بلاگنئون رڌڻي ۾ ويلڻ عورت جو هنري اوزار February 17, 2026 Zahida Abro ويلڻ جيڪو سنڌي نجي لفظ آھي، ويلڻ جيڪو ڪاٺ مان ٺاھيو ويندو آھي. ويلڻ اڪثر روز مره جي زندگي ۾ اسان جي گھر ۾ ماني ويلڻ لاءِ استعمال ٿيندو آھي، ويلڻ جيڪو ماني کي گول ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آھي. ويلڻ سان گڏ ھڪ گول چڪري واري لڳ ڀڳ ڪنھن پليٽ يعني ٿالھي کان وڏي ھوندي آھي جنھن کي ٿڦڻي سڏيو وڃي ٿو، جنھن تي اٽي جو پيڙو رکي ويلڻ سان گول گهمائي مانيءَ کي گول ڪيو وڃي ٿو. گول ٿيڻ سان ماني ترتيب سان پچي ٿي، جنھن سان سندس ڪنارا ترتيب سان سھي ٺھن ٿا ڪو به پاسو ٿلھو يا سنهو نٿو ٿي. ماني پچائيندڙ پنھنجي حساب سان سنھي ٿلھي ماني جي شيپ يعني سائيز رکي ٿو. ويلڻ اسان جي رڌڻي جو ڄڻ سائين وڏيرو آھي، جنھن کانسواءِ ماني ڄڻ اڌوري آھي. ويلڻ سان ماني کي سٺو شيپ ڏيڻ کانپوءِ ماني سٺي گول پچي ٿي. گول ماني ڏسڻ ۽ کائڻ ۾ پسند ڪئي ويندي آھي. گول ماني پچائيندڙ عورت کي سگھڙ به سڏبو آهي. ويلڻ تي ماني گول شيپ ٺاھڻ به ھڪ مھارت آھي جيڪا جلد نٿي اچي آھستي آھستي روز ماني ٺاھڻ سان اچي ٿي. ڪجھه ڇوڪرين کي ماني پچائڻ کان ڄڻ ٻرو چڙهي ويندو آھي.جنھن جي دل ماني پچائڻ لاءِ نه چوندي آهي، پر مجبوري سبب کيس ويلڻ جو استعمال ڪري ماني ويلڻي پوندي آهي. اھڙيءَ ريت ڇوڪرين لاءِ اهو شروع ۾ مشڪل مرحلو روزاني مشق سان آهستي آهستي آسان بڻجي ويندو آهي ۽ هڪڙي ڌينهن اهي ڇوڪريون جن کي ماني ويلڻ ڏکي لڳندي هئي، هاڻي ماني پچائڻ انهن جي لاءِ آسان ٿي پوندو آهي. ماني ويلڻ صرف هڪ ڪم نه بلڪه هڪ آرٽ آهي. ماني صرف گول نه، پر ٽڪنڊي به پچائي سگهجي ٿي، چوڪنڊي به پچائي سگهجي ٿي، مٺيون لوليون به پچائي سگهجن ٿيون، اڦراٽا به پچائي سگهجن ٿا. مطلب ته اهو ويلڻ جڏهن عورت جي هٿ ۾ هوندو آهي ته عورت ان ويلڻ سان ڳوٺل اٽي کي ويلي سنئون ڪري اهڙيون گرم گرم مانيون پچائيندي آهي جو کائيندڙ جو پيٽ ڀرجي ويندو آهي، پر نيت ناهي ڀرجندي. سست ماڻھو ھميشه ٺھيل شين جو منتظر رھندو آھي، پر عورت جڏهن رڌڻي ۾ اچي پنهنجو رڌڻو سنڀالڻ سکندي آهي ته ان جي سگهڙائپ آهستي آهستي وڌڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ان کي خبر پوندي آهي ته کيس اٽو ڪيترو نرم رکڻو آهي، ڪيترو سخت رکڻو آهي، اٽي ۾ لوڻ ڪيترو وجهڻو آهي ۽ اٽي کي ڪيئن ڳوهڻو آهي جو ماني نرم ۽ گول ويلجي سگهي. مرد ته صرف ماني تيار ٿي جڏهن هٿ ۾ اچي ٿي ته ان کي کائي ٿو، پر عورت اٽي کي ڳوهي ان کي مانيءَ ۾ تبديل ڪري پنهنجي گهروارن جي اڳيان پيش ڪري ٿي ۽ ان سڄي عمل ۾ ويلڻ عورت جو وڏو ساٿ ڏئي ٿو. اميد آهي ته اڄ اسان جي پڙهندڙن کي خبر پئي هوندي ته ماني ٺهڻ جو عمل ايترو سولو ڪونهي. ان جي لاءِ عورت کي هڪ فنڪار وانگر اهو فن سکي ۽ پوءِ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو پوندو آهي، گرمي برداشت ڪري ماني پچائڻي پوندي آهي، تنهنڪري جڏهن مردن جي هٿن ۾ ماني اچي ته اهي عورت جي ان هنر ۽ صلاحيت جي تعريف ڪن، همت افزائي ڪن ته جيئن هوءَ اڃان وڌيڪ خوبصورت مانيون پچائي پنهنجي خاندان وارن جي اڳيان پيش ڪري سگهي. Post Views: 80