روح جي گريفٽي:
”ننڊ جي اکين ۾ جاڳندڙ خواب جو نظم“
دل (خوبصورت شاعر مزمل سائر جي نظم ”روح جي Graffiti“ بابت ڪجهه ويچار ڪجهه احساس)
دل جي ريشمي پاند ۾ ٻڌل خواب سان خاموش گُفتگو جو ٻيو نالو شاعري آهي. تجريدي آرٽ جهڙي احساس سان اُڻيل مزمل سائر جو هي نظم طويل آهي به ۽ ناهي به. ڇو ته شاعري ته بس رڳو شاعري آهي، نه طويل نه مختصر!
هڪ لهر،
هڪ ڪيفيت،
هڪ احساس
۽ يادگيريءَ ۾ وسندڙ هڪ سرمئي برسات
روح جي گريفٽي:
ڊسمبر جي ڪنهن رات ۾ گرم گرم ڪافي مان اڏامندڙ خوشبوءَ جو رنگ!
هي هڪ نظم ته آهي ئي،
پر هيءَ هڪ ڪهاڻي به آهي!
جنهن ۾ ٻه ڪردار چيريءَ جي وڻ هيٺان ويهي ستارن، پکين، هوائن ۽ اداس محبتن بابت اڌورن جملن، نظر نه ايندڙ لفظن ۽ درياهه جي لهجي ۾ گفتگو ڪن ٿا ۽ منهنجي لاءِ هيءُ ڪهاڻيءَ جهڙو نظم هڪ ناول پڻ آهي! ارپنا جي شروعات، مهاڳ جي Burning Point ۽ نظم جي ڪلائميڪس سميت هڪ ڀرپور، بهترين جديد علامتي سريئلسٽ ناول!
“ڪرسٽينا سان آخري ملاقات، چهري جي ڌُندلي يادگيري… ذهن جي يادگيريءَ ۾ گهمندڙ جهيڻو آواز…. اڌوري اڌوري مُرڪ…. ڪيفي جي ٻاهران مينهن ڦُڙين جي ٽِپ ٽِپ…… آسمان جي نِرڙ تي انڊلٺ….. فوٽ پاٿ تي شاپنگ ڪارڊ گهليندڙ ٻارڙي….. گرم گرم ڪيپچينو مان اٿندڙ هلڪو دونهون…. سڀ ڪجهه ذرڙو ذرڙو….. ڪجهه به پورو نه…. نه اڇو نه ڪارو….. فقط “Grey”(ڪتاب جي مهاڳ مان جملا)
بلڪل جهڙو ناول جو هڪ باب!
ڀلا ناول يا ڪهاڻي نه ئي سهي، پر هيءُ نظم ڪافي حد تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ عالمگير Global نظم ته آهي ئي آهي. جو نظم ۾ اُهي سڀ رنگ روپ يعني گهاڙيٽو Form، موضوع، مواد، جديد حسيت، اڻ ڇهيا استعارا، نيون نڪور تشبيهون ۽ اظهار جي حُسناڪ بي ساختگي موجود آهي، جيڪا سندس عالمگيريت جو ثبوت آهي. ڌرتيءَ جي اُڀرندي ڪُنڊ کان الهندي ڪناري تائين ۽ اُتر کان ڏکڻ تائين ڪلاسڪ توڻي جديد جيڪو به علمي ادبي اثاثو آهي، هيءُ نظم ان کي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڇُهي ٿو ۽ پڙهندڙ کي هڪ نئين دنيا سان متعارف ڪرائي ٿو.
فارسي، عربي، هندي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي سميت دور ديس جي ادبي افق کان ڪارونجهر جي ڪور تائين ڪئي رنگ برنگي گل هن نظم جي جهوليءَ ۾ جهوليندا ٿا رهن.
“مون ايفل ٽاور تان
ڪارونجهر جي پنبڙين تي
اتهاس جي بُرش سان
سُرمئي رنگ جو هڪ گيت چٽيو
اکر اکر ٻاڦ بڻجي اُڏڻ لڳو.
سمورو آڪاس چانديءَ جي چُوڙين جيائن چَمڪيو ٿي!”
(نظم مان ڪجهه سٽون)
ڀٽائيءَ کان بادليئر تائين، تلسي داس کان دانتي ۽ ٽي ايس ايلئيٽ تائين، ميران کان شيڪسپيئر تائين، غالب ۽ عمر خيام سميت دنيا جهان تائين انڊلٺ جهڙن انيڪ رنگن سان رڱيل هي نظم رڳو انٽرنيشنل نه پر ڌرتيءَ کان مٿي ستارن، سيارن، گرهن ۽ ڪهڪشائن تائين ڦهليل پرن سان هڪڙو ڪائناتي نظم به آهي! مهاڳ ۽ ارپنا جي غير روايتي حُسناڪي ته پنهنجي جاءِ تي آهي سا آهي پر هي نظم پڙهندي ماڻهو پاڻ کي پوري ڪائنات جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪري ٿو.
ملڪ، شهر، ڳوٺ گهٽيون ڇڏيندو پڄان ٿو سندر ديار،
کيس کڻي،
سڄا ٿاڪ اُڪُري،
سيارا، سورج منڊل ڪهڪشائون گذاري،
ڪائنات جي ايگزٽ وٺي،
ٻيون مڙئي ڪائناتون ڇڏيندو،
هن کي ڳر لايان ٿو…!!
(نظم مان ڪجهه سٽون)
ڀٽائي جي سِٽُن:
اُبتو ونءُ عام سان اُلٽي اک ڌار جي مصداق هي نظم بنهه نئون، نرالو ۽ غير روايتي آهي.
ڪنهن اميريڪن شاعره جو نظم آهي ته:
My Candle burns in both sides,
It will not remain whole the night,
But o my friends!
It gives a very lovely light
سو ائين ئي مزمل سائر جو هي نظم پنهنجي ٻنهين ڇيڙن (يعني داخليت ۽ خارجيت) سان گڏ مٿاهينءَ کان گهرائيءَ تائين ڪنهن Volcano جيان جلندو ٻرندو نظر اچي ٿو. جنهن جي روشني ڏاڍي من ڀاوڪ آهي، ان روشنيءَ ۾ پڙهندڙ پنهنجي اندر توڻي ٻاهر گهڻو ڪجهه ڏسي سگهي ٿو، اگر ڏسڻ چاهي ته!
هونءَ نظم پڙهندي گهڻين جاين تي مون کي منهنجو پسنديده شاعر پئبلو نيرودا مُرڪندو نظر آيو. خاص طور جنهن مهل مان مزمل جي ههڙين سِٽن جي ڀرسان گذريس:
اُس جو گلدستو اچي ميز تي پيو آهي.
بادلن جي گهنجن کي سڌو ڪندي….
ٻالڪپڻ جي جهوليءَ ۾ اچي ليٽي آهي.
تازگيءَ جي ڳل تي مٺي
ليمي جهڙي کٽڙي ڀُڻ ڀُڻ
جملن جي ڊيگهه ڳاڙهي رنگ جيتري
ته مونکي نيرودا جا کوڙ نظم ياد اچڻ لڳا…
جيئن:
شاعريءَ جو رنگ سفيد هوندو آهي
اها مينهن ڦڙين مان اچي ٿي،
ان ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا،
درد ۾ مبتلا شهر تي (پئبلو نيرودا)
مينهن ڪهڙي ٻوليءَ ۾ وسندو آهي؟
خاموشي سائي هئي،
روشني آلي هئي،
جُون جو مهينو،
پوپٽ وانگر ڏڪيو پئي
(پئبلو نيرودا)
مان توکي پيار ڪرڻ کان پيار نه ڪرڻ تائين پيار ڪيان ٿو.
تنهنجو انتظار ڪرڻ کان نه ڪرڻ تائين انتظار ڪيان ٿو (پئبلو نيرودا).
مزمل سائر جي هن نظم جي گهاڙيٽي ۽ خيال تي پئبلو نيرودا جو پاڇولو پيل آهي. پاڇولو جيڪو ڪافي گهرو ۽ ڊگهو آهي. ممڪن آهي ته اهو مطالعي جو اثر هجي! اڻ سڌو يا سڌو اثر
هڪ ڳالهه بهرحال طئه آهي ته:
مزمل جي هن نظم جي گهڻ رُخي گهرائي ڏاڍي گهري آهي ۽ رفتار به برق رفتار آهي. نظم پڙهندي ماڻهو پاڻ کي آواز کان تيز اڏامندڙ ڪنهن سپر سونڪ جهاز جي دري کان ويٺل ٿو محسوس ڪري…… ڪئي منظر، لقاءَ، واقعا، قصا، تصور، وڏي تيزيءَ سان اکين مان گذرندا ٿا وڃن. تصورن جا ڪئي ننڍا وڏا نوان پراڻا ڏٺل اڻ ڏٺل قافلا ذهن جي صحرا ۾ ساڄي کاٻي اڳتي پٺتي مٿي هيٺ ڊوڙندا ٿا رهن. روايتي تصورن جا شيشا ٽٽن ٿا ۽ نوان تصور جڙن ٿا. ڪجهه ابتو سبتو ۽ سبتو ابتو نظم اچڻ ٿو لڳي.
اسين ٻئي هڪ ٻئي جو پورائو نه
وڌاءُ آهيون!
مون توکي نه
تو مون کي ڳولي لڌو آهي
مُروج پر مُدي خارج (Date Expire) خيالن، ڳالهين ۽ نظرين جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ارتعاش پيدا ڪري، منجمند برف جهڙي روايتي محل ۾ ڏار پوندا، محسوس ٿين ٿا ته گهڻو ڪجهه ڀڄي ڀُري پوي ٿو. ڪجهه ٺهي ٿو، جُڙي ٿو…. تخليق جي تپش آهي جنهن ۾ ڪافي ڪجهه وگهري ٿو. ميڻ وانگر رجي ٿو، هڪ نئون آواز هڪ نئين ضد!…. هڪ نئون خواب:
هڪ جرئت:
جيڪو مون سان گڏ ناهي سو منهنجو دشمن آهي.
اسان جي سياسي پارٽي سچي هر ٻي پارٽي ڪوڙي.
منهنجي گولي آڏو تنهنجي زندگي ڪجهه به ناهي.
اسان جي اجرڪ جهڙي ٻي ڪا سوکڙي ناهي.
اسان جي جُبي جهڙو ڪو جُبو ناهي.
اسان جا هيرا انمول
اسان جو فن اُتم
اسان جو عِلم عظيم
اوهان جي هر شئي خاڪي!
(نظم جون سِٽون)
نظم ۾ جيڪا سچ حق ۽ اعتراف جي جَر آهي اُها، ذهن جون بند دريون رکندڙ روايتي ماڻهوءَ جا ڪن ڳاڙها ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي! ڇو ته اسان جا ڪن ته “اسين اعليٰ اسين ۽ جيئن جيئن ” جي آوازن جا پُراڻا هيراڪ آهن، اسان ماڻهن کي اسان جي ديس سميت جنهن وکر جي وڏي گُهرج آهي اُهو آهي به “سچ” پر سچ جو مطلب محض اهو ناهي ته جيڪو منهنجي لاءِ سچ آهي اهو لازمي طور سڀني لاءِ به هجي!
مزمل جو هي نظم جيڪو پنهنجي پاڻ سان مڪالمو به آهي ته ان ۾ ستارن سان گفتگو جهڙو سواد به آهي، پڙهندي مان جنهن مهل هنن سِٽن تي پهتس:
“لطيف اگر لئڪ ڊسٽرڪٽ (انگلينڊ جي اتر اولهه ۾ واقع سرسبز علائقو) ۾ ڄمي ها ته سُر سارنگ نه لکي ها” ته مون مُرڪي دل ۾ چيو شيڪسپيئر اگر سنڌ جي صحرا ٿر ۾ ڄمي ها ته اهو به روميو ائنڊ جوليٽ نه لکي ها. هر سچو تخليقار پنهنجي ماحول پنهنجي مٽيءَ مان جنم وٺندو آهي.
ساڳئيءَ طرح ساڳئي حوالي سان جڏهن مزمل صاحب هن نظم ۾ ڀٽائي جي فڪر “نائين نيڻ نهار تو ۾ در دوست جو” کي “وحدت الوجود جي ڀنگ” ٿو چئي ته مان مُرڪ کان محروم ٿي ويل چپن ۾ ڀڻڪڻ ٿو لڳان “مزمل سائر ڀٽائيءَ جي وحدت الوجود One in all ۽ All in One کي “ڀنگ” ٿو سمجهي ته پوءِ سندس راءِ/خيال ۾ خود ڀٽائي ڇا آهي؟؟ هتي مان بنا ڪنهن عقيدت جي ۽ بغير ڀٽائيءَ جي وحدت الوجود جي وڪالت ڪرڻ جي رڳو اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ڪٿي اسين گهڻ پڙهيو هجڻ جي گهمنڊ ۾ مبتلا ته نه آهيون!
منفرد نظر اچڻ جي شعوري ڪوشش ۾ اسان کان اُوٽ پٽانگ حرڪتون ته سرزد نه ٿي رهيون آهن!
هن نظم جي خواب مان گذرندي لڳي ٿو ته پڙهندڙ رڳو تصور جي سطح تي ئي نه پر جسماني طور به ڄڻ هوا جي ريشمي رٿ تي سوار هجي. ڪڪرن کان هلڪو. پن تي ماڪ جيان. پوپٽ وانگر گل تي ڦيرا ڏيندڙ، اها هوا جي ريشمي رٿ جهڙي اُچي اڏام ۽ اها جيٽ جهاز جهڙي ٿيندي ڪنهن معجزي جهڙو ڪمال آهي.
پر…؟
ان “پر” جي پاڇي ۾ جا پريشاني آهي سان منهنجي پنهنجي پريشاني آهي. ٻين جي به هجي ضروري ناهي.
ممڪن آهي هجي به.
ممڪن آهي نه به هجي
اها پريشاني هي آهي ته هن نظم سان گڏ تصور ۽ احساس جي آسمان ۾ اُڏامندي پڙهندڙ کي هر هر تشريح جي زمين تي لهڻو ٿو پوي ۽ لازمي لهڻو ٿو پوي. ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. ان کانسواءِ نظم کي محسوس ڪرڻ/نظم مان لطف اندوز ٿيڻ/نظم جي ڇاتيءَ ۾ موجود جذبي کي جذب ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. هر چوٿين پنجين سِٽ، لفظ يا جملي وٽ پڙهندڙ کي تشريح جو اسپيڊ بريڪر مدمقابل آهي. شاعر جي مطالعي، مشاهدي مان ڦٽل معلومات جو وڏو سيلاب هن نظم جي ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن ڍنڍ ۾ ترندڙ شاعريءَ جي ڪنولن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. ٻين لفظن ۾ معلومات جي وزن نظم جي هرڻيءَ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ماڻهو نظم پڙهي يا تشريحون ۽ حوالا پڙهي. سراسري طور هن نظم جي سئو سوا سئو صفحن مان تشريحي حاشيا هٽائي ڇڏجن ته پوئتي نظم سٺ ستر صفحا وڃي بيهندو. شاعريءَ جو تعلق معلومات يا دانش کان وڌيڪ احساس ۽ جذبي سان آهي. آرٽ ۽ معلومات/سمجهه توڻي دانش جو مقام ثانوي جذبي جو اعليٰ مقام آهي. وسيع مطالعو، مشاهدو تخليق ۾ سِڌو سنئون شامل هجڻ بدران تخليقڪار جي لاشعور ۽ اهي عرق جي صورت ۾ تخليق مان ائين ظاهر ٿيڻ گهرجي جيئن مڌ ۽ خمار…. جيئن هوا ۾ نمي…… جيئن موسيقيءَ ۾ مٺاس…. جيئن اکين ۾ پيار…… مطالعي جو نانگ ذهن جي بُگريءَ ۾ بند ڀلو، سندس ڏنگ، رنگ ونگ ۽ وراڪا مُرلي جي پورن مان سُر بڻجي اڀرڻ ۽ اڏامڻ گهرجن، انهن کي نظم مان سڌو سنئون ڪر کڻڻ گهرجي، نظم کي هرو ڀرو ڊاڪيومينٽري نه بڻائڻ گهرجي، هن نظم ۾ جا بجا بلڪه هر جاءِ هر پاسي موجود مختلف نالا ۽ حوالا تڪليف جي باوجود بهرحال پڙهندڙن لاءِ ته معلومات طور فائديمند آهن ۽ ليکڪ لاءِ به ناماچاريءَ جو سبب آهن، پر نظم لاءِ نقصانڪار آهن! گهڻي معلومات نظم جو نُقص آهي. اهو نقص هن نظم جي خامي به آهي ته ان کي خوبي به چئي سگهجي ٿو/نه ٿو به چئي سگهجي.
مطلب ته:
هي نظم اڪ جي ماکي ناهي، جو جيڪو جنهن مهل چاهي سو ان مهل لاهي ۽ کائي!
پر:
هي نظم ڇانڱري ٻير جي ماکي آهي جيڪا لاهڻ ۽ کائڻ لاءِ گهڻي محنت جي گهرج هوندي آهي. البت اها ماکي آهي يا مانارو آهي! ان جو پتو ته اتي پهچڻ کانپوءِ پوندو.
حقيقت هيءَ به آهي ته:
منفرد گهاڙيٽي سان اُڻيل ۽ شعور/لاشعور جي وهڪري جي نديءَ جهڙي هن نظم جي احساساتي ڪائنات کي ماڻڻ ۽ محفوظ ٿيڻ لاءِ پڙهندڙ کي پنهنجي تصور جي سگهه تي ٻيڻو زور ڏيڻو ٿو پوي”
جيئن سڳنڌون بوتلون ڀڃي پنهنجي پنهنجي گل ۾ سمائجي چُڪيون
اتهاس جي بالڪنيءَ تي وقت آرسي ٿي بيهي رهيو
نينگر جي ڪڻڪ رنگي بدن ۾ تمنائن جا رنگبرنگي پاڇا.
ڀنڀور سسئي جي اکين تي پنبڙيون ٿي ويڙهيل هو.
سرون ڀتين مان نڪري مٽي ۾ موٽي چُڪيون.
پنا ڪتابن مان نڪري مشينن مان ٿيندا، وڻن جي ڪاٺين ۾ ليٽي چُڪا.
نظريا ڪڏهن نه ڪڏهن اداس ته ٿيڻا ئي هوندا آهن.
چنڊ اڀ جي ڪرائيءَ ۾ ٽٽل چوڙي جيئن
نلڪي جي پاڻيءَ مان تاريخ جو رنگ ڳڙي رهيو آهي.
جهڙيون سٽون پڙهندي ماڻهوءَ کي هونءَ ئي شعوري سطح تي مڪمل سجاڳ ۽ Alert رهڻو ٿو پوي! تڏهن ئي هو تصور تي زور ڏئي نظم سان گڏ هلي سگهي ٿو. ان پڙهندڙ جي مٿان تشريحن جو بار اضافي ثابت ٿئي ٿو.
مزمل جو هي سنڌي ادب جو شايد طويل نظم آهي جيڪو پنهنجي اڻت ۾ نئون ۽ موضوعاتي حوالي کان گهڻ رخو Multi Dimentional نظم آهي، جنهن جي سمورن رخن جو ڪنهن هڪ مضمون ۾ احاطو ڪرڻ سو به هڪ غير نقاد ۽ فڪشن جي ليکڪ طور منهنجي لاءِ ممڪن ناهي اها ذميواري گهڻ پڙهئي، گهڻ ڪڙهئي، پر ڪنهن ايماندار نقاد کي نڀائڻ گهرجي. هن نظم ۾ تعريف ۽ تنقيد لاءِ ڪافي ساري گنجائش موجود آهي. هي نظم لکندڙ/پڙهندڙن کان ڪافي ڪجهه لهڻي ٿو.
هي نظم ڪٿي نغمگي، نظمگي ۽ آبشار جهڙي سرلتا سان خوابن خيالن استعارن، تصورن جي لڙيءَ ۾ پويل تخليقت جي معراج کي ڇهندڙ ٿو ڀاسي ته ڪٿي رڳو، هتان هُتان گڏ ڪيل حوالن، ڳالهين، واقعن ۽ خبرن جي کچڻي ٿو محسوس ٿئي!
ڪٿي ٻوليءَ جي تهه داريءَ ۽ ڪلاسيڪل چُستاڪيءَ سان مالامال ته ڪٿي ڪنهن عامياڻي مضمون جهڙي ٻولي، ڪٿي شاعراڻي ٻولي ته ڪٿي بنهه غير شاعراڻي! پر بهرحال هي ڌيان ڇڪائيندڙ نظم آهي. ڪوبه سٺو پڙهندڙ نظم کي اڇاترو نه وٺندو. هي نظم پڙهندڙ کي پاڻ وٽ ۽ پنهنجي پاڻ ۾ محو رکڻ جا ڪئي امڪان ٿو رکي. مان اڃان به هن نظم جون ڪجهه اُهي سٽون هتي لکڻ جي خواهش پيو محسوس ڪيان جن منهنجي دل کي ڇهيو آهي.
زندگي فقط جُڙڻ جو نانءُ ناهي
ٽٽڻ وڇڙڻ به زندگي آهي
موت به زندگيءَ جو حصو آهي
ڇو ته سواءِ زندگيءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي
مُرڪ جي ڪاغذ کي ڦاٽڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي؟
ڳاءِ هيءَ ڪائنات تنهنجي Audience هي وقت تنهنجي آرڪسٽرا
تخيل تي ڪو ٽيڪس ڪونهي،
پيار جي ڪا ايڪسپائري ڊيٽ ناهي هوندي،
سپنن جو ڪو بل نه ايندو آهي.
رات جي واديءَ ۾ سالن جون ڪهاڻيون
ٽپ ٽپ ٿي وهڻ لڳيون
(ٽپ ٽپ ٿي شيون ٽمنديون آهن)
عورت ڪائنات جي ڪُک آهي
تو ۾ آئون اڌورو،
مون ۾ تون اڌوري،
ٻيهر ملياسين،
جيون مڪمل ٿي ويو
۽ هتي پهچي لڳي ٿو منهنجو هي آرٽيڪل پنهنجي اڻ مڪلمتا ۾ مڪمل ٿي ويو آهي.
***