سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڊسمبر جو پهريون آچر هڪ اهڙو ڏينهن هوندو آهي، جيڪو نه رڳو ثقافت جو جشن آهي، پر محبت، ايڪتا ۽ تاريخ جي سڃاڻپ جو عالمي ڏهاڙو پڻ آهي. هي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته مرد ۽ عورتون، نوجوان ۽ بزرگ پنهنجو ثقافتي لباس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي پنهنجي سنڌي تھذيب ۽ سڃاڻپ جو اعلان ڪندا آهن. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ رڳو لباس نه آهن، پر پنج هزار سال پراڻي سنڌي تهذيب، امن، محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو نشان آهن. ٽوپي ۽ اجرڪ ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي ثقافت ڪنهن هڪ شهر يا علائقي تائين محدود ناهي، پر هي هڪ عالمي جذبو بڻجي چڪي آهي، جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ جي دل ۾ پنهنجو رنگ ڇڏيندي آهي. سنڌي ٽوپي جو محراب وارو نمونو ۽ نفيس ڪاريگري روحاني ورثي جي علامت آهي. مردن جي عزت ۽ شان جو هڪ اهم حصو آهي. سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سورما” ۾ لکي ٿو ته، ٽوپي جي ڊزائين مسجد جي محراب جهڙي آهي، جيڪا سنڌي تهذيب ۾ مذهبي ۽ روحاني اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن ٽوپي ڪنهن جي سر تي سجائي وڃي ٿي ته اها نه رڳو سجاوٽ آهي، پر عزت ۽ سڃاڻپ جي علامت پڻ آهي. اجرڪ مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ ثقافتي ۽ انفرادي اهميت رکي ٿو. اها اتحاد، محبت، عزت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي. سنڌي عورتون اجرڪ کي مٿي تي چادر وانگر اوڍينديون آهن، جڏهن ته مرد پنهنجي ڪلھن تي سينگاريندا آهن. اجرڪ ۾ ڳاڙهو رنگ انقلاب ۽ قرباني، ڪارو رنگ مضبوط ارادو ۽ سادگي، اڇو امن ۽ پاڪيزگي، نيرو آسمان ۽ سنڌو درياءَ ۽ ناسي رنگ ڌرتيءَ سان محبت جي نمائندگي ڪري ٿو. اجرڪ جو تعلق موئن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن سان آهي. آثار قديمه مان هٿ آيل نقش ۽ مُهرون اجرڪ جي موجوده ڊزائين وانگر آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاڳر ڪن ٿا. جڏهن سنڌ جو وفد مديني شريف ويو ۽ اجرڪ جو تحفو سوکڙي طور نبي ڪريم ﷺ کي پيش ڪيو، تڏهن نبي ڪريم ﷺ کي سنڌ جي ثقافت ۽ خوشبو پسند آئي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فخر جو مقام قائم ٿيو. هي واقعو اسلام ۽ سنڌي تهذيب جي محبت ۽ تعلق کي اجاڳر ڪري ٿو. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو نه رڳو روايتن ۽ لباس جو ڏينهن آهي، پر اهو ڏينهن سنڌ جي عوام کي ذات، مذهب ۽ علائقي جي فرق کان مٿانهون ٿي هڪ قوم جي حيثيت ۾ گڏ ڪري ٿو. 2009ع کان وٺي هي ڏينهن هڪ ساليانو ميلو ۽ قومي عيد بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ريليون، لوڪ موسيقي، محفلون ۽ قومي ناچ جا رنگ پکڙجن ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلامن تي محفلون ماڻهن کي روحاني طاقت ۽ سنڌ جي فڪر سان جڙيل توانائي ڏين ٿيون. هن ڏينهن تي ثقافتي سيمينار ۽ ڪانفرنسون پڻ منعقد ٿين ٿيون، جتي سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تهذيب تي بحث ڪيو ويندو آهي. نوجوانن کي پنهنجي ثقافت سان وابستگي محسوس ڪرائڻ ۽ انهن کي عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي. سوشل ميڊيا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي پرچار سان، هُنرڪارن لاءِ عالمي سطح تي ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا.