ايڊيٽوريلنئون

گورنر ڪامران ٽسوري وفاق جو نمائندو يا دشمن جو ايجنٽ!

هن وقت ملڪ جنهن نازڪ موڙ تي بيٺو آهي پاڪستان جا ٻه سرحدي صوبا ٻري رهيا آهن، اهڙي وقت ۾ جتي امن امان جي صورتحال خراب آهي، معيشت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو نالو نه پئي وٺي، اهڙي وقت ۾ لساني  فسادن ۽ نفرت کي جنم ڏيڻ ملڪ دشمنيءَ کان گهٽ نه آهي. صوبن جي حدن ۾  تبديليءَ لاءِ آئين ۾ سخت شرط رکيل آهن. ان جي باوجود مختلف لساني گروهن جي طرفان سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ کي هٿ ٺوڪيا لساني بنياد بڻائي سنڌ جي ورهاڱي لاءِ مسلسل هڪ ايڊوينچر واري صورتحال پيدا ڪرڻ ملڪ سان محبت نه، پر دشمنيءَ برابر آهي. 15 فيبروري 2026 تي ڪراچيءَ ۾ گورنر هائوس اندر “ڪراچيءَ جو مستقبل” جي عنوان سان هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ان ۾ لساني پارٽي ايم ڪيو ايم کي دعوت ڏئي گهرايو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون سٽيون ويون. حيرت جي ڳالهه آهي ته گورنر جيڪو وفاق جو نمائندو هوندو آهي، ان جون پنهنجون آئيني حدون هونديون آهن، اهو آئين ۽ پنهنجي آئيني عهدي کان مٿانهون ٿي ڪري گورنر هائوس ۾ هڪ اهڙي موضوع تي ڪانفرنس ڪيئن گهرائي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن به صوبي جي لاءِ هاڃيڪار هجي يا اتان جي عوام کي چيڙائيندڙ هجي يا آئين جي حدن کان ٻاهر نڪتل هجي، اهو هڪ سواليه نشان آهي. ڇو ته سنڌ کي ڪنهن به زمين جي ٽڪرن سان ملائي ٻه سئو سال يا ٽي سئو سال پهرين تعمير نه ڪيو هو، جو ان کي هٿ سان ڌار ڪري سگهي.

سنڌ جو وجود هزارين سالن کان موجود آهي. جڏهن کان وٺي سنڌو درياءَ ڌرتيءَ مٿان گجگوڙ ڪري وهڻ شروع ڪيو ۽ هن ڌرتيءَ کي سيراب ڪري پنهنجن ٻنهي پاسن کان هڪ قديم سنڌو تهذيب جو بنياد وڌو. هي درياءَ نه رڳو پاڻي آهي، پر هڪ مڪمل تمدن ۽ واپار جو رستو هو. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته هن وقت سنڌ جو دشمن نه صرف هن ڌرتيءَ جو دشمن آهي، بلڪه هن درياءَ جو به دشمن آهي، جيڪو کيس زندگي ڏئي رهيو آهي. اهڙي دشمن کي هن ڌرتيءَ تي رهڻ جو ڪوبه حق نه هجڻ کپي. هن وقت دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪري رهي آهي، معيشت کي ترقي ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ منديءَ جو رجحان آهي، سيڙپڪار پاڪستان مان ناڻو ڪڍي ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيو آهي، پوري ملڪ مان پڙهيل لکيل نوجوان ملڪ ڇڏي روزگار جي ڳولها ۾ ٻاهر وڃي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ دشمن قوتن جو متحرڪ ٿيڻ يقينن ڪا وڏي سازش آهي. ننڍي کنڊ جو ورهاڱو مذهب جي بنياد تي ٿيو، پر لڳي ٿو ته اهو غلط فيصلو هو جو هاڻي لساني بنيادن تي ماڻهن کي پنهنجا پنهنجا صوبا کپن. جيڪڏهن ٻولين جي بنياد تي پاڪستان کي ورهايو ويو ته پوءِ پاڪستان جا خبر ناهي ته ڪيترا ٽڪرا ٿيندا. انگريز سرڪار جي وڃڻ کانپوءِ ورهايو ۽ حڪومت ڪري وارو مائينڊ سيٽ پاڪستان جي حڪمران طبقي ۾ اڃان تائين پوري طاقت سان موجود آهي ۽ اهو ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي ۽ وسيلا ڦرڻ چاهي ٿو. سنڌ جو غيرتمند عوام پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ هميشه سجاڳ آهي، کيس پاڪستان جو آئين حق ڏئي ٿو ته هو آئين جي حدن ۾ رهي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪيئن ڪري سگهي ٿو. ڪراچي پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهيءَ جي هڏي آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو تاج آهي. ڪابه حڪومت پنهنجو تاج لاهي دشمن جي حوالي نٿي ڪري سگهي. سنڌ جو عوام انهن قوتن جي اهڙن فيصلن تي سخت رد عمل ڏئي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري پورو پاڪستان غير مستحڪم ۽ انتظامي طور تي اهڙي صورتحال جي ور چڙهي سگهي ٿو جنهن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ معيشت تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا.

جنهن کي سڌارڻ لاءِ وزيراعظم صبح کان وٺي شام تائين ننهن کان وٺي چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي. اهڙي وقت تي پيپلز پارٽي جي به ذميواري آهي ته اها اسيمبليءَ ۾ قرارداد منظور ڪرائي ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڪوشش کي وفاق تي حملو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو وڃي. ان کان علاوه وفاقي سطح تي به پيپلزپارٽي جيڪا هن وقت وفاق ۾ اهم حصيدار آهي، پنهنجو موقف رکي ته گورنر کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي. ان کان علاوه پ پ مٿان اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته صوبي اندر لاقانونيت کي ختم ڪري پنهنجي گورننس کي مضبوط ڪري جو ان مٿان اٿندڙ سوال ختم ٿي سگهن. نه صرف حڪومت، پر حڪومتي انتظاميه ۾ ويٺل هر فرد جو اهو فرض آهي ته اهو پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جو اظهار پنهنجي فرض شناسيءَ سان ڪري. ان کان علاوه سنڌ جي عوام جو به فرض آهي ته اهڙن سنڌ دشمن آوازن کي اثرائتو جواب رڪارڊ ڪرائي. سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن کي گهرجي ته اهي تاريخي ۽ قانوني حقيقتن ذريعي اهڙن سنڌ دشمن منصوبن کي وائکو ڪن ۽ اسان جي قانوني ماهرن کي گهرجي ته گورنر هائوس جي اختيارن جي غلط استعمال ڪندڙن کي عدالت جي ڪهٽڙي ۾ بيهارين. ڇو ته اهي ننڍا ننڍا آواز جيڪي اڃان ايترا طاقتور ناهن انهن کي شروع ۾ ئي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ جي عوام کي پنهنجي دشمن کي زوردار جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي.