ڪجھ سال اڳ منهنجي هڪ دوست ڪنهن دڪاندار کان يو ايس بي ڊرائيو ورتي هئي، ان يو ايس بي ۾ جڳ مشهور فلمPurfume هئي. ان فلم جو هڪ سين هو، جنهن ۾ هڪ عورت مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ ٻار کي جنم ڏيندي آهي، ٻار کي جنم ڏيندي ئي اها عورت اتان ٿاٻڙجندي گم ٿي ويندي آهي ۽ اهو ٻار ڄمڻ سان ئي آسپاس جي ماحول کي سونگهڻ لڳندو آهي ۽ سندس سونگھڻ جي صلاحيت غير معمولي ٿي پوندي آهي… ڏيو منهن مون لکڻ شروع ڪيو هو مجيب اوٺي جي ڪتاب ”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ تي ۽ ڪٿان جي ڪٿا کولي ويٺس، ها اصل ۾ ان ۾ هڪ جملو آهي ته: “ان وقت ئي پل ڀر جي لاءِ هن کي هڪ خوشبوءِ محسوس ٿي هئي، اها خوشبوءِ ائين هئي جيئن ڪنهن تازي ڄاول ٻار جي خوشبوءِ هجي!” (ڪھاڻي؛ اڪيلائيءَ ۾ گھيرجي ويل وجود) جنهن مون کي فلم جي ياد ڏياري ڇڏي ائين به ڪونهي ته مجيب جو جملو ان سان ڪا مشاهبت پيو رکي بلڪل ائين جيئن شبانه اعظمي جي فلم انڪر جڏهن به اسان ڪا خوبصورت ڇوڪري ڪنهن اٻوجھ يا چرئي سان پرڻيل ڏسندا آهيون ته اسان کي انڪر ياد اچي ٿي وڃي! ائين ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان جي روز جي زندگي سان ڀاڱي ڀائيوار هجن ٿيون. مجيب جي هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جيڪا اسان سان اُٿي به ٿِي، ويهي به ٿي، گهمي به ٿي ۽ گڏ کائي پيئي به ٿي. ڪهاڻي به اها ئي بقا دار چئجي جيڪا پڙھندڙ سان گڏ سفر ڪري، مجموعي طور مجيب اوٺي جي ڪهاڻي گُھٽ ٻوسٽ کانپوءِ جي گهليل ٿڌڙي هير جهڙي آهي! مجيب جي ڪهاڻي ڪراچي، ممبئي ۽ ٻين وڏن شهرن جي لوڪل ٽرانسپورٽ ۾ سفر به ڪري ٿي، مجيب جي ڪهاڻي ڪامورن جي بنگلن ۾ اداسين جا خاموش کاٽ به هڻي ٿي ته چانڊوڪين راتين ۾ گهر جي اڱڻ تي ستل جوانڙين جي من کي به بي چين ڪري ٿي! مجموعي طور هي ڪتاب مون سميت هر ان پڙھندڙ جي اميد آهي، جيڪو اهڙي ڪهاڻي پڙھڻ چاهي ٿو جيڪا جديد دور ڏانهن کنيل نئين ۽ انوکي وک آهي!