بلاگنئون

منشيات جي دنيا جي بي تاج راڻي پنڪي ڪير آهي؟

انمول پنڪي ڪراچيءَ جي ابوالاصفهاني روڊ،گلشن اقبال، اي ون ڪامپليڪس جي رهڻ واري ميٽرڪ پاس ڇوڪري آهي، جيڪا 1995ع  ۾ ڪراچي ۾ ڄائي ۽ هن وقت 31 سالن جي آهي. پنڪي پنهنجن ٽن ڀائرن نثار، رياض ۽ شوڪت سان گڏ رهي ٿي. هن شروعات ۾ پاڻ منشيات استعمال ڪرڻ شروع ڪئي. شراب جي وڌيڪ استعمال سبب جڏهن شراب جو اثر گهٽ ٿيڻ لڳو ته هن ڪوڪين جو هڪ خاص مقدار شراب ۾ شامل ڪري پيئڻ شروع ڪيو ته ان جو مزو ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو. انهيءَ دوران منشيات وڪرو ڪندڙ رانا اڪرم پنڪيءَ سان شادي ڪري ڇڏي ۽ پنڪي پنهنجي فارمولي کي پاڻ تي آزمائڻ کانپوءِ منشيات جو وڪرو ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ لٿي. پنڪيءَ جي فارمولي تي ٺهيل منشيات مارڪيٽ ۾ تمام ستت ئي مقبول ٿي وئي. پنڪيءَ پنهنجي مڙس رانا اڪرم۽ ٽن ڀائرن جي مدد سان اهو ڪم اينٽي نارڪوٽڪس، ايڪسائيز ۽ پوليس جي نظر ۾ اچڻ بنا ڪافي سالن تائين ڪاميابي سان هلايو. سال 2021ع ۾ درخشان پوليس منشيات سپلاءِ ڪرڻ واري هڪ رائيڊر کي گرفتار ڪري ورتو. ڊليوري ڪندڙ رائيڊرن جون گرفتاريون 2022 تائين جاري رهيون. ٻڌايو وڃي ٿو ته درخشان پوليس ڪافي ڀيرا پنڪيءَ کي گرفتار ڪيو، پر پنڪي هر ڀيري ڏي وٺ کانپوءِ آزاد ڪئي وئي. پنڪيءَ جي چوڻ مطابق ته هوءَ جڏهن ڪراچي يا لاهور ۾ ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪرندي آهي ته پاڻ سان گڏ ٻه ڪروڙ کڻي نڪرندي هئي ته جيئن پڪڙجڻ جي صورت ۾ موقعي تي ڊيل ڪري نڪري وڃي ۽ ڪافي ڀيرا ائين پڻ ٿيو.

ڪراچي پوليس جي طرف کان هڪ سال ۾ ڏھ ڀيرا رائيڊرز گرفتاري کانپوءِ پنڪي لاهور منتقل ٿيڻ جو پروگرام رٿيو ۽ اتي وڃي پنهنجو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنڪيءَ پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته لاهور  ۾ ڪم ڪرڻ ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ آسان آهي. پنڪي لاهور ۾ خيابان بدر سوسائٽي رائونڊ روڊ لاهور ۾ رهندي پنهنجو نيٽ ورڪ ڪاميابي سان هلائيندي رهي ۽ پوليس ايئن خاموش هئي ڄڻ پوليس کي نانگ سونگهي ويو هجي. انهيءَ دوران پنڪيءَ کي رانا اڪرم نالي لاهور پوليس جي هڪ ڊي ايس پي گرفتار ڪري ورتو، پر ان گرفتاريءَ جو خاتمو پنڪي ۽ ڊي ايس پي صاحب جي پاڻ ۾ شادي تي پورو ٿيو. پنڪي 2022ع کان لاهور ۽ ڪراچي ۾ منشيات جو هڪ تمام وڏو نيٽ ورڪ هلائيندي رهي، پر حيرت انگيز طور تي وفاقي اداري اي اين ايف ۽ ٻنهي صوبن جا ايڪسائيز جا محڪمه پنڪيءَ جي نيٽ ورڪ کان اڻڄاڻ هئا، پر لاهور پوليس جي ڊي ايس پي جي پنڪيءَ سان شاديءَ کانپوءِ به لاهور پوليس هن نيٽ ورڪ کان لاعلم رهي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ايتري وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻ واري نيٽ ورڪ کان ٽي ادارا ڪيئن اڻڄاڻ رهيا. وزير داخلا محسن نقوي ۽ ايڪسائيز سنڌ ۽ ايڪسائيز پنجاب جي وزير صاحبن کي منشيات ختم ڪرڻ وارن ادارن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. پوليس ۽ انٽيليجنس بيورو (آئي بي) ڪيستائين انهن جو ڪم ڪندا رهيا سوال اهو آهي ته اهي ادارا ڪڏهن آزاد طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا؟ ڪيئن پنڪي خاموشيءَ سان لاهور ۽ ڪراچي ۾ نيٽ ورڪ هلائيندي رهي، اهو اسان جي سڄي نظام جي مٿان هڪڙو سواليه نشان کڙو ٿو ڪري.

 رمانڊ وٺڻ وقت هڪ ڪراچي پوليس جي انسپيڪٽر ذاتي طور تي رمانڊ جي نگراني ڪري رهيو هو. رمانڊ نه ملڻ تي ان انسپيڪٽر پنڪيءَ کي مبارڪ ڏني ۽ ٻڌايو ته سندس ڪوشش سان پنڪيءَ جو پوليس رمانڊ نه مليو ۽ عيد کان اڳ پنڪيءَ کان پنج لک عيد جي خرچي وٺي ڇڏيائين. پنڪيءَ جي گرفتاري هڪ ڳجهي اداري آئي بي جي ڪري عمل ۾ آئي. ڪراچي پوليس سنڌ پوليس جو چهرو آهي، جيڪو هن وقت اسان کي داغدار نظر اچي رهيو آهي. اها ڳالھه نهايت افسوس سان چوڻي ٿي پوي ته ڪراچي پوليس ۾ ڪيترائي بدنام ۽ نااهل آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، جن محڪمي کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هر روز وزير داخلا، آئي جي ۽ ايڊيشنل آئي جي پريشان نظر اچن ٿا. ڪراچي پوليس جو قبلو ڪير درست ڪندو؟ اهو هڪ سوال آهي يقينن وزير داخلا، آئي جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي سموري سنڌ جي پوليس جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي نه ته پوليس ائين ئي بدنام ٿيندي رهندي ۽ سنڌ پوليس جي بدنامي سنڌ جي بدنامي آهي. ڪالھه جنهن انسپيڪٽر پنڪيءَ کان عيد جي خرچي ورتي. اهڙن ٻين ڪيترن ئي بدنام آفيسرن ۽ ملازمن جي هڪ وڏي لاٽ موجود آهي، انهن کي ٽرين ۾ ويهاري ٿر ڏانهن نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن اتي انهن آفيسرن جو دماغ درست ٿئي. رهي ڳالھه پنڪيءَ کي بنا هٿڪڙي هڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ته قانون جي تحت ڪنهن به عورت کي هٿڪڙي نٿي لڳائي سگهجي.