پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن لاءِ ايندڙ ڏهاڪا معاشي لحاظ کان انتهائي اهم ۽ حساس ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي بئنڪ طرفان تازو ظاهر ڪيل خدشن موجب ايندڙ 10 کان 15 سالن دوران لکين نوجوانن کي روزگار نه ملڻ جو خطرو آهي، جيڪو نه رڳو اقتصادي، پر سماجي استحڪام لاءِ به هڪ وڏو چيلينج بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ، جتي نوجوانن جو وڏو حصو آبادي جو بنيادي جزو آهي، اهو خدشو وڌيڪ ڳڻتي جوڳو بڻجي وڃي ٿو. پاڪستان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن ۾ نوجوانن جو تناسب تمام وڏو آهي. هر سال لکين نوجوان تعليم مڪمل ڪري روزگار جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿين ٿا، پر روزگار جا موقعا ان رفتار سان پيدا نٿا ٿين. نتيجي طور بيروزگاري ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪو غربت، ڏوهن ۽ سماجي بيچيني کي جنم ڏئي سگهي ٿو. عالمي بئنڪ جي صدر اجي بنگا جو اهو چوڻ ته “روزگار غربت گهٽائڻ جو سڀ کان موثر ذريعو آهي”، حقيقت جي عين مطابق آهي، پر جيڪڏهن روزگار جا موقعا ئي محدود هجن ته پوءِ غربت جو خاتمو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟
اصل مسئلو صرف نوڪرين جي کوٽ نه آهي، پر معيشت جي جوڙجڪ ۾ موجود خاميون به آهن. پاڪستان جي معيشت گهڻو ڪري روايتي شعبن تي ڀاڙيندي آهي، جتي پيداوار گهٽ ۽ روزگار جا موقعا محدود آهن. ان کان علاوه، تعليم جو نظام به مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ناهي، جنهن ڪري نوجوانن وٽ گهربل مهارتن جي کوٽ رهي ٿي. نتيجي ۾ ڪيترائي تعليم يافته نوجوان به بيروزگار رهجي وڃن ٿا. عالمي بئنڪ طرفان روزگار وڌائڻ لاءِ پنج اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي پاڪستان لاءِ به انتهائي اهم ٿي سگهن ٿا. توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جا منصوبا نه رڳو معيشت کي مضبوط ڪن ٿا، پر وڏي پيماني تي روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪن ٿا. پاڪستان ۾ توانائي جو بحران اڳ ئي صنعتن جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، تنهنڪري هن شعبي ۾ سيڙپڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي. ساڳئي طرح سياحت جو شعبو، جيڪو پاڪستان ۾ وڏي صلاحيت رکي ٿو، اڃا تائين مڪمل طور تي استعمال نه ٿي سگهيو آهي. ملڪ جي قدرتي خوبصورتي، تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائي، نه رڳو پرڏيهي زر مبادله حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر مقامي سطح تي هزارين نوڪريون به پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
زراعت ۽ ايگري بزنس پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن. جديد ٽيڪنالاجي، بهتر منصوبابندي ۽ ويليو ايڊيشن ذريعي هن شعبي کي وڌيڪ منظم بڻائي سگهجي ٿو، جنهن سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. ان سان گڏ صحت جو شعبو به روزگار پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن ملڪ ۾ صحت جون سهولتون اڃا به گهٽ آهن، پر انهن سڀني موقعن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت سنجيده ۽ ڊگهي مدي واري پاليسين تي عمل ڪري. صرف امدادي پيڪيجز يا عارضي رليف سان مسئلو حل نه ٿيندو. عالمي بئنڪ طرفان 80 کان 100 ارب ڊالر تائين امداد جي اميد ضرور هڪ مثبت قدم آهي، پر ان جو صحيح ۽ شفاف استعمال وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن اهي وسيلا موثر طريقي سان استعمال نه ٿيا ته پوءِ اهي به ضايع ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه، نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ به انتهائي ضروري آهي. ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ، بيوروڪريسي ۾ سادگي آڻڻ ۽ سيڪيورٽي حالتن کي مستحڪم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائي سگهجي ٿي. جڏهن نجي شعبي کي وڌڻ جا موقعا ملندا ته روزگار پاڻمرادو پيدا ٿيندو. آخر ۾، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي. جيڪڏهن اڄ درست فيصلا ڪيا ويا ته نوجوانن کي ملڪ جي ترقي جو اهم هٿيار بڻائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ بيروزگاري جو وڌندڙ طوفان سماجي ۽ اقتصادي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو. وقت جي گهرج آهي ته حڪومت، نجي شعبي ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪري، جيئن نوجوانن کي مهارتون، موقعا ۽ هڪ بهتر مستقبل فراهم ڪري سگهجي.