بلاگنئون

مثبت سوچ ڪيترين ئي بيمارين جو قدرتي علاج

صحت ۽ خوشي رڳو جذباتي ڪيفيتون نه آهن، پر اهي حياتياتي ضرورتون به آهن. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته مثبت سوچ، توازن ۽ اعتدال مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا، دل جي بيمارين کان بچائين ٿا ۽ عمر ۾ واڌ ڪن ٿا.Mayo Clinic  جي هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو، جيڪي مثبت ۽ خوشگوار سوچ رکندا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ مرڻ جو خطرو 50 سيڪڙو گهٽ ٿيندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي مايوس رهندا آهن انهن ۾ اهو خطرو وڌي ويندو آهي.

خوراڪ ۽ ذهني سڪون: کاڌ خوراڪ انسان جي مزاج ۽ نفسيات تي گهرو اثر وجهي ٿيThe Lancet Psychiatry ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب ميوا، ڀاڄيون ۽ مڇيءَ تي ٻڌل خوراڪ ڊپريشن ۽ پريشاني گهٽائين ٿيون. جڏهن ته پروسيس ٿيل خوراڪ ۽ ڳاڙهو گوشت چڙ ۽ نفسياتي بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا. صديون اڳ يوگي ۽ صوفي هلڪي ۽ اعتدال واري خوراڪ تي زور ڏيندا رهيا آهن، جيڪا سڪون ۽ روحاني ڌيان وڌائيندي آهي. جيئن قديم چوڻي آهي: “معدو ڏاهپ جي مسند آهي.”

ٻئي طرف ڳري، تيز مرچن واري ۽ پروٽين سان ڀرپور خوراڪ اڪثر ڪاوڙ ۽ مزاجي اُٿل پُٿل جو سبب بڻبي آهي. اعتدال سان کاڌو نه رڳو جذباتي توازن برقرار رکي ٿو، پر ڊگهي عمر ۽ دائمي بيمارين کان بچاءُ جو ذريعو به آهي.

قدرتي ۽ متبادل علاج: اڄ سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو مصنوعي دوائن بدران متبادل ۽ روايتي علاج ڏانهن مائل ٿي رهيا آهن. عالمي صحت تنظيم(WHO) موجب دنيا جي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو آبادي روايتي دوائن، جڙي ٻوٽين ۽ متبادل علاج تي ڀاڙي ٿي. ريڪي، اڪيوپنڪچر، رفليڪسولوجي ۽ ايروماٿراپي جهڙا طريقا مغربي ملڪن ۾ به تيزي سان مقبول ٿي رهيا آهن. ريڪي، جيڪا شروع ۾ جاپان تائين محدود هئي، هاڻي آمريڪا ۽ يورپ جي اسپتالن ۾ دٻاءُ گهٽائڻ ۽ تڪليفن جي علاج لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.

سوچ ۽ دٻاءُ- ٽائپ-A ۽ ٽائپ-B: مشهور ڪارڊيو لوجسٽ ڊاڪٽر ميئر فرائڊمين(Meyer Friedman) ماڻهن جي شخصيت جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن. ٽائپ-A: بي صبر، مقابلي پسند ۽ جارح مزاج ماڻهو. انهن ۾ دٻاءُ ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.Harvard  ان تحقيق جي تصديق ڪئي آهي ته ٽائپ-A رويا رت جي دٻاءُ ۽ دل جي بيمارين جا امڪان وڌائين ٿا.

ٽائپ-B: صابر، منظم ۽ پرسڪون ماڻهو، اهي گهٽ دٻاءُ ۾ رهن ٿا ۽ بيمارين کان وڌيڪ محفوظ ٿين ٿا.

دٻاءُ جو اثر سڌو مدافعتي نظام تي پوي ٿوProceedings of the National Academy of Sciences ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته امتحانن دوران شاگردن ۾ اينٽي باڊي(Antibody)  جي سطح گهٽجي وئي، جنهن ڪري انهن ۾ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ هاڻي سائيڪلو نيورو اميونالاجي(PNI)  تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو دماغ، جذبات ۽ مدافعتي نظام جي ڳانڍاپي کي سمجهي ٿو.

ورزش: بهترين دوا: ماهرن جي راءِ آهي ته ورزش سڀ کان موثر احتياطي دوا آهيAmerican Heart Association موجب هفتي ۾ صرف 150 منٽ تيز پنڌ دل جي بيمارين، شگر ۽ ڪينسر جو خطرو گهٽائي ٿي. ورزش ذهني دٻاءُ گهٽائي ٿي، ننڊ سڌاري ٿي ۽ ذهني وضاحت وڌائي ٿي. اهوئي سبب آهي جو مغربي ملڪن ۾ ماڻهو لنچ ٽائيم دوران جاگنگ يا سائيڪل هلائيندا نظر اچن ٿا.

سائنس به اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته انساني جسم جا گهرڙا 120 سالن تائين فعال رهي سگهن ٿا. هنزا (پاڪستان)، هماليا ۽ روسي يا رومانيه جي ڪجهه علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اڪثر 100 سالن کان مٿي جي عمر تائين زنده رهندا آهن. انهن جي ڊگهي عمر جو راز سادي خوراڪ، جسماني سرگرمي ۽ گهٽ دٻاءُ ۾ لڪل آهي.

ذهن جي طاقت: بيماري اڪثر پنهنجي حقيقت کان وڌيڪ خوفناڪ لڳندي آهي. الفريڊ ڪينٽ پنهنجي ڪتابThe Healing Magic of Mind  ۾ لکي ٿو ته “مان ٿڪل آهيان” يا “مان بيمار آهيان” جهڙا جملا صحت مند ماڻهوءَ کي به بيمار ڪري سگهن ٿا. پر مثبت سوچ ۽ مضبوط ارادو شفا کي تيز ڪري ٿو. طب ۾ بار بار ڏٺو ويو آهي تهPlacebo Effect  جي ڪري مريض صرف علاج تي يقين ڪرڻ سان به صحتياب ٿين ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي فعال دوا نه ڏني وڃي.

تاريخ مان سبق: جاپان جي ميجي شهنشاهه جا اصول اڄ به ماڻهن جي سوچ تي اثرانداز آهن. پهريون اصول شڪر گذاري تي ٻڌل هو، يعني جيڪو ڪجهه آهي، ان تي شڪر ادا ڪيو. جديد نفسيات به تصديق ڪري ٿي ته شڪرگذاري خوشي وڌائي ٿي ۽ ڊپريشن گهٽائي ٿي.

ٻيو اصول اهو هو ته اجائي فڪر ۽ ڳڻتي کان پاسو ڪيو وڃي. جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته روزانو جي 80 سيڪڙو ڳڻتيون حقيقت ۾ ڪڏهن ٿينديون ئي نه آهن، پر انهن جو اثر صحت تي ضرور پوي ٿو. پريشاني ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ذهن کي وڪوڙي ٿي ڇڏي، پر مثبت سوچ ۽ عملي قدم نه رڳو مسئلا حل ڪن ٿا پر اندروني سڪون به بحال ڪن ٿا.

نتيجو: سائنس ۽ روحانيت ٻنهي جو هڪ ئي سچ آهي: مثبت ذهن سڀ کان طاقتور دوا آهي. معتدل غذا، سادي زندگي، ورزش ۽ شڪرگذاري انسان کي بيمارين کان بچائين ٿيون ۽ زندگي ڊگهي ڪن ٿا. جيئن ڏاهن چيو آهي: “پنهنجي سوچ بدلائي ڇڏيو، زندگي پاڻهي بدلجي ويندي.”