انڊونيشيا، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي مسلم اڪثريتي رياست آهي، تازو هڪ شديد سياسي ۽ معاشي بحران مان گذري رھي آھي جتي عوام حڪومتي شاهه خرچين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي مراعتن خلاف رستن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو. هي احتجاج، جيڪو 25 آگسٽ 2025 تي جڪارتا کان شروع ٿيو، تيزيءَ سان سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو ۽ تشدد جي صورت اختيار ڪري ويو. عوام جي شديد دٻاءُ جي نتيجي ۾ صدر پرابوو سوبيانتو 31 آگسٽ تي اعلان ڪيو ته قومي اسيمبلي جون مراعتون ختم ڪيون وينديون ۽ سڀ وڏيون سياسي پارٽيون هن فيصلي تي متفق ٿي ويون آهن. بهرحال، هن احتجاج دوران گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن سياسي اڳواڻن جي گهرن، پوليس اسٽيشنن ۽ سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏنيون. هي واقعا آڪٽوبر 2024 ۾ اقتدار سنڀاليندڙ صدر سوبيانتو جي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو امتحان ثابت ٿي رهيا آهن۔
ڏکڻ مشرقي ايشيا جي سڀ کان وڏي معيشت هوندي به انڊونيشيا هن وقت مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ جي بحران مان گذري رهيو آهي. ورلڊ بئنڪ موجب 2025 کان 2027 تائين انڊونيشيا جي معاشي واڌ جي شرح 4.8 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، جيڪا صدر سوبيانتو جي چونڊ مهم ۾ ڪيل واعدي (8 سيڪڙو واڌ) کان گهڻو گهٽ آهي. عوام جو غصو تڏهن ڀڙڪي اٿيو جڏهن ميڊيا رپورٽن ۾ انڪشاف ٿيو ته قومي اسيمبلي جا 580 ميمبر هر مهيني هائوسنگ الائونس طور 50 ملين رپيا (تقريبن 3,075 آمريڪي ڊالر) وٺي رهيا آهن. هي رقم جڪارتا جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان 10 ڀيرا ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان 20 ڀيرا وڌيڪ آهي. هي الائونس سيپٽمبر 2024 کان لاڳو ٿيو هو ۽ ميمبرن جي پگهارن کان علاوه هو، جنهن سان سندن ماھوار آمدني 100 ملين رپين کان وڌي وئي۔ شاگردن، مزدورن ۽ عام شهرين “ڪرپٽ ايليٽس” خلاف نعرا هڻي مطالبو ڪيو ته قومي اسيمبلي ختم ڪئي وڃي، مراعتون واپس ورتيون وڃن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ميمبرن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي. احتجاجي گروپ “گيجيان ميگيل” چيو ته هي مراعتون “غير انساني” آهن جڏهن عوام معاشي تڪليف مان گذري رهيو آهي ۽ حڪومتي بجيٽ ۾ ڪٽوتين تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي کي متاثر ڪيو آهي. صدر سوبيانتو جون پاليسيون، جهڙوڪ: فري مل پروگرام (اسڪول ٻارن لاءِ مفت ناشتو) ۽ فوجي خرچن ۾ اضافو، به تنقيد هيٺ آهن، ڇو ته اهي قومي بجيٽ تي دٻاءُ وڌائي رهيون آهن۔
احتجاج 25 آگسٽ تي جڪارتا ۾ قومي اسيمبلي جي عمارت ٻاهران شروع ٿيو، جتي هزارين شاگردن ۽ شهرين حڪومت خلاف نعرا هنيا ۽ رڪاوٽون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس آنسو گيس ۽ واٽر ڪينن استعمال ڪيا، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن پٿراءُ ڪيو ۽ باهه لڳائي. هي احتجاج تيزيءَ سان ميڊان، سورابايا، بندونگ، يوگياڪارٽا ۽ ماڪاسر جهڙن شهرن تائين پکڙجي ويو۔ سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعو 28 آگسٽ تي پيش آيو، جڏهن 21 سالن جو موٽرسائيڪل سوار عفان ڪرنياوان پوليس جي بڪتر بند گاڏيءَ هيٺ اچي مارجي ويو. عفان، جيڪو کاڌ خوراڪ ڊليوري ڪري رهيو هو ۽ احتجاج جو حصو به نه هو، هن حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺو. هن واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن عوامي ڪاوڙ کي وڌيڪ ڀڙڪايو. 29 آگسٽ تي مظاهرين جڪارتا ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو، جتي باهه لڳائي وئي ۽ ڦرلٽ ڪئي وئي. ساڳيءَ ريت، ماڪاسر ۾ 29 آگسٽ تي مظاهرو ڪندڙن علاقائي قومي اسيمبلي جي عمارت کي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون ۽ پنج زخمي ٿيا. ٻن ماڻهن عمارت مان ٽپو ڏئي جان بچائڻ جي ڪوشش ۾ جان وڃائي، جڏهن ته هڪ سرڪاري ملازم اسپتال ۾ دم ڏنو. هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ ماڻهو کي “جاسوس” سمجهي تشدد ڪيو ويو ۽ هو زخم برداشت نه ڪري سگهيو. هن وقت تائين ڪل 5 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ 37 کان وڌيڪ سرڪاري عمارتن کي نقصان پهتو يا تباهه ڪيو ويو آهي. مظاهرو ڪندڙن سياسي اڳواڻ احمد سحروني جهڙن ميمبرن جي گهرن کي به لٽيو ۽ باهه لڳائي، جيڪي پنهنجي متنازع بيانن جي ڪري تنقيد هيٺ هئا۔
صدر سوبيانتو عفان جي خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ 7 پوليس آفيسرن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو، پر مظاهرو ڪندڙن پوليس جي “ظالماڻي” ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي. انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو ته “احتجاج جي حق لاءِ ڪنهن جي جان وڃڻ نه گهرجي۔” عوامي دٻاءَ اڳيان جهڪندي صدر سوبيانتو 31 آگسٽ تي قومي خطاب ۾ اعلان ڪيو ته سڀئي 8 وڏيون سياسي پارٽيون قومي اسيمبلي جي مراعتن ختم ڪرڻ تي متفق ٿي ويون آهن. هن چيو: “قومي اسيمبلي جي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ميمبرن جا هائوسنگ الائونس واپس ورتا ويندا ۽ غير ملڪي دورن تي پابندي لڳائي ويندي.” ان کان علاوه، سياسي پارٽين فيصلو ڪيو ته اهي ميمبر خارج ڪيا ويندا جيڪي مظاهرين جو مذاق اڏائيندا رهيا يا غير ذميوار بيان ڏيندا رهيا۔ صدر عوام کي اپيل ڪئي ته هو “حڪومت ۽ منهنجي قيادت تي ڀروسو ڪن” ۽ چيو: “امن پسند احتجاج جو حق محفوظ آهي، پر ڦرلٽ ۽ تباھي دهشتگردي غداري برابر آهن.” هن پوليس ۽ فوج کي “سخت کان سخت ڪارروائي” جو حڪم ڏنو. هن اعلان کانپوءِ احتجاج جي شدت گهٽجي وئي، پر شاگرد اڳواڻن چيو ته “اهي قدم ناڪافي آهن، معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۽ پوليس سڌارن جي ضرورت آهي۔” انڊونيشيا جي صدر چين جو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن ملڪ جي صورتحال تي ڌيان ڏئي سگهي. سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ به احتجاج سبب عارضي طور لائيو اسٽريمنگ معطل ڪري ڇڏي۔ عوام ۾ خوشي آهي ته سندن احتجاج حڪومت کي مراعتون ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر هلاڪتن ۽ تباھي غم جي لهر پيدا ڪئي آهي. شاگرد اڳواڻ موزاميل احسان چيو: “اسان جو غصو جائز آهي، پر اصل مسئلا جيئن معاشي اڻ برابري ۽ بدعنواني حل ڪرڻ لازمي آهن۔” ماهرن جو خيال آهي ته هي احتجاج انڊونيشيا جي جمهوريت لاءِ هڪ اهم موڙ ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي جڏهن فوجي ڪردار وڌي رهيو آهي ۽ معاشي اڻ برابري عروج تي آهي۔ انڊونيشيا جي 280 ملين آبادي هاڻي معاشي استحڪام، انصاف ۽ شفافيت جي گهرج رکي ٿي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجا واعدا پوري نه ڪري سگهي ته وڌيڪ احتجاج جو امڪان موجود آهي. هي واقعا نه رڳو صدر سوبيانتو جي قيادت، پر ڏکڻ مشرقي ايشيا جي سياسي استحڪام تي به سوال اٿارين ٿا۔