غصو ماڻهوءَ کي ان دھشت جي سبب پنهنجي اصلي روپ ڏيکارڻ تي مجبور ڪندي آھي. ائين ئي، جيئن ڪو ڍڳو گاھه ۾ سڪون سان ويٺو ھجي ۽ اچانڪ سان ڪا ٻگهئي مک کيس پاسيرين ۾ ڏنگ ھڻي ۽ اھو ڍڳو ان مک کي مارڻ لاءِ پڇ ڦيرائيندو وٺي ڀڄي. اھو منظر ڏسڻ کانپوءِ، منهنجي اندر ايترو ته خوف پيدا ٿيندو آھي، جو منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويندا آھن ۽ جڏھن اھو خيال ايندو آھي ته اها فطرت انساني بقا لاءِ لازمي شرطن مان هڪ آهي، ته پوءِ مان تمام گهڻو مايوس ٿي ويندو آهيان.

مان ماڻهن اڳيان ڊپ سبب دھلجي ويندو آھيان. ھڪ عام انسان وانگر، مان پاڻ ۾ ڳالهائڻ ۽ عمل ڪرڻ جي صلاحيت جو ذرو به محسوس ڪونه ڪندو آھيان، تنهنڪري مان پنهنجي اڪيلائي جي اذيتن کي ھميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو. مان پنهنجي اداسي ۽ پريشانيءَ کي لڪائي رکيو ۽ ڪنهن کي به محسوس ڪرڻ ڪونه ڏنو. مان هڪ مثبت خيال رکڻ وارو انسان ٿيڻ جو بهانو ڪيو ۽ پوءِ مان آهستي آهستي ھڪ عجيب مسخري جو روپ اختيار ڪري ورتو.

مان سوچيو، “مون کي خبر ناھي ته ڪيئن، پر مان ماڻهن کي ھر لحاظ کان کلائڻ جو پڪو پھه ڪيو ۽ ان سان ئي مان خوش رھندس. جيڪڏهن مان ان ۾ ڪامياب ٿي ويس ته پوءِ ماڻهن جي زندگيءَ مان ڏور رھڻ سان کين ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو. بس ھڪڙي شيءِ جيڪا ضرور ڪرڻي آھي ته مون کي ماڻهن جي نظرن ۾ برو ٿي رھڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مان ڪجهه به نه هوندس، نه ھوا، نه آسمان.” مايوسيءَ مان جنم وٺندڙ، مسخري جي حيثيت ۾ منهنجون سرگرميون انهن نوڪرن لاءِ ھيون، جن کان مان پنهنجي خاندان کان به وڌيڪ ڊڄندو ھئس، ڇاڪاڻ ته مون کي اهي بي عقل لڳندا هئا.

اونهاري ۾ سوٽي ڪَمونو (ھڪ قسم جو جبو يا گائون، جاپان جو ثقافتي لباس) جي هيٺان ڳاڙهو اوني سوئيٽر پائي گهر ۾ گهميس ته سڀني کي کل اچي وئي. ايستائين جو منهنجو وڏو ڀاءُ، جيڪو مشڪل سان ئي مسڪرائيندو ھو، وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ بيحد پيار مان چيائين، “اهو توکي ايترو نٿو ٺهي، يَوزو!” پر پنهنجن سڀني بيوقوفين جي باوجود، مان ايترو به گرميءَ ۽ سرديءَ کان بي حس نه هئس، جو اونهاري جي تيز تپش ۾ به اوني سوئيٽر پائي گهمندو رهان. مان پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ جو پاجامو پنهنجي ٻانهن تي پاتو، ته جنهن وقت قميص جون ٻانهون مٿي ڪريان ته ماڻهن کي ائين لڳي، ته ڄڻ مان سوئيٽر پاتو آھي.

منهنجو پيءُ ڪم ڪار سانگي اڪثر ٽوڪيو ويندو ھو ۽ انهيءَ ڪري، ھُن شهر ۾ ھڪ گهر ورتو ھو. هو مهيني ۾ ٻه يا ٽي هفتا لڳاتار شهر ۾ گذاريندو هو. ھو نه رڳو گهر ڀاتين لاءِ، پر اسان جي مائٽن لاءِ به تمام ججهي تعداد ۾ تحفا وٺي ايندو ھو. ائين ڪرڻ سندس ھڪ قسم جو شوق ھوندو ھو. هڪ دفعي، ٽوڪيو وڃڻ کان ھڪ رات اڳ، هن سڀني ٻارن کي ويهڻ واري ڪمري ۾ گهرايو ۽ مسڪرائيندي اسان کان پڇيو ته هن ڀيري اسان کي ڪهڙو تحفو کپندو آهي. ھو هر ٻار جي جواب کي هڪ ننڍڙي ڪتاب ۾ غور سان نوٽ ڪندو ويو. پيءُ جو ٻارن سان ايترو پيار ڪرڻ تمام غير معمولي ڳالهه هئي.

“توهان کي ڇا کپندو آھي، يوزو؟” هن پڇيو، پر مان رڳو گهٻراھٽ مان ھٻڪندو رھيس.

جڏهن به مون کان اھو پڇيو ويندو ھو ته مون کي ڇا کپي ته منهنجو پهريون جواب ھوندو ھو ته “ڪجهه به نه.” منهنجو خيال ھوندو ته ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ڇوته ڪابه شيءِ مون کي خوش ڪرڻ واري نه هئي، پر ساڳئي وقت، جيڪڏھن ڪو مون کي ڪا شيءِ ڏيندو ھو ته مان قبول ڪري وٺندو ھئس. ڀلي اھا شيءِ منهنجي دل وٽان نه به ھجي، ڇاڪاڻ ته اھا منهنجي پيدائشي عادت ھوندي ھئي ته ڪنهن به شيءِ جو انڪار نه ڪندو ھئس. جڏهن مون کي ڪا شيءِ نه وڻندي ھئي ته مان اھو به نه چئي سگهندو ھئس، “مون کي اها پسند ناهي.” جيڪڏهن مون کي ڪا شيءِ پسند ھوندي هئي ته مان ان کي ڊڄي ڊڄي ۽ لڪي چکيندو هئس، ڄڻ ته اها تمام گهڻي ڪَڙي هجي. ٻنهي صورتن ۾ مان ناقابل بيان خوف ۾ ورتل ھوندو ھئس. ٻين لفظن ۾، ائين کڻي چئجي ته مون کي ٻن متبادل شين مان چونڊ ڪرڻ جي سگهه نه ھوندي ھئي. هن حقيقت مطابق، جيڪا مان سمجهان ٿو، ته اھا منهنجي انهن خاصيتن مان هڪ آھي، جيڪا بعد ۾ منهنجي “زندگيءَ جي شرمساريءَ” جو هڪ وڏو سبب بڻجي وئي. مان خاموش ۽ پريشان ٿي ويس. بابا کان کل بند ٿي وئي.

“توهان لاءِ ڪتاب وٺان؟ يا نئين سال جيLion dance  لاءِ ماسڪ بهتر ٿيندو؟ اهي ماسڪ هاڻي ٻارن جي سائيز ۾ به ملندا آهن. تولاءِ ھڪڙو وٺي اچان؟” بيحد تڪليف ڏيندڙ لفظ “تولاءِ ھڪڙو وٺي اچان؟” مون لاءِ جواب ڏيڻ بلڪل ناممڪن ھو. ايتري تائين جو مان ڪنهن به مناسب مسخريءَ وارو جواب به نه ڏئي سگهيس. مسخرو پوريءَ طرح ناڪام ٿي چڪو هو.

منهنجي ڀاءُ سنجيدگيءَ سان چيو، “منهنجي خيال ۾ ڪتاب بهترين ٿيندو.”

“اوھه؟” منهنجي پيءُ جي چهري تان خوشي ختم ٿي وئي. هن بنا ڪجهه به لکڻ جي، پنهنجو نوٽ بڪ زور سان بند ڪري ڇڏيو.

ڪهڙي نه بدقسمتي آھي! هاڻي مان پنهنجي پيءُ کي ڪاوڙائي وڌو ھو ۽ مون کي پڪ هئي ته سندس بدلو ڪجهه وڌيڪ خطرناڪ هوندو. ان رات مان بستري تي ڏڪي رهيو هئس، مان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا صورتحال کي بهتر ڪرڻ جو ڪو طريقو ٿي سگهي ٿو؟ مان بستري تان سِرڪي ھيٺ لٿس، آھستي آھستي، بنا آواز ڪرڻ جي ھيٺ ويهڻ واري ڪمري ڏانهن ويس  ۽ ميز جو خانو کوليو، جتي منهنجي پيءُ پنهنجو نوٽ بڪ رکيو هو. مان نوٽ بُڪ ڳولهي ڪڍيو، صفحا اٿلائيندي ان جاءِ تي پهتس، جتي هن اسان جي تحفن جي لسٽ ٺاھي هئي. مان نوٽ بڪ ۽ پينسل کنئي ۽ وڏن اکرن ۾ Lion Mask  لکيو. اهو ڪم پورو ڪري پنهنجي بستري ڏانهن موٽي آيس. مون کيLion Mask  جي ايتري گهڻي خواهش نه هئي. حقيقت ۾، مان ڪتاب کي ترجيح ڏيان ها، پر ظاهر آهي ته بابا مون لاءِ هڪ ماسڪ خريد ڪرڻ پئي چاھيو، پر سندس خواهش پوري ڪرڻ ۽ سندس مرڪ واپس آڻڻ لاءِ، منهنجي جنوني خواهش مون کي رات جي اونداهي ۾ ان ڪمري ڏانهن لڪي وڃڻ جي ھمت ڏني.

هن خطري واري ڪم ڪرڻ سان اھا وڏيءَ ڪاميابي ملي، جنهن جي مون کي اميد هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، جڏھن منهنجو پيءُ ٽوڪيو کان واپس آيو ته مان ان وقت ٻارن جي ڪمري ۾ هئس ۽ مان کيس وڏي آواز ۾، امان کي چوندي ٻڌو، “توھان کي خبر آھي ته جڏهن مان رانديڪن جي دڪان ۾ پنهنجو نوٽ بڪ کوليو، ته مان ڇا ڏٺو؟ ھي ڏس، هتي ڪنهنLion Mask  لکيو آهي، اها منهنجي لکت ناهي. ٿوري دير لاءِ مون کي سمجهه ۾ نه آيو، پر بعد ۾ ڳالهہ سمجهه ۾ آئي ته اها يوزو جي حرڪت هوندي. خبر اٿئي، مان کانئس پڇيو ته مان ھن لاءِ ٽوڪيو مان ڇا وٺي اچان، ته ھن ڪو جواب نه ڏنو. بس رڳو کلندو رھيو، پر بعد ۾، ھن کي Lion Mask کپندو ھو، جنهن کانسواءِ ھو رھي نه پئي سگهيو. هو يقينن وڏو حرڪتي ٻار آهي. خبر نه ھجڻ جو بهانو ڪندو آھي ۽ پوءِ وڃي لکي ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هن کي ماسڪ کپندو ھو ته مون کي پاڻ ئي چئي ھا. رانديڪن جي دڪان تي سڀني جي سامهون مون کان ٽهڪ نڪري ويا. هن کي چئو ته ھڪدم ھيڏانهن اچي.”

ڪنهن ٻئي موقعي تي مان پنهنجن سڀني نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي ھڪ غير ملڪي طرز جي ڪمري ۾ گهرايو. مان انهن مان هڪ نوڪر کي پيانو وڄائڻ لاءِ چيو، (ڳوٺ ۾ رھڻ باوجود، اسان جي گهر ۾ سڀ سهولتون ميسر ھيون.) ھن اڻ ڍنگي نموني پيانو وڄايو ته مان ھندستاني جهنگلي ناچ شروع ڪيو، جنهن سان سڀني ھوڪرن سان گڏ ٽهڪ ڏنا. منهنجي ڀاءُ نچڻ وقت منهنجي تصوير ڪڍي. جڏهن فوٽو ٺهي آيو ته ان ۾ منهنجي پيشاب واري جاءِ ٻن رومالن جي وچ مان نظر پئي آئي، اھي رومال مون کي کي گوڏ جو ڪم ڏيندا ھئا ۽ اهو پڻ تمام گهڻو مزاحيه واقعو ھو. منهنجي لاءِ اها ھڪ وڏي ڪاميابي ھئي، جيڪا منهنجي اميدن کان مٿي ھئي.

مان باقاعدگيءَ سان ڊزن يا ان کان به وڌيڪ ٻارن جي رسالن جو رڪن ٿي ويس، ان سان گڏ، پنهنجي پڙهڻ لاءِ ٽوڪيو مان هر قسم جا ڪتاب پڻ گهرائيندو هئس. مان ڊاڪٽر Dr. Nonsentius and Dr. Know-it-all جي پر لطف ڪارنامن ۾ ماهر ٿي ويس ۽ هر قسم جي خوفناڪ ڪهاڻين، جرئتمنداڻن داستانن، ٽوٽڪن جي مجموعن، گيتن ۽ ان قسم جي سڀني شين کان واقف ٿي ويو ھئس. اھڙين اجاين ڪهاڻين لاءِ، مون وٽ ڪڏھن به مواد جي کوٽ نه ھوندي ھئي، جن سان مان پنهنجي گهر ڀاتين کي کلائيندو ھئس.

پر منهنجي اسڪول جي تعليم جو ڇا ٿيو؟

مان عزت ماڻڻ واري راھه تي ھلي رھيو ھئس، پر قابلِ احترام ھجڻ جو خيال ئي مون کي بيحد ڊيڄاري ڇڏيندو هو. مون وٽ “قابلِ احترام” شخص جي وصف اُها هئي ته جيڪو شخص ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ۾ ماھر ھجي، پر آخر ۾ ڪنهن عالم يا ڄاڻو ۽ ھر شيءِ تي وس رکندڙ شخص کيس بي نقاب ڪري ڇڏي. ھو کيس برباد ڪري، اھڙي ذلت ڏئي، جيڪا موت کان به بدتر ھجي. مون کي لڳندو آھي ته مان اڪثر انسانن کي پنهنجي عزت ڪرڻ ۾ دوکو ڏئي پئي سگهيس، پر ھڪ ڏينهن انهن مان ڪونه ڪو سچ ڄاڻي وٺندو ۽ دير يا سوير ھن کان ٻين ماڻهن کي خبر پئجي ويندي. انهن جي ڪاوڙ ۽ بدلو ڪيترو نه سخت هوندو، جن کي اها خبر پوندي ته انهن کي ڪيئن ٺڳيو ويو آھي. اهو سوچي لڱ ڪانڊارجي پئي ويا.

اسڪول ۾ به مان ڪو خاص عزت ۽ مقام ڪونه ڪمايو ھو، مان کڻي امير جو اولاد ڇونه ھجان، پر ھڪ تنقيدي محاوري طور مان وڏو “ذھين” ھئس. ڇو ته مان اڪثر بيمار رھندو ھئس. ان ڪري مان اڪثر هڪ يا ٻه مهينا يا سڄو سال اسڪول نه ويندو ھئس. ان جي باوجود، جڏهن مان رڪشا ۾ چڙھي وري اسڪول اچڻ شروع ڪندو ھئس ته ان وقت تائين به پوري طرح ٺيڪ ڪونه ھوندو ھئس. جڏھن سال جي آخر ۾ امتحان ڏيندو ھئس ته پنهنجي “ذھانت” جي مهربانيءَ سان هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هئس. جڏھن مان ٺيڪ ھوندو ھئس، پوءِ به پڙھائي ڪونه ڪندو ھئس. اسڪول ۾ سبق ياد ڪرڻ وقت، مان ڪارٽون ٺاهيندو هئس ۽ رسيس جي وقت ڪلاس جي ٻين ٻارن کي پنهنجي ڊرائنگ ڏيکاري کلائيندو هئس. ڪمپوزيشن ڪلاس ۾ مان مزاحيه ڪهاڻيون لکڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪندو ھئس. استاد جي نصيحت به مون کي ان ڪم کان روڪي نه سگهندي ھئي، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته هو ڳجهي طرح منهنجون ڪهاڻيون پڙھي مزو وٺندو هو. هڪ ڏينهن مان هڪ ڪهاڻي جمع ڪرائي، جيڪا ڏاڍي ڏکوئيندڙ انداز ۾ لکيل هئي، جنهن ۾ بيان ڪيو ويو ته جڏهن مون کي منهنجي ماءُ ٽرين ذريعي ٽوڪيو وٺي وئي، مان ٽرين جي ڊٻي جي اندر رستي جي گيلريءَ ۾ رکيل هڪ ٿُڪدان ۾ پيشاب ڪري ڇڏيو هو. (مون کي سڀ خبر هئي ته اهو ٿڪدان آھي، مان پنهنجي معصوميت ظاھر ڪرڻ خاطر ڄاڻي واڻي اھا غلطي ڪئي هئي.) مون کي پڪ هئي ته استاد ضرور کلندو، ان ڪري مان چپ چاپ سندس پٺيان اسٽاف روم ڏانهن ويس. جيئن ئي هو ڪلاس روم مان ٻاهر نڪتو ته استاد منهنجي ھم جماعتن جي لکڻين جي ٿھي مان منهنجي لکڻي ٻاھر ڪڍي. جيئن ئي ھو ھال ڏانهن ويو ته پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ جلد ئي ٿوري ڪاوڙ مان کلڻ لڳو. هو اسٽاف روم ۾ ويو. ڪهاڻي پڙھي پوري ڪرڻ کانپوءِ، ھڪ يا ٻن منٽن جي اندر ئي هو وڏن ٽهڪن ۾ پئجي ويو. کلڻ جي ڪري سندس  چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. مان ڏٺو ته ھو منهنجي لکڻي ٻين استادن کي ڏيکاري رھيو ھو، جنهن سان مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.

هڪ شرارتي ۽ شيطان قسم جو ٻار.

عزتدار نظر اچڻ جي بدران، مان پاڻ کي شرارتي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هئس. منهنجي رپورٽ ڪارڊ جي سڀني مضمونن ۾A  هو، چال چلت واري خاني ۾ ھميشهC  ياD  هوندو ھو. اها ڳالهه منهنجي خاندان لاءِ پڻ وڏي وندر جو ذريعو هئي.

تنهن هوندي به، منهنجي حقيقي فطرت، هڪ شرارتي ٻار کان بلڪل ابتڙ هئي. ان وقت تائين مان نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کان ھڪ افسوناڪ شيءِ سکي ورتي ھئي ته مون کي اخلاقي طور تي بگاڙيو پيو وڃي. مان هاڻي سمجهان ٿو ته هڪ ننڍڙي ٻار سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ بڇڙو، بدترين ۽ ظالماڻو ڏوهه آھي جيڪو ڪو انسان ئي ڪري سگهي ٿو، پر مان ان کي برداشت ڪيو. مون کي ائين لڳو، ڄڻ ته ان تجربي مون کي انسان ذات جي هڪ ٻئي روپ ڏسڻ جي سگهه ڏئي ڇڏي ھجي. مان پنهنجي ڪمزوريءَ تي مسڪرايو. جيڪڏھن مون کي سچ چوڻ جي عادت ھجي ھا ته شايد مان پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ان ڏوھه جي باري ۾ بنا ڪنهن شرم جي ٻڌائي ڇڏيان ھا، پر مان پنهنجي ماءُ پيءُ کي به پوري طرح سمجهي نه سگهيو ھئس. پنهنجي مدد لاءِ ڪنهن کي سڏيان ھا… پر ان سان ڪجهه ڪونه وري ھا. فرض ڪريو، مان پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ يا پوليس، يا وري حڪومت کي شڪايت ڪريان ھا… مان سوچيو ته ڇا ڪو دنيا جي نظرن ۾ شريف انسان اچي مختلف جواز پيش ڪري، مون کي خاموش ٿيڻ لاءِ زور نه ڀري ھا.

بس اھا ڳالهه بلڪل چٽي آھي ته طرفداريءَ جو وجود به آهي. انسانن سان شڪايت ڪرڻ اجايو ھو. سو مان سچ نه ڳالهايو. ان ڪري مان محسوس ڪيو ته مون وٽ ٻيو ڪو چارو ئي نه آھي، ان ڪري جيڪو ٿئي پيو، ان کي برداشت ڪري، مسخري ڪندو رھان.

ڪي ماڻهو شايد مون تي ٺٺوليون ڪندا. “انسانن تي يقين نه رکڻ مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ بهرحال تون ڪڏهن کان عيسائي ٿي ويو آهين؟” مان نٿو سمجهان ته ماڻهن تان ويساھه کڄي وڃڻ سان ڪو شخص لازمي طور تي مذهبي ٿي وڃي. ڇا اهو سچ نه آهي، ته اھي انسان جن ۾ اهي ماڻهو به شامل ھجن، جيڪي هاڻي مون تي ٺٺولي ڪندا آهن، اھي خود ئي بي اعتباري واري زندگي گذاري رهيا آهن، انهن وٽ خدا يا ڪنهن ٻئي جو تصور ئي ناھي؟

جڏهن مان ٻار هئس ته ھڪ واقعو پيش آيو ھو. هڪ مشهور سياسي شخصيت اسان جي شهر ۾ تقرير ڪرڻ آيو هو، ان سياسي پارٽيءَ سان منهنجي والد صاحب جو به تعلق ھو. سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ مون کي نوڪر ٿيٽر ۾ وٺي ويا هئا. پورو ھال ڀريل هو. شهر جو هر شخص، خاص ڪري منهنجي پيءُ جا سڀ دوست اتي موجود هئا ۽ وڏي جوش مان تاڙيون وڄائي رهيا هئا. جڏهن تقرير ختم ٿي ته ماڻهو ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ٿي ھليا ويا. ماڻهو گهر ڏانهن ويندي، برف سان ڀريل رستن تي، ان گڏجاڻيءَ تي سخت تبصرا ڪري رهيا هئا. مان سندن ڳالهائڻ مان کين سڃاڻي ورتو، اھي منهنجي پيءُ جي ويجهن دوستن مان ھئا، جيڪي ڪاوڙ مان چئي رهيا هئا ته منهنجي پيءُ جي شروعاتي تقرير ڪيتري نه بيڪار هئي ۽ وڏي ماڻهوءَ جي تقرير مان ڪجهه به سمجهڻ ڪيترو مشڪل هوندو آھي. پوءِ اهي ماڻهو منهنجي گهر وٽ آيا ۽ اسان جي ڪمري  ۾ ويهي، دلي خوشيءَ مان، منهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته اها گڏجاڻي ڪيتري نه پروقار ۽ ڪامياب ھئي. جڏهن منهنجي ماءُ نوڪرن کان ان جلسي جي باري ۾ پڇيو ته، انهن به ساڳيو ئي جواب ڏنو، ڄڻ ته اهو سندن پنهنجو ئي خيال هو. هي اهي ئي نوڪر هئا، جن واپسيءَ تي سخت شڪايتون پئي ڪيون ته سياسي گڏجاڻيون دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بيڪار ۽ واحيات ھونديون آهن.

بهرحال، اهو ته هڪ ننڍڙو مثال آهي. مون کي يقين آھي ته انساني زندگي دوکيبازي ۽ مڪر جي ڪيترن ئي خالص، وڻندڙ، پرسڪون مثالن سان ڀري پئي آهي، حقيقت ۾ انهن ۾ ھڪ شاندار قسم انهن جو آھي، جيڪي هڪ ٻئي کي بنا ڪنهن جسماني زخم رسائڻ جي ٺڳي ڪن ٿا ۽ وري اھڙا به ماڻهو آھن، جيڪي ھڪٻئي سان ٺڳي به ڪري رهيا آهن ۽ وري بي خبر به نظر پيا اچن، پر مون کي ھڪٻئي سان ٺڳيءَ ڪرڻ وارن مثالن ۾ ڪا خاص دلچسپي ناهي. مان پاڻ ئي سڄو ڏينهن پنهنجي مسخريءَ سان ماڻهن کي ٺڳيندو رھندو آھيان. اخلاقيات جي درسي ڪتابن ۾ “نيڪ عمل” جهڙن نالن سان بيان ڪيل، اخلاقي سبقن تي گهڻو ڌيان نه ڏئي سگهيو آهيان. مون کي اهو سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي ته ھڪ انسان ٺڳي، ٻيائي ۽ دوکي ڪرڻ کانپوءِ، خوش ۽ پرسڪون زندگي ڪيئن ٿو گذاري سگهي. ماڻهن مون کي ڪڏهن به اهو حيران ڪندڙ راز نه سيکاريو آھي. جيڪڏهن مون کي ان راز جو پتو پئجي وڃي ها ته مون کي ڪڏهن به ماڻهن کان ڊپ نه ٿئي ھا، نه ئي مان انساني زندگيءَ جي مخالفت ڪريان ها ۽ نه ئي وري هر رات ان دوزخ جي عذاب جو مزو چکيان ها. مختصر طور تي، مان سمجهان ٿو ته مان نوڪرن جي ان نفرت انگيز زيادتين بابت ڪنهن کي ڇو نه ٻڌايو. اها ڳالهه ائين ناھي ته مون کي ماڻهن تي اعتماد نه ھو ۽ نه ئي عيسائيت ڏانهن لاڙي جي ڪري ھو، پر اھو ان ڪري ھو، جو منهنجي اردگرد جي انسانن مون کي سختيءَ سان ڀروسي يا بي اعتمادي جي دنيا کان پري رکيو ھو. ايستائين جو منهنجا والدين به ڪڏهن ڪڏهن اهڙا رويا اختيار ڪندا ھئا، جن کي سمجهڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ھوندو هو.

منهنجو اھو به خيال ھو ته ڪيتريون ئي عورتون منهنجي ان اڪيلائي کي دور ڪري سگهيون آھن، جنهن جو مان ڪنهن سان ذڪر نه ڪيو هو ۽ مستقبل ۾ ان ڳالهه سبب مون کي ڪيترن ئي طريقن سان، ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.

عورتن کي مون ۾ هڪ اهڙو ماڻهو نظر آيو ھو، جيڪو محبت کي راز ۾ رکي پيو سگهي.

…(هلندڙ)…

***