بلاگنئون

خودڪشي ۾ پناهه ڳولهيندڙ زندگيون!

سنڌ ۾ خودڪشي جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن! تازو خيرپور جي مشهور ٽڪ ٽاڪر عمير عباسي جي خودڪشي ھجي يا ڳچ عرصو پهريان فيس بڪ تي لائيو اچي خودڪشي ڪندڙ گهوٽڪي جي نوجوان جي خودڪشي ھجي يا ٿر جي ڪچين جهوپڙين ۾ زهر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ ڪولهي ھجن يا سموري ڪٽنب سميت خودڪشي ڪرڻ جا واقعا ھجن اھي روز اسان کي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي نظر ايندا رهن ٿا. ھر روز اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿين ٿا جنهن ۾ سوين ماڻهو موبائل يا موٽرسائيڪل جي نه ملڻ، پيار ۾ جدائي، گهرو پريشاني، بيروزگاري، امتحان ۾ فيل ٿيڻ جو خوف ۽ نه ڄاڻ ڪھڙين ڪھڙين شين کي سبب بڻائي خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا. جنهن کي پڙھي حيرت ٿئي ٿي ته ڇا اھڙين شين جي ڪري انسان پنهنجي سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءِ (زندگي) کي به وڃائي سگهي ٿو! ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته خودڪشي ڇا آهي؟ ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جنھن تحت انسان زندگي کان وڌيڪ موت کي ترجيح ڏي ٿو؟ اهي ڪهڙا سبب آهن جو انسان جي خوبصورت دوشيزا جهڙي زندگي خوفناڪ ڏائڻ جو روپ ڌاري ان کي موت جي آغوش ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. انسان ڇو ايڏو جذباتي ٿي وڃي ٿو جو ان کي موت جهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي به ڪنهن قسم جي ڪا به پشيماني نٿي ٿئي، بلڪه موت به انهن کان خوف کائڻ لڳي ٿو. پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ اهي انسان ڇا اهو نٿا سوچين ته اڄ جيڪڏهن ان ڏيئي جي روشني گهٽ آهي ته سڀاڻي وڌي به سگهي ٿي. اڄ جيڪڏهن انهن مٿان غمن جا بادل بيٺا آهن ته سڀاڻي خوشين جي برسات به ٿي سگھي ٿي. اڄ جيڪڏهن انهن جي دل ۾ ويراني جي حڪمراني آهي ته سڀاڻي رونق جون بهارون به اچي سگهن ٿيون. ٿي سگهي ٿو اهي جنهن لاءِ مرڻ چاهين ٿا انهيءَ کي انهن جو جيئڻ وڌيڪ پسند هجي. اسان جيڪڏهن خودڪشي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته هزارين عام ماڻهن سان گڏ خودڪشي جي لسٽ ۾ ڪجهه اهڙن عظيم ۽ ڏاهن ماڻهن جا نالا به نظر ايندا جن کي بظاهر دنيا جي هر شيءِ ميسر هئي، ليڪن ان جي باوجود انهن جي ان خودڪشي واري فيصلي تي دنيا اڄ به حيران آهي.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ خودڪشيءَ جو واقعو برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ونسٽن چرچل جي ڌيءَ ڊائنا چرچل جو آهي. ڊائنا چرچل لنڊن جي هڪ مشهور خودڪشي کان روڪڻ واري اداري جي سرگرم ميمبر هئي، هن ڪيترن سالن تائين اداري لاءِ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن ماڻهن جيڪي زندگي کان مايوس ٿي خودڪشي لاءِ تيار ٿي ويا هئا انهن کي پنهنجي ڳالهين ۽ دليلن سان سمجهائي خودڪشي جو قدم کڻڻ کان روڪيو، پر بعد ۾ انهن ماڻهن سان گڏ پوري دنيا به حيران ٿي وئي جڏهن ڊائنا چرچل 45 سالن جي عمر ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون کائي خودڪشي ڪري ڇڏي! خوڪشي ڪندڙن جي تاريخ ۾ اسان کي هڪ ٻيو وڏو نالو مشهور آمريڪي ناولسٽ ۽ آئرن هيل جهڙي ڪتاب جي ليکڪ جيڪ لنڊن جو به ملي ٿو. جيڪ لنڊن جي زندگي به ڪنهن افسانوي ڪردار کا گهٽ ڪونه هئي، هو اڃان پنجن مهينن جو مس هو جو هن جي ماءُ فلورا ويلمن خودڪشي ڪئي هئي. وڏو ٿي جيڪ لنڊن سامونڊي لٽيرو به بڻيو ۽ ڪوئلي جي کاڻ ۽ روڊن جي صفائي به ڪيائين. جيلن ۾ قيدي به ٿيو ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو هي آمريڪا جو جڳ مشهور ناول نگار بڻجي چمڪيو، عزت، دولت ۽ شهرت هن جي گهر جون غلام بڻجي ويون، پر نه ڄاڻ الائي ڇو جڏهن جيڪ لنڊن آسمان جي بلندين تي اڏامي رهيو هو ۽ زندگي جي هر آسائش هن وٽ ميسر هئي ان باوجود به هن 1916 ۾ زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي! نه ڄاڻ اهو ڪهڙو احساس هو جنهن جيڪ لنڊن جهڙي حالاتن کي شڪست ڏيندڙ انسان کي نيٺ زندگي کان شڪست ڏياري ڇڏي.

مشهور آمريڪي ناول نويس ۽ افسانه نگار ارنيسٽ هيمنگوي جو نالو به اسان کي خودڪشي ڪندڙن جي لسٽ ۾ ملي ٿو. ارنيسٽ هيمنگوي جنهن کي 1667 ع ۾ ان جي مشهور ناول “اولڊ مين اينڊ سي” تي نوبيل پرائز مليو ۽ هن جي نظم ۽ نثر کي انگريزي ادب جو شاهڪار مڃيو وڃي ٿو ۽ ان جا لکيل ڪتاب اڄ به تمام گهڻي اهميت جا حامل سمجهيا وڃن ٿا، ليڪن ان جهڙي انسان به 1957ع ۾ پنهنجي پاڻ کي پنهنجي ڪنهن افساني جي ڪردار وانگر گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي! ارنيسٽ هيمنگوي جي خودڪشي جو سبب جسماني ڪمزوري ٻڌايو ويو ۽ ڪافي ماڻهن ان جي ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو، پر هن جي سوانح نگار لکيو آهي ته “ارنيسٽ جي سوچ بلڪل ٺيڪ هئي، ڇو ته انسان زندگي کان شڪست کائڻ لاءِ پيدا ناهي ٿيو، هو مري ته سگهي ٿو، پر هارائي نٿو سگهي”! خودڪشي ڪندڙن ۾ اسان کي روس جو مشهور اديب ولاديمر مايو ڪووسڪي به نظر ايندو، جنهن ڪيترائي مشهور نظم ڊراما ۽ آرٽيڪل لکيا، ليڪن هن به 1930 ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي! ۽ هن جي خودڪشي جو سبب محبت ۾ ناڪامي ٻڌايو ويو. خودڪشي ڪندڙن ۾ اسان کي جاپان جو مشهور اديب يوڪيومشما به نظر ايندا جنهن 1970 ۾ هاراڪيري (جاپاني روايت موجب هاراڪيري انسان لاءِ هڪ خوبصورت ۽ آئڊيل موت آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي پيٽ، ڳلي، شهه رڳ يا سيني تي خنجر هلائي زندگي جو انت آڻيندو آهي) ذريعي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ۽ ٺيڪ چئن سالن بعد ان جي دوست نوبيل پرائيز ماڻيندڙ اديب ياس ناري ڪاواباتا به 1974 ۾ پنهنجي ڪمري ۾ گيس ڀري زندگي جو انت آندو! هنگري جو مشهور شاعر اتيلا جوزف (جنهن جي نالي تي هاڻي هنگري جو سڀ کان وڏو ادبي ايوارڊ ڏنو وڃي ٿو) جنهن شاعري ۾ نيون صنفون متعارف ڪرايون ۽ اتان جي شاعري کي هڪ نئون اسٽائل ڏنو ۽ ان جا ڪتاب هنگري ادب جا بهترين ڪتاب مڃيا وڃن ٿا ان به 1937ع ۾ بالا تول نديءَ جي ڀرسان گذرندڙ هڪ ريل جي هيٺان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ شايد اهو به نه سوچيو ته هو جنهن زندگي جو خاتمو ڪري رهيو آهي ان زندگي کي هن پنهنجي شاعري ۾ پريءَ جي ڪنهن مسڪراهٽ سان تشبيح ڏني هئي!

خودڪشي ڪندڙ اهڙن مشهور انسانن سان تاريخ ڀري پئي آهي، انهي ۾ اردو جو ترقي پسند شاعر شڪيب جلالي به آهي ته اردو افسانه نگار قمر عباس نديم به آهي، سنڌ جو ڏاهو علامه آءِ آءِ قاضي به آهي ته انڊين موسيقار ڪي ايل سهگل به آهي،  انڊين اداڪارائون ديويا ڀارتي ۽ مينا ڪماري به آهن ته بين الاقوامي شهرت يافته ليکڪا ورجينا وولف به نظر ايندي! ساڳي ئي لسٽ ۾ اسان کي روس جي شاعره انفينا استورني، سوئيڊن جي شاعره ڪارن بوٿ، اطالوي شاعره انتونيا پارا، آفريڪي ليکڪا انگرڊ جوفڪر، چلي جي شاعره ڊائيوليتا، هالي ووڊ جي اداڪارا مارلن منرو ۽ جرمني جي روزا الڪسبرگ ۽ شاعر ارسنٽ ٽولر به نظر ايندا! اسان شايد حيران ٿيون ته اهڙن نامورن انسانن جن کي پنهنجي زندگي جي قدر و قيمت جو چڱي طرح اندازو هو، جن وٽ دولت، شهرت، عزت ۽ طاقت مطلب ته دنيا جي هر آسائش موجود هئي. ان جي باوجود به انهن کي خودڪشي ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ پر ٿي ٿو سگھي اسان انهن جي ان احساسن کان ناواقف هجون جن تحت انهن کي عزت، شهرت ۽ دولت جهڙيون سڀ شيون حقير ۽ بيڪار محسوس ٿيون ۽ ٻين کي نظر ايندڙ  انهن جي روشن زندگي انهن کي پاڻ ڪاري رات جي اونداهي نظر آئي ۽ شايد انهن کي ان اونداهي مان نڪرڻ جو صرف هڪڙو ئي رستو نظر آيو هجي… خودڪشي! ماڻهو خودڪشي ان وقت چونڊين ٿا، جڏهن هو خود کي مڪمل طور تي اڪيلو، بي يار و مددگار ۽ مايوس محسوس ڪن ٿا. ذهني دٻاءُ، معاشي تنگي، ناڪاميون يا سماجي دٻاءُ انسان کي اندر ئي اندر وڍ ڏيندا رهن ٿا ۽ جڏهن هو انهن حالتن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهي ٿو ته پاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺي ٿو، پر حقيقت هيءَ آهي ته خودڪشي ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، بلڪه اها عارضي تڪليف جو دائمي انجام آهي. زندگي ۾ هر ڏک، مايوسي يا ناڪامي عارضي هوندي آهي، پر جيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ ئي اصل بهادري آهي. مدد وٺڻ، ڳالهائڻ، صبر ڪرڻ ۽ اميد رکڻ سان حالتون ضرور بدلجن ٿيون. ان لاءِ هر ماڻهوءَ کي گهرجي ته پاڻ يا ٻين کي اهڙين حالتن ۾ همت ڏياري، ڇو ته زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي ڪجهه به ناهي. اردو جي مشهور شاعر جون ايليا خودڪشي متعلق ھڪ بھترين نظم لکيو آھي:

غم ڪي انڌيرون سي مت گهبرا،

صبح نئي ڦر آئيگي

هر مشڪل ڪي بعد يهان،

آساني مسڪائي گي

ڌوپ اگر تيز ڀي هو،

ڇاوءن ڀي مل جائيگي

صبر ڪا دامن ٿامي رک،

منزل ڀي آجائيگي

دک سي لڙ، هار مت مان،

هر پل امتحان هي

موت نهين حل ڪوئي،

زندگي آسان هي.