بلاگنئون

ڪامريڊ ممتاز رڏ

سائنسي طور تي انسان سڀ کان برتر دماغ واري مخلوق آهي. مذهبي نظريا ھجن يا سماجي سڀني ۾ ھڪڙي ڳالھه مشترڪ آهي ته ڌرتي تي انسان جو مقصد امن، امان، پيار، محبت ۽ انصاف سان رهڻ آهي. مذھبي،  سياسي، قبيلائي طبقاتي ھڪ جھڙائيون نه ھوندي به ھر ماڻھو سان پيار ڪندا آهن ۽ عزت جي نگاھ سان ڏسندا آهن. اھڙن  ئي ماڻھن کي انسان دوست ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ماڻهو چئبو آهي. ڪامريڊ ممتاز رڏ به اھڙن ئي ماڻھن مان ھڪ ھو. 4  فيبروري تي چئين وڳي سندس آخري رسمون اباڻي ڳوٺ مٺڙي ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ پوري پاڪستان مان ھر قبيلي، ھر قوم، ھر مذھب ۽ ھر پارٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن مان ثابت ٿيو ته ھو ڪيترا ڪشادا دل ۽ انسان دوست شخص ھئا. ڪامريڊ ممتاز تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي ۾ ھڪ سخي مرد ھاري زوار الله بخش رڏ جي گھر جنم ورتو. ھو ننڍي ھوندي کان ئي تمام ذھين، سلڇڻو، بااخلاق، نفيس ۽ ملنسار ھو. شاگردي واري زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺندو رھيو ۽ سياست جي ميدان ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. زوار الله بخش، ڏاڏا حاجي خان رڏ ۽ انهن جي پوري سنگت وڏا ٻڌوان ۽ راڳ جا ڄاڻون ھئا کين تنهن وقت جو مشھور ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان ويجھو دوست ھو ۽ ھڪ ٻئي ڏي اچ وڃ تمام گھڻي ھئن. ممتاز رڏ کي به خدا تعالي تمام ڀلو ۽ مٺو آواز ڏنو ھو ۽ کين استاد منظور علي خان جي صحبت پڻ نصيب ٿي ۽ ڪامريڊ پاڻ به ڀلو راڳ ڳائڻ لڳو. انقلابي ھلچل ۾ ڳائڻ جو فن بھترين ھٿيار ثابت ٿيو، جنهن وسيلي انقلابي فريضو آخري ساھن تائين عبادت جيان پورو ڪندو رھيو. شاعر، اديب، صحافي، سياستدان ھجڻ سان گڏ استاد بخاري جو حافظ، لطيف جو پارکو پڻ ھو. سچل، اياز ۽ ٻين شاعرن جي تمام گھڻي شاعري زباني ياد ھئن. استاد بخاري ۽ استاد منظور علي خان جي ورسي ۽ سالگره جا ڏھاڙا ھر سال باقاعدگي سان ملھائيندا ھئا. اديبن، شاعرن، سگھڙن توڙي سياسي ماڻھن سان شامون ملھائڻ سندس معمول جو ڪم ھو. مزاحمتي تحريڪن توڙي احتجاجن ۾ اڳيان اڳيان ھوندو هو. سنڌ ۽ سنڌ جو اصل عاشق هو. مظلومن ۽ محڪومن جو ڀرجھلو ھو. سچ سڌو ۽ سامھون چئي ڏيندو ھو، تنهنڪري ڪوڙن ۽ ڪانئرن جي دل ۾ ڪنڊي جيان چڀندا ھو. ھن آدرشي انسان ڪڏھن به مايا ميڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي، علم ھن جي ميراث ۽ دوست سندس ملڪيت ھئا. ٻارڙن ۾ پيار ۽ علم ونڊيندا ھو، نوجوانن ۾ سياسي شعور ۽ ٻڍڙن ۾ خوشيون ورهائيندا هئا.

 موت حقيقت آهي ھر ماڻھو کي ھي فاني جھان ڇڏڻو آهي، پر اھڙن املھه ڪردارن، ماڻڪ ماڻھن جو وڇوڙو اکين ۾ لڙڪ ڏئي ويندو آهي ۽ انھن جي يادگيرين سان دل ڀرجي ايندي آهي ۽ اکيون وسي پونديون آھن. ھن وقت ممتاز رڏ کي ياد ڪندي ڪاغذ صرف اکرن سان نه، پر ڳوڙھن سان به ڀرجي چڪو آهي. جيڪو ڪامريڊ ممتاز جي وڇوڙي تي ھر ان ماڻھو جي دل مان نڪتو ھوندو جيڪو زندگي ۾ ھڪ دفعو به انھن سان مليو ھوندو.

منھنجو ممتاز! منھنجو ممتاز…!