“جيڪڏھن اوھان اھو سمجھو ٿا ته معيشت ماحول کان وڌيڪ اھم آھي ته پنھنجا پئسا ڳڻڻ وقت پنھنجي ساهه کي روڪي ڏسو.” اھي لفظ آمريڪا جي ھڪ سائنسدان ۽ اريزونا يونيورسٽيءَ جي بائيولاجي جي پروفيسر گاءميڪ فرسن جا آھن.
ماحولياتي گدلاڻ جتي سڄي دنيا کي متاثر ڪري رھي آھي اتي پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ سرفهرست آهي. ماحولياتي گدلاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موسمياتي تبديلين وگھي ٻين نقصانن سان گڏ سنڌ جي تازي پاڻيءَ جون ڍنڍون بري طرح متاثر ٿي رھيون آھن. اھي ڍنڍون جتي انسانن لاءِ جياپي جو سبب آھن اتي آبي حيات ۽ نباتات جي واڌ ويجھ لاءِ پڻ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون. سياري جي مند ۾ اھي ڍنڍون پرڏيھي پکين جي لاءِ پناهه گاھ جو ڪم ڏين ٿيون. سياحتي لحاظ کان پڻ ھنن جي تمام گھڻي اھميت آھي.
سنڌ ۾ ڍنڍن جو ھڪ وڏو تعداد موجود آھي، پر ماحولياتي گدلاڻ، موسمياتي تبديليءَ ۽ انساني ھٿ چراند انھن مان ڪيترين کي يا ته صفحه ھستيءَ تان ميساري ڇڏيو آھي يا انھن کي تباهيءَ جي ويجھو آڻي ڇڏيو آھي. تڪليف ڏيندڙ ڳالھ اھا آھي ته ھنن تباهه ٿيندڙ ڍنڍن مان ڪجھ اھڙيون آھن جيڪي “رامسر سائيٽس” جي لسٽ ۾ موجود آھن. رامسر ڪنوينشن 1971 ۾ ايران جي شھر رامسر ۾ منعقد ڪئي وئي هئي جيڪا 1975 کان نافذ العمل ٿي. ھن ڪنوينشن جو خاص مقصد دنيا جي ڍنڍن ۽ ڍورن جو بچاءُ ڪرڻ ھو. ان حوالي سان دنيا جون اھي وڏيون ڍنڍون جيڪي خطري ھيٺ ھيون انھن کي رامسر سائيٽس جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي ڪجھ مشھور ۽ موسمياتي تبديليءَ جي ڪري خطري ھيٺ آيل ڍنڍن جو تفصيل ھيٺين ريت آھي:
منڇر ڍنڍ: منڇر ڍنڍ جو شمار ايشيا جي وڏين ڍنڍن ۾ ٿيندو آھي. سنڌ جي آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب موجب منڇر ڍنڍ 35 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آھي، پر چوماسي جي موسم ۾ اھا ڍنڍ 500 چورس ڪلو ميٽرن تائين پکڙجي ويندي آھي. مٺي پاڻيءَ جي ھن ڍنڍ ۾ پاڻي جو ذريعو برسات ۽ جابلو نيون آھن. ھن ڍنڍ سان ھزارين مھاڻن ۽ مڇيءَ جي واپارين جو روزگار ڳنڍيل رھيو آھي. موسمياتي تبديليءَ وگھي ھن جي پاڻيءَ جي رسد گھٽ ٿيندي وئي مٿان وري حڪومت سم نالن جو پاڻي به منڇر ذريعي درياءَ ڏانھن اماڻڻ شروع ڪيو. نتيجي طور مٺو پاڻي کارو ٿيندو ويو، جنھن آبي جيوت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو. ھن عمل سان جتي منڇر جي مھاڻن ۾ بيروزگاري، بک ۽ بيمارين جنم وٺڻ شروع ڪيو اتي پرڏيهي پکين جي آمد پڻ متاثر ٿي.
حمل ڍنڍ: قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ واقع حمل ڍنڍ، ايراضيءَ ۾ منڇر کان ٻئي نمبر تي آھي. ھن ڍنڍ ۾ پاڻي سنڌ بلوچستان جي وچ ۾ موجود جبلن جي نين مان ايندو آھي. برساتن جي گھٽتائي ۽ سم نالن جي پاڻيءَ ھن ڍنڍ کي پڻ تباهيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آھي.
ڪينجھر ڍنڍ: ٺٽي ضلعي ۾ موجود ڪينجھر ڍنڍ مٺي پاڻيءَ جي ھڪ وڏي ڍنڍ آھي. ھن ڍنڍ منجھان ڪراچيءَ کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي ٿيندي آھي. رامسر سائيٽس ۾ شامل ھن ڍنڍ لاءِ پاڻي سنڌو نديءَ مان ايندو آھي. اھا ڍنڍ نوري ڄام تماچيءَ جي نسبت سان به تمام گھڻي مشھور آھي. ڪينجھر جي خوبصورتي ۽ ڪراچيءَ جي ويجھو ھجڻ ڪري سياحن جو ھڪ وڏو انگ ھتي موجود ھوندو آھي. ڪينجھر ڍنڍ لاءِ شاعرن جي سرتاج شاہه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ چيو آھي ته:
آبي جيوت جي حوالي سان ھن ڍنڍ تي مھاڻن جو وڏو تعداد پنھنجي روزي روٽيءَ ۾ مصروف ھوندو آھي. سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير منصفاڻي ورڇ ھن خوبصورت ڍنڍ کي متاثر ڪري رھي آھي. سياحن طرفان ڍنڍ ۾ اڇلايل پلاسٽڪ جون بوتلون، ٿيلھيون ۽ ٻيو گند ڪچرو آبي جيوت لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي.
ھاليجي ڍنڍ: ٺٽي ضلعي ۾ موجود ھاليجي ڍنڍ پڻ رامسر سائيٽ جي لسٽ ۾ شامل آھي. ڪراچيءَ کي مٺي پاڻيءَ جي سپلائي سان گڏ اھا ڍنڍ واڳن لاءِ ھڪ محفوظ پناهه گاھ آھي. سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زرعي زمينن منجھان جيت مار دوائن جو فضلو ھن ڍنڍ کي نقصان پھچائي رھيوآھي.
بقار ڍنڍ: سانگھڙ ضلعي جي اھا ڍنڍ آبي جيوت ۽ پرڏيھي پکين لاءِ ھڪ نعمت جي حيثيت رکي ٿي. درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پڻ ھن کي متاثر ڪري رھي آھي.
نرڙي ڍنڍ: بدين ضلعي جي ساحلي پٽيءَ تي موجود نرڙي ڍنڍ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سخت متاثر ٿي رھي آھي. جر کارو ٿيڻ سبب ھن ڍنڍ جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويو آھي.
وسوارن ادارن کي گھرجي ته ھو انھن ڍنڍن ڍورن کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺن. سياحن کي پڻ گھرجي ته ھنن ڍنڍن تي تفريح خاطر ضرور وڃن، پر کين گدلو ڪرڻ کان احتياط ڪن. اھو نه ٿئي جو بقول مشھور شاعر فراغ جعفري جي: