تيل درآمد ڪرڻ لاءِ پي ايس او جو ليٽر آف ڪريڊٽ ڊيفالٽ ٿيڻ جو خدشو
ملڪ ۾ تيل درآمد ڪرڻ لاءِ پي ايس او جو ليٽر آف ڪريڊٽ ڊيفالٽ ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پاڪستان اسٽيٽ آئل جو گردشي قرضو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 613 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، گيس ۽ پاور ڪمپنيون پي ايس او جون اربين رپين جون قرضي آهن. سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي ذمي پي ايس او جا 388 ارب رپيا آهن، جڏهن ته سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽ 146 ارب رپين جو قرضي آهي. حبڪو ۽ ڪيپڪو کي به 30 ارب رپيا پي ايس او کي ادا ڪرڻا آهن، جڏهن ته قومي ايئر لائن کي به 23 ارب رپيا پي ايس او کي قرض طور ادا ڪرڻا آهن. ڊالر جي قيمت ۾ اضافي سبب پي ايس او کي 14 ارب رپين جي گهاٽي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ليٽر آف ڪريڊٽ کي بچائڻ لاءِ پي ايس او حڪومت کان 50 ارب رپيا گهريا آهن، جيڪڏهن ليٽر آف ڪريڊٽ ڊيفالٽ ۾ هليو ويو ته تيل جي درآمد ۾ ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو.

