ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جي بهادر ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ اڃان تائين عورت جي لاءِ بند ٿيل تعليم جا دروازا

سنڌ جو پيرس شڪارپور، اهو لقب شڪارپور کي ان جي عظيم تاريخ تعليمي ماحول خاص فن تعمير ۽ واپاري عروج لاءِ ڏنو ويو هو. هي سنڌ جو اهو اهم شهر هو، جيڪو سڄي دنيا سان واپار ڪندو هو. هن شهر جا خوشحال واپاري مختلف ملڪن مان فن تعمير جا نوان خيال کڻي هتي اچي پنهنجا گهر، عمارتون، اسپتالون ۽ بازارون تعمير ڪرائيندا هئا. جيئن ته هتان جا واپاري تمام گهڻا سکيا هئا ان ڪري هي شهر سنڌ جو هڪ خوبصورت ترين، جديد سهولتن سان آراسته، صاف سٿرو، ڏوهن کان پاڪ شهر هوندو هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ورهاڱي کانپوءِ هي شهر پنهنجي اها خوبصورتي، پنهنجون رونقون ۽ پنهنجو شان برقرار نه رکي سگهيو آهي.

هن جو بنيادي ڍانچو هاڻي زبون حاليءَ جو شڪار آهي. شڪارپور شهر اندر بدحالي نظر اچي ٿي، صفائي سٿرائي جو جوڳو بندوبست نه هجڻ ڪري اتي گندگيءَ جا ڍير نظر اچن ٿا. جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اتان جا سياسي اڳواڻ شڪارپور جي ترقيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نٿا رکن. معاشي طور به هي شهر پنهنجي بين الاقوامي تجارتي حيثيت وڃائي چڪو آهي ۽ تمام محدود واپاري سرگرميون ٿي رهيون آهن. سڀني کان وڏي ۾ وڏو مسئلو هن وقت شڪارپور جي اوسي پاسي ڏوهارين جو جمع ٿيڻ، هٿياربند ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻهن جو هن شهر جي خوشحال ماڻهن مٿان حملو هن شهر جي زندگيءَ کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ پوليس 9 ڊسمبر 2025ع تي هڪ آپريشن ڪيو. جنهن ۾ ٻه ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ پارس بکراڻي جيڪي شريڪ حيات به آهن ۽ نوڪريءَ ۾ به شريڪ آهن، شامل هئا. آپريشن دوران هنن پنجن ڏوهارين کي ماري وڌو ۽ مٿي ٻڌايل پوليس آفيسرن جو جوڙو به شديد زخمي ٿي پيو. ان کان علاوه ٻه ٻيا پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا. ليڊي پوليس آفيسر پارس بکراڻي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر آهي ۽ هن ان واقعي ۾ بهادري سان ڏوهارين سان مقابلو ڪري زخمي ٿيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ هڪ ذميدار ۽ باصلاحيت نوجوان آفيسر آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اڃان تائين به اسان جي معاشري ۾ نياڻين جي لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ اڃان تائين عورتن کي گهرن تائين محدود رکيو ٿو وڃي. جڏهن ته پارس هڪ اهڙو مثال بڻجي اڳيان آئي آهي جنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جي نوجوان پڙهيل لکيل ناري نه صرف اڳتي وڌي پڙهي لکي ڪابه نوڪري ڪري سگهي ٿي، بلڪه هوءَ پنهنجي ور سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجا فرض ۽ ذميداريون نڀائي سگهي ٿي، چاهي اهو لڙائي جو ميدان ڇو نه هجي. پارس جي بهادري صرف هڪ پوليس اهلڪار جي بهادري نه آهي بلڪه اها هڪ سنڌياڻي ناري جي بهادري آهي، جيڪا پنهنجي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

هن وقت پاڪستان جي مختلف فورسن ۾ اسان جي چئني صوبن کان خواتين شامل ٿي رهيون آهن. جنهن ۾ نه صرف پوليس بلڪه فوج، ايئرفورس ۽ نيوي جي جنگي محاذن تي به ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه اسان جون بهادر نوجوان ناريون پائليٽس بڻجي جهاز به اڏائي رهيون آهن ته ايئرفورس ۾ جنگي جهاز اڏائي دشمن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهن. عورتن جو فورسن ۾ اچڻ هڪ تمام مثبت تبديلي آهي. پارس جي بهادري اسان جي انهن والدين جي لاءِ اهو پيغام آهي جيڪي پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرائڻ کان اڃان ڪيٻائين ٿا ۽ پنهنجي نياڻين تي پورو ڀروسو نٿا ڪن. انهن کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي پنهنجي سهولت ۽ پهچ مطابق تعليم ڏيارين. جنهن به ڳوٺ، شهر يا واهڻ ۾ رهن ٿا، اتي جيتريون به تعليمي سهولتون موجود آهن اهي پنهنجين نياڻين جي لاءِ ضرور حاصل ڪن. جڏهن اسان جون نياڻيون تعليم يافته ٿينديون ته سماج ۾ بنيادي تبديليون ڏسڻ ۾ اينديون. تعليم ئي اهو ذريعو آهي، جنهن جي ذريعي سماج پنهنجي معاشي حالت به تبديل ڪري سگهي ٿو. ڇو ته عورتون جڏهن تعليم يافته ٿين ٿيون ته انهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، اهي پنهنجي گهر جو بهتر انتظام سنڀالي سگهڻ جي قابل بڻجن ٿيون. سندن روين ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري سندن سماجي حالت ۾ بهتري اچي ٿي ۽ هڪ بهتر معاشرو تعمير ٿئي ٿو. اميد آهي ته پارس جو بهادري سان ميدان ۾ وڙهڻ سڄي سماج کي هڪ مثبت پيغام رسائيندو ۽ اسان جي سماج جا اهي فرد جيڪي عورت جي تعليم جا مخالف آهن اهي پارس جي بهادري کي ڏسندي پنهنجي نياڻين جي لاءِ تعليم جا دروازا کوليندا، انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪندا ته جيئن سندن نياڻيون پنهنجو روشن مستقبل تعمير ڪري پنهنجي ڌرتي کي سنواري سگهن ۽ هن معاشري مان هر برائي جو خاتمو ڪري سگهن.