ايڊيٽوريلنئون

ايڪتا جو ڏينهن سنڌي قوم جي معاشي ترقيءَ جو ڏينهن به بڻجي سگهي ٿو

سڄي سنڌ ۾ ڊسمبر جي پهرئين آچر 7 ڊسمبر تي امن ۽ ڀائيچاري سان ايڪتا جو ثقافتي ڏڻ ملهايو ويو. هن ڏينهن جي تاريخ ۾ هڪ ٽڪندو ٺهي چڪو آهي. ان کي تاريخ هر هر دهرائيندي رهندي. ان ۾ آصف علي زرداري جو 2009ع ۾ سنڌ ٽوپي پائي افغانستان جي دوري تي وڃڻ، شاهد مسعود هڪ جرنلسٽ جو آصف علي زرداريءَ جي ان ٽوپي پائڻ واري عمل کي نفرت جي نگاهه سان پيش ڪرڻ ۽ سنڌي جرنلسٽ ۽ هڪ ميڊيا هائوس جي مالڪ علي قاضي جو ان سڄي عمل کي مثبت رنگ ڏئي جواب ڏيڻ هاڻي هڪ تاريخ بڻجي چڪو آهي. هاڻي ان ثقافتي اظهار جو خطو صرف سنڌ نه، بلڪه پورو پاڪستان بڻجي چڪو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ثقافت جو ڏينهن ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. پاڪستان جون ثقافتون جيڪي هڪ اڻڄاتل کاهيءَ ۾ ڪٿي ڪري پيون هيون ۽ اسان پاڪستان جا چارئي صوبا پنهنجين پنهنجين ثقافتن کان منهن موڙي چڪا هئاسين، هاڻي اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ثقافت سان، دل جي گهرائين سان پيار ڪرڻ لڳا آهيون ۽ ان جي ورجاءُ سان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. نه صرف ايترو، بلڪه ان وڃايل سڃاڻپ کي پنهنجي نئين نسل ڏانهن منتقل به ڪري رهيا آهيون، جيڪا هن ڏينهن جي سوڀ آهي.

معيشت سماج جو بنياد آهي، ان ۾ پيداوار جا وسيلا ۽ پيداواري لاڳاپا شامل آهن. اهو اتي ئي طئي ٿئي ٿو ته اسان کي پنهنجي ضرورتن جون بنيادي شيون ڪيئن ۽ ڪيتريون ٺاهڻيون آهن. ثقافت، سياست، قانون، مذهب ۽ سماجي ادارا سڀ معيشت جي بنياد مٿان تعمير ٿين ٿا. معيشت سڀني سماجي ۽ ثقافتي شين کي طئي ڪري ٿي ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪري ٿي. سرمائيداراڻي نظام ۾ فن ۽ ثقافت به آخرڪار منافعي جي لاءِ ڪم اچن ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته منافعي کانسواءِ ثقافت کي زنده رکڻ به تمام گهڻو مشڪل آهي. معيشت ۽ ثقافت هڪٻئي کي متاثر به ڪن ٿا. جيئن سنڌ جي ثقافت وارو ڏينهن ماڻهن کي متحد ڪري ٿو جيڪا پوءِ اقتصادي ترقي لاءِ گهربل اعتماد ۽ تعاون کي وڌائي ٿي. ڏسڻو اهو آهي ته اسان جو هي ايڪتا وارو ڏهاڙو اسان کي ڪهڙن ڪهڙن محاذن تي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.

سنڌ جي ثقافت کي ملهائڻ هاڻي ڪافي ناهي، هاڻي ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي سنڌ جي سرمائيڪار کي اڳتي اچڻو پوندو. جنهن ۾ اسان جو سڄو ثقافتي ورثو اجرڪ، اسان جا ڀرٿ ۽ ٻيون جيڪي به روايتي ۽ ثقافتي شيون آهن انهن کي دنيا جي بدلجندڙ رجحانن جي مطابق تيار ڪري انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ پڻ آهي. ڇو ته معيشت هڪ طاقتور انجڻ آهي ۽ ثقافت اهو گيئر باڪس آهي ته انجڻ ڪهڙي رخ تي هلندي ۽ ڪيتري اثرائتي هوندي. اڄ به ڏٺو وڃي ته ماڻهو هر سال اجرڪ خريد ڪري هن ڏينهن جي لاءِ رکن ٿا. ثقافت سان سلهاڙيل شيون وري استعمال ۾ اچي رهيون آهن، پر هاڻي اسان کي پنهنجي ثقافت کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان مان اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي. اسان کي سنڌ جا سياحتي ماڳ سياحن جي لاءِ کولڻ گهرجن، انهن جي پروموشن ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهن ماڳن تي اهي سهولتون پيدا ڪري، انفرااسٽرڪچر جوڙي سڄي دنيا لاءِ سنڌ جي انهن ماڳن کي کولي. اسان جي ڪاروباري طبقي ۽ سرمائيڪار کي جيڪو هن وقت سنڌ جي ڪاروباري دنيا کان ٻاهر آهي، ان لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي. ڇو ته اسان وٽ ڪيترائي نوجوان قابليت نه هجڻ جي باوجود به ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سرڪاري نوڪريون خريد ڪري پنهنجن سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتي کي لٽڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، انهن کي انهن پئسن سان سنڌ جي ثقافتي صنعت ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ گهرجي ۽ بهترين ثقافتي مصنوعات ٺاهڻ گهرجن، جيڪي سڄي دنيا ۾ سنڌ جو مثبت تاثر پيدا ڪري سگهن ۽ اهي مصنوعات سنڌ جون سفير بڻجي وڃن.

هن وقت سنڌ جو ماڻهو صرف موئن جي دڙي کي ياد ڪري خوش ٿي نچي ۽ ڪڏي ٿو، پر حقيقي طور تي سنڌ جي ماڻهوءَ کي موئن جي دڙي جي ماڻهوءَ وانگر ٿيڻو پوندو ۽ سڄي دنيا سان پنهنجا ثقافتي ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا. پنهنجي ثقافت جون بهترين مصنوعات دنيا تائين پهچائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، انهن جي گهربل رنگن کي استعمال ڪري، انهن ثقافت ۾ استعمال ٿيندڙ نمونن سان پنهنجي مصنوعات کي سينگاري پنهنجي ڪلچر کي پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ عالمگير ثقافت جو حصو بڻجي وڃي. هن وقت ان قسم جو ڪاروبار ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي. سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽ فارم موجود آهن، جيڪي سنڌي موسيقي ادب، تاريخ ۽ ثقافت کي تمام گهٽ خرچ ۾ سڄي دنيا ۾ پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جتي اسان پنهنجي ثقافتي رنگن کي هن ڏڻ تي نچڻ، ڳائڻ ۽ جهمر هڻڻ جي ذريعي ملهايون ٿا، ان ڏينهن تي هي ڏينهن اسان جي معاشي ترقيءَ جو ڏينهن پڻ بڻجي سگهي ٿو.