نئون

شگر ملن کي کنڊ جو اعليٰ معيار رکڻ جو حڪم

پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڀني  شگر ملن کي چيو ويو آهي ته هو ملن ۾ تيار ٿيندڙ کنڊ جي ضمانتي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائين. ٻي صورت ۾ انهن کي بند ڪيو ويندو. ملڪ اندر کاڌ خوراڪ جي خراب معيار باري ۾ هلندڙ بحث جو نوٽيس پنجاب فوڊ اٿارٽي شگر مل مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ته اهي اعليٰ معيار کي برقرار رکن ان ڏس ۾ اٿارٽي پاران 8 ميمبرن جون ٽيمون شگر ملن  جي دوري تي8 ۽ 9 جنوري تي ويون. جتي هنن مختلف ضابطن جي ڀڃڪڙيون ڏٺيون، جنهن ۾ ڪجهه لوازمات جا حلال سرٽيفڪٽ نه هئڻ تيار ٿيندڙ کنڊ ۾ هيوي ميٽل جي چڪاس نه رکڻ. ملن اندر صفائي جي گهٽتائي، کنڊ جي ٿيلهين کي پيرن سان لتاڙڻ، کنڊ کي محفوظ رکڻ لاءِ نيري ڊرم جو استعمال ان کان علاوه کنڊ ۽ صفائي واري ڪيميڪل جو الڳ اسٽور نه هجڻ شامل هئا. ٽيم اهو به ڏٺو ته اسٽينڊرڊ آپريشن پروسيجر کي ڪڏهن به عمل ۾ نه آندو ويو هو. پنجاب صوبي ۾ شروع ڪيل هن جاچ ۾ اٿارٽي پاران ٽيم ڪل 31 شگر ملن جي جاچ ڪئي وئي.