ايڊيٽوريلنئون

منشيات جي خلاف جنگ جي ضرورت آهي

هن وقت منشيات فروشي ۽ ان جو خطرناڪ استعمال اسان جي گهرن تائين گهڙي آيو آهي، جيڪا هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. توهان کي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي اوسي پاسي نظر ڦيرائڻي پوندي ته  ڪٿي اسان جي گهر ۾ ڪو اهڙو نوجوان جنهن جا رويا ۽ سرگرميون مشڪوڪ هجن موجود ته ناهي. جيڪڏهن توهان کي اهڙو ڪو نوجوان پنهنجي گهر ۾، ويجهو عزيزن ۾ يا پاڙي ۾ نظر اچي ته توهان کي خبردار ٿي وڃڻ گهرجي ۽ ان جي سڌاري لاءِ هڪدم ڪم ڪرڻ گهرجي، چاهي توهان کي ڪنهن نفسيات جي ماهر کان مدد وٺڻي پوي يا قانون کان.

سنڌ هن وقت ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذري رهي آهي، نه صرف سنڌ پر پورو پاڪستان هن وقت ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏوگڏ منشيات جي ڳنڀير مسئلي کي به منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فيبروري جي مهيني ۾ آڪاش انصاريءَ جو پنهنجي پٽ جي هٿان وحشياڻي طور تي قتل ٿي وڃڻ جيڪو منشيات جو عادي هو ۽ هڪ نوجوان مصطفيٰ عامر جو قتل جيڪو پڻ پنهنجي دوست جي هٿان وحشياڻي طريقي سان قتل ٿي ويو، اهو به ويڊ (Weed) جي نشي جو عادي هو ۽ مقتول ويڊ جو ڪاروبار ڪندڙ هو. آڪاش انصاري سنڌ جو هڪ وڏو نالو، وڏو شاعر، وڏو ليکڪ، ڊاڪٽر، سنڌ جو ڏاهو، جنهن جي مزاحمتي شاعري سنڌ جي عام ۽ خاص ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندي. هو هڪ پيدائشي شاعر هو، يارن جو يار، سنڌ سان بي انتها محبت ڪرڻ وارو شخص. ڪنهن کي ڪڏهن ڪو شڪ به نه ٿيو ته هو ائين مارجي ويندو. سندس صحت جا ڪيترائي مسئلا رهيا، پر هو انهن مان اڪري پار پيو. هن اڃان جيئڻ ٿي چاهيو، پر موت سندس گهر ۾ پلجي وڏو ٿي رهيو هو ۽ ساڻس پاڇي وانگر گڏ گڏ هلي رهيو هو. 15 فيبروري 2025 تي سٽيزن ڪالوني واري گهر ۾ پنهنجي ئي پاليل پٽ جي هٿان مارجي ويو. سندس لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ تي خبر پئي ته کيس انتهائي وحشياڻي طريقي سان خنجر جا وار ڪري پهرين ماريو ويو ۽ ان کانپوءِ صبح جو سندس جسم کي باهه ڏني وئي ته جيئن قانون کي گمراهه ڪري سگهجي. ساڳئي ئي مهيني ۾ ڪراچيءَ جي هڪ نوجوان مصطفيٰ عامر جو قتل به تمام وحشياڻي ۽ ڊرامائي انداز ۾ سندس دوست هٿان ٿئي ٿو ۽ هو کيس زخمي ڪري سندس گاڏيءَ ۾ وجهي حب کان پري هڪ سنسان علائقي ۾ گاڏيءَ سوڌو جيئري ئي ساڙي ثبوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي پهريان ٻه قتل ناهن جيڪي سماج کي ڇرڪائيندڙ هجن، پر هنن ٻنهي واقعن جو تعلق منشيات سان سڌو سنئون جڙي ٿو، جنهن جي ڪري اسان کي ان تي ڳالهائڻ جي ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هن وقت رياست نوجوانن جي مستقبل کان بلڪل لاتعلق آهي ۽ والدين پنهنجن ٻارن کان گهڻي حد تائين لاتعلق به آهن ۽ جيڪڏهن انهن جو ڪو تعلق اهي ته صرف جسماني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي حد تائين آهي. گهرن ۾ والدين ٻارن جي تربيت ڪندي نظر نٿا اچن. اڄڪلهه جو نوجوان بيروزگاري جي ڪري ۽ سٺي تعليم نه ملڻ جي ڪري بي راهه روي جو شڪار آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي هٿ ور چڙهي ٿو وڃي جيڪي انهن کي جلد پئسو ڪمائي امير ٿيڻ جا خواب به ڏيکارين ٿا ۽ منشيات فروشي جي راهه تي به وٺي آڻي بيهارين ٿا، جتان پوءِ انهن جي واپسي ممڪن نظر نٿي اچي. ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته جتي نوجوان ڇوڪرا اهڙن جٿن ۾ شامل آهن اتي هاڻي نوجوان ڇوڪريون جن جو تعلق پڙهيل لکيل نالي ماتر وڏن خاندانن سان آهي اهي به اهڙن گروهن جي هٿ ور چڙهيل نظر اچن ٿيون. هڪ وقت هو جڏهن پاڪستان ۾ صرف ڀنگ، چرس يا آفيم جهڙا نشا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، پر هن وقت آئس، ويڊ، هيروئن، ڪوڪين، هشيش ۽ ٻيا ڪيترائي خطرناڪ نشا عام آهن. هن وقت منشيات فروشيءَ کان وٺي منشيات جي عادي نوجوانن جي ري هيبليٽيشن ڪرڻ جي ادارن تائين هڪ وڏي صنعت بڻجي وئي آهي. رياست ستل آهي يا رياست به لڳي ٿو ته نشي ۾ آهي. والدين کي خبر هوندي به والدين خاموش نظر اچن ٿا ۽ پنهنجن ٻارن جي سرگرمين تي نظر نٿا رکن يا نظر هوندي به ڪيترين ئي شين کي نظر انداز ڪن ٿا، جنهن جا نتيجا اسان کي اهڙن خطرناڪ واقعن ۽ حادثن جي صورت ۾ ملن ٿا. ٻار پيدا ڪرڻ هڪ ذميداري جو ڪم آهي، جنهن جي پرورش نه صرف والدين بلڪه رياست جي به ذميداري آهي. جڏهن ڪنهن نوجوان کان ڪو ڏوهه سرزد ٿئي ٿو، ته بيشڪ اسان ان کي ڏوهي چئون ٿا، ان کي گنهگار سمجهون ٿا، پر اسان کي ان ٻار جي پرورش کان وٺي ان جي تربيت تائين سڀني عنصرن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. اسان اهو سوال ڪڏهن به نٿا اٿاريون ته اهڙن نوجوانن جي والدين سندن تربيت ڪيئن ڪئي ۽ انهن کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون، انهن جي ذهني اوسر ڪيئن ڪئي وئي، انهن  نوجوانن جي احساسن جو مسلسل قتل ته نه ٿيو، جنهن جي ڪري اهي نوجوان انسان مان حيوان بڻجي ويا. ڇو ته نوجوان يا ٻار اسان جي عمل جو آئينيدار هوندو آهي. اسان کي انهن نوجوانن لاءِ به همدردي هجڻ گهرجي، جن جي زندگي ايترين محرومين ۾ گذري جو هو انسان نه بڻجي سگهيا، انهن کي گهرن ۾ پئسو، کاڌو، ڪپڙو، عيش عشرت ته مليو، پر انهن کي شايد والدين نه ملي سگهيا ۽ نه ئي انهن کي ڪي راهه ڏيکارڻ وارا سچا استاد ملي سگهيا. ساڳي جاءِ تي انهن کي هڪ بيحس سماج ۽ رياست نصيب ٿي، جنهن انهن جي جوانيءَ مان فائدو وٺڻ جي بجاءِ اهڙي هنڌ اڇلائي ڇڏيو جو سندن زندگي ٻين جي لاءِ به عذاب بڻجي وئي ۽ سندن لاءِ پاڻ به سزا بڻجي وئي. جيڪڏهن ملڪ جو نوجوان تباهه ٿي ويو ۽ وحشي بڻجي ويو ته پوءِ هن سماج جو وجود به ختم ٿي ويندو ته ڪارڻ به ختم ٿي ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان منشيات جي خلاف هڪ جنگ شروع ڪيون ته جيئن وري ڪو ٻيو آڪاش انصاري پنهنجي نشئي پٽ هٿان قتل نه ٿي سگهي ۽ ڪو ٻيو نوجوان مصطفيٰ عامر پنهنجي دوست هٿان ايئن وحشياڻي انداز سان نه ماريو وڃي.

***