سنڌ اندر ايندڙ چين جي شهرين کي رجسٽر ڪيو ويندو
ملڪ اندر ٿيندڙ اي ٽي ايم مشين جي فراڊ ڪيسن ۾ چين جي شهرين جو ملوث هئڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ روڊ رستي ايندر چين جي شهرين کي رجسٽر ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت وفاق کي قانون سازي ڪرڻ لاءِ چوندي جنهن کانپوءِ ان قسم جي رجسٽريشن ممڪن بڻجي سگهندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن ڪراچي ۾ هڪ بينڪ جي اي ٽي ايم مشين مان اسڪمنگ مشين ڪڍڻ وقت چين جي ٻن شهرين کي گرفتار ڪيو ويو هو.ان ڏس ۾ قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هن وقت حڪومت وٽ سنڌ اندر رهندڙ چين جي شهرين بابت ڪوبه ڊيٽا موجود نه آهي. ساڳي ڏس ۾ اسلام آباد وٽ به اهڙو ڪو ڊيٽا موجود نه آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت وٽ صرف ٻن چيني ڪمپنين جو ڊيٽا موجود آهي. اهڙي قانون سازي کانپوءِ هر چيني شهري گهر ڪرائي ته وٺڻ مهل ٿاڻي تي پاڻ کي رجسٽر ڪرائيندو.

