سنڌ ۾ خودڪشي جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن! تازو خيرپور جي مشهور ٽڪ ٽاڪر عمير عباسي جي خودڪشي ھجي يا ڳچ عرصو پهريان فيس بڪ تي لائيو اچي خودڪشي ڪندڙ گهوٽڪي جي نوجوان جي خودڪشي ھجي يا ٿر جي ڪچين جهوپڙين ۾ زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ ڪولهي ھجن يا سموري ڪٽنب سميت خودڪشي ڪرڻ جا واقعا ھجن اھي روز اسان کي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي نظر ايندا رهن ٿا. ھر روز اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿين ٿا جنهن ۾ سوين ماڻهو موبائل يا موٽرسائيڪل جي نه ملڻ، پيار ۾ جدائي، گهرو پريشاني، بيروزگاري، امتحان ۾ فيل ٿيڻ جو خوف ۽ نه ڄاڻ ڪھڙين ڪھڙين شين کي سبب بڻائي خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا. جنهن کي پڙھي حيرت ٿئي ٿي ته ڇا اھڙين شين جي ڪري انسان پنهنجي سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءِ (زندگي) کي به وڃائي سگهي ٿو! ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته خودڪشي ڇا آهي؟ ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جنھن تحت انسان زندگي کان وڌيڪ موت کي ترجيح ڏي ٿو؟ اهي ڪهڙا سبب آهن جو انسان جي خوبصورت دوشيزا جهڙي زندگي خوفناڪ ڏائڻ جو روپ ڌاري ان کي موت جي آغوش ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. انسان ڇو ايڏو جذباتي ٿي وڃي ٿو جو ان کي موت جهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي به ڪنهن قسم جي ڪا به پشيماني نٿي ٿئي، بلڪه موت به انهن کان خوف کائڻ لڳي ٿو. پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ اهي انسان ڇا اهو نٿا سوچين ته اڄ جيڪڏهن ان ڏيئي جي روشني گهٽ آهي ته سڀاڻي وڌي به سگهي ٿي. اڄ جيڪڏهن انهن مٿان غمن جا بادل بيٺا آهن ته سڀاڻي خوشين جي برسات به ٿي سگھي ٿي. اڄ جيڪڏهن انهن جي دل ۾ ويراني جي حڪمراني آهي ته سڀاڻي رونق جون بهارون به اچي سگهن ٿيون. ٿي سگهي ٿو اهي جنهن لاءِ مرڻ چاهين ٿا انهيءَ کي انهن جو جيئڻ وڌيڪ پسند هجي. اسان جيڪڏهن خودڪشي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته هزارين عام ماڻهن سان گڏ خودڪشي جي لسٽ ۾ ڪجهه اهڙن عظيم ۽ ڏاهن ماڻهن جا نالا به نظر ايندا جن کي بظاهر دنيا جي هر شيءِ ميسر هئي، ليڪن ان جي باوجود انهن جي ان خودڪشي واري فيصلي تي دنيا اڄ به حيران آهي.