بلاگنئون

ھر وقت صحرا اکين ۾ رھيو آ: دوستيءَ کي روشني سَمجهندڙ شاعر ڪاظم ٽالپر

مير غلام ڪاظم ولد مير غلام محمد ٽالپر 25 آگسٽ 1960ع تي، ڳوٺ ٽنڊو مير علي مردان نزد محرابپور، موجوده ضلعي نوشھروفيروز پراڻي ضلعي نوابشاھ ۾ ڄائو. سندس تعليم بِي اِي ميڪينيڪل آھي. سندس وندر ڪتاب پڙهڻ ۽ شطرنج کيڏڻ ۽ ڪاروبار لائيو اسٽاڪ فارمنگ آھي. ھُنَ شاعريءَ جي شروعات 1976ع کان ڪئي. نوڪري بطور انجنيئر، اسٽيل مل ۾ ڪيائين. سندس ڳايل ڪلامن ۾، شام جو ھي پھر نانءُ اسان جي ڪيو، ھر وقت صحرا اکين ۾ رھيو آ، وَري وَري تنھنجي يادِ اَچي پئي، پيار پنھنجو پرين روشني جو سفر، اويلا مسافر! تون ھيل نه اچجانءِ گهڻو مشھور ٿيا. ھُن جي پسند جون شخصيتون امڙ، مرشد لطيف، دوستو وسڪي، چيخوف، ڪرشن چندر، علي بابا، آغا سليم، منير ماڻڪ، سراج الحق ميمڻ، ڪامريڊ صالح بلو، رياضت فقير تارڪ الدنيا، شوڪت خاصخيلي (براڊ ڪاسٽر) مُنير شاھ پير ذاڪري ۽ پير بخش لانگاھ آھن.

کيس شاعريءَ ۾ شاھ کانپوءِ سچل سرمست، غمدل فقير، عثمان فقير، بيدل، اعجاز شاھ راشدي، شيخ اياز، حسن درس، آڪاش انصاري، حليم باغي ۽ سنڌي گائڪيءَ ۾ استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان، محمد يوسف، استاد سينگار علي، عابده پروين، رونا ليلا، ڍول فقير ۽ عثمان فقير پسند آھن. کيس چئن پٽن افسر علي، اسد علي، علي حيدر ۽ ثقلين حيدر ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آھي. سندس شاعري برڪت علي ڀٽ، عاشق نظاماڻي، شبير سمون ۽ ٻيا راڳي ڳائي چُڪا آھن.

ھر وقت صحرا اکين ۾ رھيو آ،

وري تنھنجي يادن جو جهولو لڳو آ.

ھي ڪاظم ٽالپر جي ھڪڙي مشھور غزل جون سِٽون آھن. ‘ھر وقت صحرا جو اکين ۾ رھڻ’ بنھ جديد خيال آھي. جڏھن ته ‘يادن جو جهولو لڳڻ’ پڻ نڪور خيال ۽ اصطلاح آھي، جيڪو وِڇوڙي ۽ جُدائيءَ جي شديد ڪيفيت جو ترجمان آھي. ڪاظم ٽالپر جو ٻِيو مشھور غزل آھي:

شامَ جو ھي پھر نانءُ اسان جي ڪيو،

ڪجهه ته ايندا ڪريو، ڪي ته ڳالهيون ڪريو.

ھي غزل ڪاظم ٽالپر جي سڃاڻپ جو اھڃاڻ آھي. ڪاظم ٽالپر جي نالي سان منھنجي شناسائي ھي غزل ٻُڌي اَڄُ کان ٽيھارو سال کن اڳ ۾ ٿي ھُئي.

ڪاظم ٽالپر مون کي پنھنجي ڏيکَ ويکَ ۾ به شاعر لڳندو آھي. نَوابُ لڳندو آھي ۽ ڪلاسclass  اعليٰ درجي جو تخليقڪار لڳندو آھي. ڪاظم بيحد منفرد طبيعت جو مالڪ آھي. مون کي اھڙي ئي لا اُبالي طبيعت وارا مست الست، يگانا ۽ پنھنجي طبيعت وارا ماڻهو ڏاڍو وڻندا آھن. سگريٽ ڇڪڻ کان وٺي، ڳالهائڻ تائين، کلڻ تائين، خاموش ٿي وڃڻ تائين ۽ خاموش ٿي ٻيھر ڳالهائڻ تائين ڪاظم، ڪاظم ئي آھي، بنھ منفرد ۽ نرالو. سندس ذاتِ ۽ ڏاتِ ۾ ڪنھن جي به تقليد، فوٽو ۽ ڪاربان ڪاپي نه آھي، ھي نج پج، نج ٻج آھي.

مون کي سندس نيڻن ۾ گُهوريندي شمشير الحيدريءَ جي غزل جون سِٽون ذھن تي تَرِي اينديون آھن ته:

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو،

ڄڻ ته سِنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

۽ سندس دوست کيس ڏسي، يقينن احمد فراز جي غزل جو ھي شعر چوندا ھوندا ته:

سنا هي دن ڪو اسي تتليان ستاتي هين،

سنا هي رات ڪو جُگنو ٺهر ڪر ديکتي هين.

محبوب دوست اسرار لانگاھ جي معرفت جڏھن منھنجي ساڻس (مير ڪاظم ٽالپر سان) پھرين ملاقات ٿي ھُئي، تڏھن ھُو مون کي پَرين جي ديسَ جو ماڻهو لڳو ھو. کجين جي ديس خيرپور جو ھي ماڻهو، جهمپيرَ جي تاڙيءَ جھڙو پرڪيف آھي. شاعريءَ توڙي موسيقيءَ جي علم جي کيس ٺاھوڪي ڄاڻَ آھي. ڪاظم ٽالپر جي اکين مان بکندو آھي ته ھي ڪنھن نوخيز نظر جي نشاني تي رھيو آھي. ڪاظم جي ھڪ غزل جون سٽون آھن ته:

ڪنڊا ڪاوا ڪليون رستن تي پکڙي،

پڇو ٿا ته: “پيرن کي ٿي ڇا ويو آ؟”

ڪاظم ٽالپر انتھائي جينئن… جينئس… ۽ اوريجنل… تخليقڪار آھي سندس سٽن ۾ ڪمال جي سحر انگيزي ۽ طلسماتي ڇڪ آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو فڪر آھي، پر فڪر جي گھرائي به آھي. ڪنڊا ڪاوا ڪليون رستن تي پکڙي، پيرن جي زخمي ٿيڻ، ڦٽجڻ ۽ رتولجڻ/رتائجڻ جو پڇڻ پڻ اھڙو ئي خيال آھي. خيرپورميرس جي ماڻهوءَ جو دولتپور ۾ ديرو ڄمائڻ سندس آواره پکين جھڙيءَ رولاڪيءَ جو اھڃاڻ آھي. ڪاظم ٽالپر کي ڪڪڙ، مور، مِٺو/طوطا، تتر ڪبوتر، پاريھر ۽ ٻيا پکي ڏاڍو وڻندا آھن. ھِتي پکين پالڻ سندس پکين سان پريت جي گواھي آھي. کيس پکين پالڻ جيان جانور پالڻ جي خفت به آھي. ٻليون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ مينھون به سندس ذوق ۽ شوق جو ذريعو آھن. ڪنھن ڏاھي چيو ھو ته: “شاعر، چرئي ۽ عاشق جو تخيل ھڪ جھڙو ٿيندو آھي.” شاعري، عاشقي ۽ موسيقي ڪاظم جي رڳ رڳ ۾ سمايل آھي. سندس غزل جون سٽون آھن ته:

زندگي رڃ سڄي مان اڃارو پکي،

ڍنڍ پاڻي ڪٿي، ڇانوَ ڪائي ڏسيو.

آءُ ڀائنيان ٿو ته ڪاظم جڏھن اڪيلو ٿيندو ھوندو تڏھن يقينن جهنگ منھن ڪندو ھوندو ۽ ڀٽن، پوٺن ۽ رڻن ۾ ڀٽڪي ڪنھن ٿَڌي پاڻيءَ ۽ ڇانوَ جي ڳولها ۾ ضرور ھوندو. مون کي اياز جانيءَ جي غزل جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:

ھي نيڻ ڪنھن جا ڳوٺ کان آيل مسافر ٿا لڳن،

ڪنھن سانوريءَ جي گهورَ جا گهايل مسافر ٿا لڳن.

مون کي ڪاظم جا نيڻَ ڪنھن سانوريءَ صورت جا گھايل لڳندا آھن.

آئون تصور جي اُڏندَ- کٽوليءَ تي چڙهي ماضيءَ جي جَهڙوڪي ۾ جهاتي پائيندي، جڏهن صفن پتڻ، جو اوج پسان ٿو، تڏهن ڪاظم ٽالپر مون کي ڪنھن پوڙهي پاتِڻيءَ جي اکين ۾، سِنڌُ ۽ سِنڌوءَ جي خوشِحاليءَ جا گيتَ ڳائيندي نظر اچي ٿو ته:

لھر لھر ۾ آهي لِياڪو، قرب جو ناهي ڪِنارو،

سمجهي ڪو دل وارو، هئيا هو، هئيا هو.

(شايد: علي بابا جون سٽون آهن.)

سندس دِل جون ڳالهيون ٻئي ڪنھن کي سمجهه ۾ آيون الائي نه، پر اهي ڳالهيون، پير بخش لانگاھ، اسلم لغاري، اسرار لانگاهه، شاهنواز انڙ، قلندر بخش لانگاھ ۽ اصغر لاکي ضرور سمجهي ورتيون آهن، جن جي ساٿ ۽ سھڪار سان سنڌ ساڃاھَ سنگت جي پليٽ فارم تان پوھَ جي پارن جي آجيان ۾، چيٽَ جي مند ۽ سرنھن جي ڦولار ۾، ساڻس هيءَ سُرَهي سانجهه، شام ۽ روحَ وندي رهاڻ ملھائجي رهي آهي.

ڪاظم ٽالپر ريئلي…/سچ پچ، سچي پچي منھنجي پسند جو شاعر آهي. سندس هڪ گيتُ عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ ريڊيو خيرپور تان هلندو آهي، سو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي.

اويلا مسافر تون، هيل نه اچجان!

تون هيل نه اچجان، تون هيل نه اچجان.

اڱڻ اوپرا مون پيرا ڏٺا هن،

نشانا نگاهن جا ميرا ڏٺا هن،

ڪاڪ ڪنڌيءَ تي تون پيرُ نه رکجان.

تون هيل نه اچجان، تون هيل نه اچجان.

هي انتھائي خوبصورت ۽ معنيٰ خيز گيتُ آهي. اڱڻ تي اوپرن پيرن ۽ نگاهن جي ميرن نشانن کي ڏسي پنھنجي محبوب کي ڪاڪِ ڪَنڌيءَ تي پيرُ رکڻ کان روڪڻ يا پيرُ سنڀالي رکڻ، سندس روشن خياليءَ جو ساکي ۽ آئيني دار آهي. ان ئي گيت جو ٻيو بند آهي ته:

نه ويس گلابي، نه چوٽا چنبيلي،

نه ويڻن ۾ گجرا، نه سينڌ سريلي،

ڏسي پاڻ کي مان، پاڻ ئي ٿي پلجان،

تون هيل نه اچجان، تون هيل نه اچجان.

گيت عورت جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني صنف آهي. گيتَ جو هي بند وڇوڙي جي ماريل وَنيءَ ۽ محبوبا جي هانءُ ڦاڙيندڙ دانھن آهي. جنھن کي ٻُڌي حليم باغيءَ جي مشھور نظم ‘هاءِ هٺيلا..’ جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:

تون چئو چانڊوڪيءَ ۾ چوڙا، مون کي چَڪ نه هڻندا هوندا،

کاٻي کاڌا کنبھا منھنجا ٿڌڙا ساھ نه کڻندا هوندا،

پن ڇڻ واري پيلي رُت جيان، لڙڪ نه منھنجا ڇڻندا هوندا،

پر مون پنھنجا چَپَ سِبيا هن، ڪونه ڀريان ٿي سرد شوڪارو،

هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم! مند ملھاري تون ريسارو.

۽ ساڳي ئي درد جون ترجمان ڪاظم ٽالپر جي وائيءَ جون هي سٽون به آهن ته:

“ڇني نه وڃ هي نازڪ رشتو،

هي دل! ڪنھن سان ناتو جوڙي

ريشم جھڙو ڌاڳو ٽوڙي.”

مير ڪاظم ٽالپر غزل، نظم، وائيءَ توڙي گيتَ جو سُھڻو شاعر آهي. سندس شاعري فَني توڙي فِڪري طور تي بيحد پُختي آهي. جنھن ۾ ترڪيبن، تشبيھن، استعارن، تمثيلن، ڪناين، چوڻين، پھاڪن، تجنيس حرفيءَ ۽ ٻين فَني خوبين ۽ صنعتن جو ڏاڍو سُھڻو استعمال ٿيل آهي.

فني خوبين جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جيئن:

چري دل چوي پئي اڃا چاھ آهن، سڀئي سور سانڍي کلي موڪلايو ۽ ڪنڊا ڪاوا ڪليون رستن تي پٿري (تجنيس حرفي) اڱڻ تي اوپرا پيرا (ڪنايو) ويس گلابي چوٽا چنبيلي، ميندي ڏار، ڏاڙهون گُل، سانوڻيون، اکيون، بدن (جماليات) يادِ جا تحفا، نشانا نگاهن جا، پل جو پور، اکين جا بند، صدين جو سفر (ترڪيبون) صحرا، ٿوهر ۽ چنڊ (علامتون ۽ فطرت نگاري) خواب اچن ٿا اوسارا ٿي، نيڻن جا سڀ بند اکيڙي (جديديت) ريشم جھڙو ڌاڳو (اهڃاڻ، معنيٰ دوستيءَ جو نازڪ رشتو)، باهوڙ، ولھ، وٿاڻ، هٿيڪا (نج سنڌي لفظ) ڀيڄ، ڀني (مرڪب لفظ) ٻه ٽي پکي پکڻ (ٻٽا لفظ) وغيره. ڪاظم ٽالپر جا اردو غزل به بيحد اثرائتا ۽ موهيندڙ آهن.

“جو تو ڪهو تو تجهه ڪو امر ڪردون،

مانگ تيري مين ستارون سي ڀر دون.

سنا هي شهر مين هو ڪا عالم هي،

وجود ڪانپ رها هي مجهي سنڀال ڪي رکنا.

ڪسي چاند ڪي اترني سي ڪوئي غرض نهين

مجهي بخش ديئي ڪا هنر، ڪر ڪڇ روشني عطا.”

ڪاظم ٽالپر جو نظم ‘گوتم جا مھمان’ ۽ ‘گهر موٽي آ’، بار بار پڙهڻ جھڙا نظم آهن. سندس نظم ‘گهر موٽي آ’ جون آخري چار سٽون آهن ته:

“دل چيو تون گهر موٽي آ،

مان تنھنجي پويان پويان

ڪٿي پاڻ کي

وڃائي نه اچان.”

پنھنجي بي ترتيب ۽ بي ربط ڳالهين جي پڄاڻي ڪاظم ٽالپر جي غزل جي ھنن سٽن سان ڪندس ته:

“عجب دل لڳيءَ جا ويساھ آھن،

چَري دِل چَوي پئي اڃا چاھَ آھن.

اوھان جي اچڻ جا ارادا نرالا،

مھمان گهڙين جا به ٽي ساھَ آھن.”

(ڪاظم ٽالپر سان سنڌ ساڃاھ سنگت پاران، دولتپور ۾ ملھايل سرھي سانجهه جي موقعي تي ونڊيل ويچار.)

***