نئون

ترقيءَ جي تاريخ مخالفتن جي داستانن سان ڀري پئي آهي

سائنسي ترقي سميت انسان جي ترقي جي تاريخ مخالفتن جي داستانن سان به ڀري پئي آھي. جڏھن 16 صدي عيسوي ۾ پھريون ڪاروباري نظريو مرڪنٽلزم آيو تڏھن به مذھبي عالمن ان نظريي خلاف ھڪ وڏو بحث ڪري ان کي غلط قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اھو ڪاروباري نظريو پوري دنيا تي ڇانئجي ويو، جنھن کانسواءِ دنيا ھاڻ چُري به نٿي سگھي. جڏهن پهريون دفعو لائوڊ اسپيڪر اڳيان آيو ته ان کي دجال جو آواز قرار ڏئي رد ڪيو ويو، ماڻھو حيران ٿيا ته انسان جو آواز ان جي وات مان نڪرڻ بجاءِ مشين مان ڪيئن ٿو اچي؟ ايئن ريڊيو لاءِ به شيطان کي گھر ۾ آڻڻ چيو ويو، ٽي وي کي گھر ۾ آڻڻ کي به خراب چيو ويو، ڪابه اھڙي شيءِ ناھي جنھن جي ابتدا ۾ مخالفت نه ٿي ھجي، پر پوءِ آھستي آھستي ماڻھن انھن کي نه رڳو اپنايو، پر ماڻھن جو انھن شين تي انحصار وڌي ويو. 19 ھين صدي ۾ ھڪ سائنسدان اھو به چئي ويٺو ته سائنس کي جيڪا ترقي ڪرڻي ھئي سا ان ڪئي ھاڻ وڌيڪ ترقي جي باقي گنجائش نه رھي آھي. جڏھن، فون، ريڊيو، ٽي وي ان کانپوءِ ايجاد ٿيا، تاريخ جي سڀ کان وڌي ترقي ٽي وي جي ايجاد آھي، جنھن ذريعي تصوير کي آواز سان گڏ ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي رسايو ويو، بعد ۾ مواصلات جي جديد ذريعن ان کي وڌيڪ ڦھلايو، سائنسي ترقي ۾ ھاڻ ايتري تيزي آئي آھي جو اسان جي زندگي ۾ جيڪي نيون شيون آيون اسان استعمال ڪيون، پر اسان جو اولاد انھن کي سمجھڻ ۽ سڃاڻڻ کان قاصر آھي. مواصلات جي ذريعن ۾ ٽيليگراف، ٽيليگرام، ٽيليڪس، فيڪس جھڙين مشينن جو اسان ته استعمال ڪيو، پر اسان جا ٻار انھن کان بي خبر آھن، مونو گرام، فونو گرام، ٽيپ رڪارڊر، وي سي آر به ٻارن کي سمجھ ۾ نٿا اچن، ٽيپ رڪارڊر به ماڻھن کي حيران ڪيو، ماڻھن جو ڳالھائڻ رڪارڊ ٿي ويندو ھو ته ان جي رڪارڊنگ کي ٻڌي ماڻھو حيران ٿيا، ايئن بيشمار معاملن ۾ ٿيندو اچي. جڏهن بينظير ڀٽو اسلامي ملڪ جي پھرين خاتون وزيراعظم ٿي ته ان تي به فتوائون لکجي آيون. جنھن ۾ عورت جي حڪمراني کي رد ڪيو ويو آھي. ان وقت جي پاڪستاني صدر غلام اسحاق خان چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ عورت ملڪ جي وزيراعظم ٿي سگھي ٿي، ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ به نئين دوائن ۽ ويڪسينن جي مخالفت جي ھڪ وڏي تاريخ آھي. پينسلين جي دوا تي به اعتراض اٿيا ته اھا فطرت سان جنگ آھي، چيو ويو ته ان جو استعمال جائز ناھي. فطرت سان ته جنگ اھا به آھي ته انسان اگھاڙو پيدا ٿيو آھي ۽ اگھاڙو ئي رھي، دريائن کي به بند نه ٻڌا وڃن، انھن کي اجازت ڏجي ته جتان وڻي اتان وھي وڃن، کاڌن کي به پچائي نه کائجي ڇو ته اھو عمل به فطرت جي خلاف جنگ جي برابر آھي. ھاڻ ته ھٿرادو بارشون وسايون پيون وڃن، ملڪن جون موسمون به ھٿرادو تبديل ڪرڻ جون ٽيڪنالاجيون اچي ويون آھن، جينيٽڪ سائنس جي ترقي ذريعي آر اين اي ۽ ڊي اين اي تائين رسائي ٿي وئي آھي، جينس ۾ تبديلي جو سائنسي علم ترقي ڪري ويو آھي، ڪيٽا بوليزم ۽ ميٽا بوليزم تي به ڪنٽرول ٿي ويو آھي، جنھن سان ابتدائي رپورٽن مطابق انسانن جون عمريون 100 سالن مان 1300 سالن تائين وڌائڻ جي دعويٰ به سامھون اچي وئي آھي، دنيا جي وڌندڙ ماڻھن جا مسئلا انھن جي تعداد وڌڻ سان وڌن پيا ان ڪري ان طرف به سنجيدگي سان سوچيو پيو وڃي ته دنيا جي آبادي گھٽائجي ته جيئن باقي بچيل ماڻھو سڪون سان رھي سگھن. ڌرتي ھڪ اھڙو گرھ آھي جنھن تي زندگي جنم ورتو ۽ اھي زندگيون رھي ۽ بچي سگھيون جيڪي ڌرتي جي موسمي ماحول سان مطابقت رکندڙ ھيون ۽ آھن. انسان انھن مان ھڪ اھڙو جيو آھي جنھن کي 2 آزاد ھٿ ۽ سوچڻ جو دماغ عطا ٿيو، سو فطرت کي شڪست ڏيندو ترقي ڪندو اڳتي وڌندو رھيو آھي. 50، 60 سال اڳ ته ٽي بي جي بيماري جي تشخيص ۽ علاج به نه ھو. ان کان اڳ ماتا جھڙي بيماري ڪروڙين ماڻھن کي وقت کان اڳ ماري دفن ڪيو، ميڊيڪل سائنس ان بيماريءَ جو دنيا مان وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. ھاڻ ته ان جي ابتڙ وائرس کي ھٿرادو طور تي ليبارٽرين ۾ پيدا ڪري ڦھلائي ھٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، عين ممڪن آھي ته بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ جي ويڪسينن ۾ ڪي جزا اھڙا به ھجن جن جا سائيڊ افڪيٽ انساني زندگين کي متاثر به ڪن ۽ اھا نه سمجھ ۾ ايندڙ سازش به ھجي.