بلاگنئون

اچو ته ذميواريءَ سان ثقافتي ڏينهن ملهايون

ڊسمبر جي پهرين آچر تي پوري دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙي کي مختلف عنوانن سان عيد وانگي ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ پڻ آهي. هرڪو ان ڏينهن تي عيد وانگي تيار ٿي جهمريون هڻندو سنڌي ٽوپي اجرڪ پهري ثقافت جو ڀرجهلو بڻجي اڳيان ايندو آهي. هڪ وڏي عرصي کان هي ڏينهن ملهائڻ باوجود سنڌي قوم انيڪ ڏکيائن جو شڪار آهي. سنڌ جي زمينن تي قبضي خوري هجي، درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هجي، وسيلن ۽ معدنيات تي قبضو هجي، ڌارين جي يلغار هجي، نوڪرين جو وڪرو هجي، ميرٽ جي لتاڙ هجي، ڪاپي ڪلچر عام هجي، نوجوانن جو قومپرستيءَ جي نالي تي قتل عام هجي، غير ملڪين جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺاهڻ وارا غير قانوني هربا هجن، اهي سڀ معاملا سنڌ جي ثقافت جي ذمري ۾ نٿا اچن جن خلاف سنڌي قوم سراپا احتجاج آهي. جيڪڏهن انهن سڀني معاملن کي سنڌي قوم سمجهي ٿي ته انهن خلاف رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو احتجاج ڇو ٿو ڪيو وڃي. ان لاءِ اسان کي سڄو سال بيداري ڪري پنهنجي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي هئي۔ سنڌ اندر بدامنيءَ جي جيڪا فضا هلي رهي آهي، ان لاءِ اسان ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي. هن وقت ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ محفوظ ڪونهي، ذاتي ۽ قبيلائي جهيڙا، ڌاڙيلن جي آزار سنڌ کي معاشي ۽ معاشرتي طور تي تباهه ڪري رھيو آهي. تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ سونهاري بنيادي طور تي هڪ امن پسند خطو رهيو آهي، پر انهن مسئلن جي ڪري اسان سنڌين ۾ اڻ سهپ ۽ تشدد جو عنصر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اسان جي تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. عالمي رپورٽن موجب لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ان جا غربت سميت ڪيترائي سبب بيان ڪيا ويا آهن، پر اسان ان کان غافل آهيون. اسان وٽ صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن۔ اسان جا ماڻهو اسپتالن ۾ پهچڻ کان اڳ موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن۔ اسان جو سمورو اسٽرڪچر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اسان وٽ رشوت خوري عام ٿي وئي آهي. اسان ڪرپشن جي اولين صف ۾ بيٺل آهيون. اسان محنت ۽ مزدوريءَ کان لنوائي راتو رات امير بڻجڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، پر اسان ڪڏهن به اجتماعي طور تي پنهنجي ذميواريءَ جو احساس نه ڪيو آهي ته پوءِ ثقافتي ڏهاڙي جي اهميت ۽ حيثيت ڇا هوندي؟ جيڪڏهن اسان رڳو اجرڪ ۽ ٽوپيءَ کي پنهنجي ثقافت ٿا سمجهون ته پوءِ اها اسان جي غلطي هوندي۔ ذميواري ڪا وڏي شيءِ ڪونهي احساس ذميواري ھجڻ گهرجي، جيڪڏهن فرائض جو احساس ناهي ته پوءِ اوهان جو ڪنھن ذميواري تي ھجڻ معنيٰ نٿو رکي.

اڄ ثقافتي ڏينهن تي سمورا ويڇا ۽ دشمنيون وساري هڪ ٿي پنهنجون پنهنجون ذميواريون محسوس ڪرڻ شروع ڪريون ته والدين جون ذميواريون ڪهڙيون آهن۔ اولاد جون ذميواريون ڪهڙيون آهن. استادن جون ذميواريون ڪهڙيون آهن۔ شاگردن جون ذميواريون ڪهڙيون آهن. ڊاڪٽرن جون ذميواريون ڪهڙيون آهن. آفيسرن جون ذميواريون ڪهڙيون آهن. هڪ عام شهريءَ جون ذميواريون ڪهڙيون آهن. پاڙيسريءَ جون ذميواريون ڪهڙيون آهن۔ جيڪڏهن اهي سمورا احساس اجاڳر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي پنهنجي تربيت پاڻ ڪرڻ شروع ڪريون ۽ گڏجي ثقافتي ريليون ڪڍون ۽ جلسا جلوس ڪريون ته سنڌ سنوارجي ويندي ۽ سنڌ جي ثقافت هميشه سلامت رهندي۔ ڇو ته اسان جو ماضي روشن رهيو آهي، اسان جون اوطاقون آباد رهيون آهن۔ ٻيون قومون اسان جي زير سايه رهيون آهن۔ اسان محبتن جا سفير رهيا آهيون۔ اسان جي سياست سچ ۽ صداقت جي امين رهي آهي. اسان جي سونهاري سنڌ باب الاسلام رهي آهي. اسان جي ثقافت دنيا جي ثقافت جي سرواڻ رهي آهي ته پوءِ هاڻي وري اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪري ساڳي سهپ ڌارڻي پوندي. پنهنجي احساس ذميواريءَ سان ڌارين جي آبادڪاريءَ کي روڪڻو پوندو، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندڙن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي ۽ قبيلائي جهيڙن کان پاسيرو ٿيڻو پوندو۔ علم جي زيور سان پاڻ کي سينگارڻو پوندو. ڪوڙ ۽ مڪاري جي سياست جو خاتمو آڻڻو پوندو. ذاتي رنجشون ختم ڪري رڳو سنڌ ۽ سنڌيت جي ڳالهه ڪرڻي پوندي آهي، وڏن جو احترام ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻو پوندو. عورتن جي عزت ۽ مردن جو مان مٿانهون رکڻو پوندو، مطلب ته هر عمل ۾ ذميواريءَ جو احساس ڪرڻو پوندو. تڏهن ئي اسان پنهنجي اصل ثقافت کي زنده رکي سگهنداسين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ۽ وارثي ڪري خوشيءَ وچان جهمريون پائي جشن ملهائي سگهنداسين۔ گارشيا مارڪيز جي بقول ته “جڏهن اوهان کي پنهنجي ذميواريءَ جو احساس ٿيندو ته پوءِ توهان محسوس ڪندو ته توهان جي هر لفظ ۾ اڳ کان وڌيڪ وزن آهي!!“