بلاگنئون

ثقافت صرف ماضي جي ياد ناهي، پر مستقبل جي حفاظت جو واعدو آهي

سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڊسمبر جو پهريون آچر هڪ اهڙو ڏينهن هوندو آهي، جيڪو نه رڳو ثقافت جو جشن آهي، پر محبت، ايڪتا ۽ تاريخ جي سڃاڻپ جو عالمي ڏهاڙو پڻ آهي. هي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته مرد ۽ عورتون، نوجوان ۽ بزرگ پنهنجو ثقافتي لباس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي پنهنجي سنڌي تھذيب ۽ سڃاڻپ جو اعلان ڪندا آهن. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ رڳو لباس نه آهن، پر پنج هزار سال پراڻي سنڌي تهذيب، امن، محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو نشان آهن. ٽوپي ۽ اجرڪ ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي ثقافت ڪنهن هڪ شهر يا علائقي تائين محدود ناهي، پر هي هڪ عالمي جذبو بڻجي چڪي آهي، جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ جي دل ۾ پنهنجو رنگ ڇڏيندي آهي. سنڌي ٽوپي جو محراب وارو نمونو ۽ نفيس ڪاريگري روحاني ورثي جي علامت آهي. مردن جي عزت ۽ شان جو هڪ اهم حصو آهي. سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سورما” ۾ لکي ٿو ته، ٽوپي جي ڊزائين مسجد جي محراب جهڙي آهي، جيڪا سنڌي تهذيب ۾ مذهبي ۽ روحاني اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن ٽوپي ڪنهن جي سر تي سجائي وڃي ٿي ته اها نه رڳو سجاوٽ آهي، پر عزت ۽ سڃاڻپ جي علامت پڻ آهي. اجرڪ مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ ثقافتي ۽ انفرادي اهميت رکي ٿو. اها اتحاد، محبت، عزت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي. سنڌي عورتون اجرڪ کي مٿي تي چادر وانگر اوڍينديون آهن، جڏهن ته مرد پنهنجي ڪلھن تي سينگاريندا آهن. اجرڪ ۾ ڳاڙهو رنگ انقلاب ۽ قرباني، ڪارو رنگ مضبوط ارادو ۽ سادگي، اڇو امن ۽ پاڪيزگي، نيرو آسمان ۽ سنڌو درياءَ ۽ ناسي رنگ ڌرتيءَ سان محبت جي نمائندگي ڪري ٿو. اجرڪ جو تعلق موئن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن سان آهي. آثار قديمه مان هٿ آيل نقش ۽ مُهرون اجرڪ جي موجوده ڊزائين وانگر آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاڳر ڪن ٿا. جڏهن سنڌ جو وفد مديني شريف ويو ۽ اجرڪ جو تحفو سوکڙي طور نبي ڪريم ﷺ کي پيش ڪيو، تڏهن نبي ڪريم ﷺ کي سنڌ جي ثقافت ۽ خوشبو پسند آئي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فخر جو مقام قائم ٿيو. هي واقعو اسلام ۽ سنڌي تهذيب جي محبت ۽ تعلق کي اجاڳر ڪري ٿو. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو نه رڳو روايتن ۽ لباس جو ڏينهن آهي، پر اهو ڏينهن سنڌ جي عوام کي ذات، مذهب ۽ علائقي جي فرق کان مٿانهون ٿي هڪ قوم جي حيثيت ۾ گڏ ڪري ٿو. 2009ع کان وٺي هي ڏينهن هڪ ساليانو ميلو ۽ قومي عيد بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ريليون، لوڪ موسيقي، محفلون ۽ قومي ناچ جا رنگ پکڙجن ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلامن تي محفلون ماڻهن کي روحاني طاقت ۽ سنڌ جي فڪر سان جڙيل توانائي ڏين ٿيون. هن ڏينهن تي ثقافتي سيمينار ۽ ڪانفرنسون پڻ منعقد ٿين ٿيون، جتي سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تهذيب تي بحث ڪيو ويندو آهي. نوجوانن کي پنهنجي ثقافت سان وابستگي محسوس ڪرائڻ ۽ انهن کي عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي. سوشل ميڊيا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي پرچار سان، هُنرڪارن لاءِ عالمي سطح تي ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا.

سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو اسان کي اهو پڻ ياد ڏياري ٿو ته ثقافت صرف ماضي جي ياد ناهي، پر مستقبل جي حفاظت جو واعدو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻولي، لباس، موسيقي، هنر ۽ روايتن کي بچائي نه رکنداسين ته قوم جي سڃاڻپ خطري ۾ پئجي ويندي. ايڪتا جو ڏينهن اسان کان اهو عهد وٺي ٿو ته اسان پنهنجي ثقافت، تھذيب، ننگن، دنگن ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ هر حال ۾ تيار رهون. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو اصل ۾ ايڪتا، امن، محبت ۽ برداشت جو پيغام آهي. سنڌ هميشه مختلف مذھبن، ٻولين ۽ قبيلي وارين برادرين جي گڏيل رهائش جو مرڪز رهي آهي. ثقافتي ڏهاڙو انهيءَ روايت کي ٻيهر مضبوط ڪري ٿو ته سنڌي شخصيت جو بنياد نفرت نه، پر محبت ۽ انسانيت تي آهي. جڏهن مختلف شهرن ۾ ماڻهو بنا ڪنهن سياسي نعري جي هڪ ئي اجرڪ جي ڇانو ۾ گڏ ٿين ٿا، تڏهن اها ڳالهه وڌيڪ واضح ٿئي ٿي ته سنڌي قوم ۾ گڏجڻ جي طاقت اڃان به زنده آهي. نئين نسل لاءِ به هي ڏهاڙو انتهائي اهم آهي، ڇو ته سڃاڻپ ۽ ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي. جڏهن شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٽوپي پائي اچن ٿا، ثقافتي لباس ۾ تقريبون ڪن ٿا ۽ سنڌي گيت ڳائين ٿا، تڏهن اها رڳو هڪ ڏينهن جو جشن نه هوندو آهي، پر پنهنجي ورثي سان محبت جو تسلسل هوندو آهي. سنڌ جي شهرن ۾ ڪڍيون ويندڙ ريليون، ثقافتي جهمريون، لوڪ ناچ، دهلن جا ڌماڪا، بانسريءَ جا سُر سنڌ جي روايتي زندگيءَ کي ٻيهر جياري ڇڏين ٿا. ثقافتي نمائشون، مشاعرا ۽ ڪچهريون نوجوانن کي پنهنجي سڃاڻپ سان جُڙڻ جو موقعو ڏين ٿيون. هي ڏينهن سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان سنڌي قوم لاءِ هڪ مضبوط پليٽ فارم آهي. سنڌي ثقافت جي تاريخي ۽ مذهبي حوالن ۾ به هي ڏينهن نمايان آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جي شاعري ثقافت، محبت ۽ امن جو پيغام ڏي ٿي. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏ هيءُ ڏينهن اسلام ۽ سنڌي تهذيب جي محبت ۽ تعلق کي به اجاڳر ڪري ٿو. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ٻڌائي ٿو ته قومون تڏهن مضبوط ٿين ٿيون، جڏهن هو پنهنجي تاريخ کان آگاهه هجن، پنهنجي ڌرتي سان محبت رکن ۽ پنهنجي جدا سڃاڻپ تي فخر ڪن. سنڌي ثقافت ڪا هڪ جاءِ تي پنڊپهڻ ٿيل روايت نه آهي، پر اها هڪ اهڙي زنده تحريڪ آهي، جيڪا وقت سان گڏ نوان رنگ اختيار ڪندي رهي ٿي. آخر ۾ اهو واضح آهي ته سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو صرف هڪ جشن نه، پر هڪ يادگار عمل آهي، جيڪو سنڌين کي ٻڌائي ٿو ته انهن جي اصل سڃاڻپ ڪهڙي آهي. سنڌ جون روايتون، سنڌ جا رنگ، سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌ جي محبت اهي سڀ شيون گڏجي هڪ اهڙو پيغام ڏين ٿيون، جيڪو هر دور ۾ زنده رهندو، سنڌي ثقافت ۽ تھذيب رڳو ماضي نه، پر مستقبل جي واٽ پڻ آهي!