شام ڌاري موٽي ھاسٽل ۾ پڳس. جوانيءَ جو جوش ته آھي ئي، مٿان وري ارمان کڙا ڪندڙ شام جو ٽاڻو. ھوا به ڏاڍي مزيدار پئي لڳي. طبيعت جي ڪيفيت به ٿوري اونت کان ٻاھر ھئي. اسان به مستيءَ ۾ ڳائيندا اچي ڪمري ۾ گھڙياسين؛ “بلائين زلف جانان ڪي اگر ليتي تو ھم ليتي.”
ته ايتري ۾ پاڙيچيءَ جو آواز آيو؛ “مسٽر!”
اسان به ان وقت چپٽيون وڄائڻ شروع ئي ڪيون ھيون. بس آڱريون اتي جو اتي جھلجي ويون ۽ ڪن آواز جي طرف ڏانھن کڄي ويا. مٿان ارشاد فرمايائون؛ “اھو اوھان پيا ڳايو؟” سڄو زور ‘اوھان’ تي ھو.
بس منھنجا سائين! اسان ۾ جيڪو موسيقيءَ وارو روح پيدا ٿيو ھو، سو ته ھڪدم فوت ٿي ويو. دل چيو؛ “اي نڀاڳا انسان! ڏس! پڙھڻ وارا ائين ٿيندا آھن.” سائين منھنجا! خدا جي درٻار ۾ سُڏڪي سُڏڪي دعا گھريم ته؛ “اي خدا! اسان به ھاڻي باقاعده مطالعو شروع ڪرڻ وارا آھيون. اسان جي مدد ڪر ۽ اسان کي ھمت ڏي!”
ڳوڙھا اگھي، دل جھلي، ميز جي اڳيان اچي ويٺس. ڏند ڀڪوڙيندي، نيڪ ٽائي کوليم. ٻانھون کنجيم. ليڪن سمجھ ۾ آڱوٺو ئي نه اچي ته ڪيان ڇا؟ اڳيان ڳاڙھن، ساون ۽ ڦڪن ڪتابن جا ڍير لڳا پيا ھجن. ھاڻي منجھانئن ڪھڙو پڙھان؟ فيصلو اھو ٿيو ته پھرين ڪتابن کي ترتيب سان ميز تي سٿي ھڻجي، ڇو جو باقاعدي مطالعي ڪرڻ جي پھرين منزل اھا آھي.
وڏي تختيءَ جي ڪتابن کي جدا ڪري رکيم. ننڍي تختيءَ وارن ڪتابن کي سائيز جي حساب سان الڳ قطار ۾ اڀو ڪري رکيم. ھڪڙي پني تي ھرھڪ ڪتاب جي صفحن جو ڳاڻيٽو لکي، مڙني جو جوڙ ھنيم. پوءِ ۱۵ اپريل تائينءَ جا ڏينھن ڳڻيم. صفحن جي انگ کي، ڏينھن جي انگ سان ونڊ ڪيم. ساڍا پنج سئو جواب آيو، پر پريشانيءَ کي ڪھڙي مجال آھي جو اسان جي چھري تي ظاھر به ٿئي! دل ۾ ٿورو پڇتايم ته صبح جو ٽين وڳي ڇو نه اٿيس. ليڪن گھٽ ننڊ ڪرڻ جي طبي پاسن تي غور ڪيم ته ھڪدم پنھنجي پاڻ کي ملامت ڪيم. آخرڪار ان نتيجي تي پڳس ته ٽين وڳي ڌاري اٿڻ ته اجايو آهي، البته پنجين، ڇھين يا ستين وڳي جي اَرِيب قَرِيب ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ، ٺيڪ ئي رھندو. صحت به قائم رھندي، ۽ امتحان لاءِ تياري به باقاعده ٿي سگھندي. لال به لڀندو، پريت به رھجي ايندي.
ھلندي ھلندي خيال آيو ته لالا جيءَ کي جاڳائڻ لاءِ چئي نه ڇڏجي؟ ائين ته پنھنجي قوت ارادي به گھڻي پختي آھي، اگر چاھيون ته اٿي به سگھون ٿا، ليڪن وري به چوڻ ۾ ڇا آھي؟ ڊڄندي ڊڄندي سَڏُ ڪيم؛ “لالا جي!؟
ھن به ڀينڊُ اڇلي ھنيو؛ “ييس!”
مان اڃان به وسامي ويس؛ “شايد لالا جي ٿورو ٿورو ناراض پئي لڳو.” ٻاتڙائي عرض ڪيومانس؛ “لالا جي! صبح اوھان کي گھڻي تڪليف آئي. مان ان لاءِ اوھان جو ٿورائتو آھيان. سڀاڻي به ٿورو مون کي ڇھين وڳي يعني جنھن وقت ڇھ وڄي وڃن…”