بلاگنئون

پنهنجي معاشي حقيقتن جو منظرنامو

تحرير: آمنا شاھاڻي

مهانگائي هاڻي ڪا معاشي اصطلاح نه رهي آهي، پر هر گهريلو چلهه جو روزانو دوزخ بڻيل درد آهي. جڏهن بازار ۾ لوڻ کان ويندي اٽي تائين هر شيءِ جو اگهه بدلجي چڪو هجي، تڏهن خبر پوي ٿي ته مهانگائي رڳو انگن جو اضافو نه آهي، پر اهو اسان جي چپن تان مرڪ ۽ گهر جو سڪون گهٽجڻ به آهي. ملڪ ۾ سالياني مهانگائي جي شرح جيتوڻيڪ 2025 ۾ 6 سيڪڙو جي آسپاس آهي، پر عام ماڻھوءَ لاءِ اهو انگ تمام گهڻو وڏو آهي. جنهن سان ان جي زندگي بري طريقي سان متاثر ٿي رهي آهي. جيستائين منافعي خور ۽ مارڪيٽ جي بي ضابطگين جو دٻاءُ عام صارف جي نڙيءَ تي ننهن ڏيندو رهندو، پگهار پراڻي رهندي اهڙي وقت ۾ هڪ عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪابه مثبت تبديلي نظر نه ايندي.

مسئلو رڳو قيمتن جو وڌڻ ناهي؛ اصلي سور سسٽم جي ڪمزوري آهي. ڪٿي ريٽ لسٽون لڳل ئي ناهن، ڪٿي ريٽ لسٽ تي عمل نٿو ٿئي ۽ ڪٿي وڏين ڪمپنين جا پنهنجا ٺاهيل “مارڪيٽ ريٽ” هلن ٿا. حڪومت جڏهن مهانگائي گهٽجڻ جو اعلان ڪري ٿي ته هو شايد سي پي آءِ جي چارٽ ڏسي ڳالهائين ٿا، پر بازار ۾ جيڪو عام ماڻهو پٽاٽا ۽ بصر خريد ڪري ٿو، ان لاءِ اها سروي ڪا سچي ڳالهه نه  لڳندي. سنڌ جهڙن علائقن ۾ مسئلو ٻٽو آهي. آمدني گهٽ، ذميواريون وڌيڪ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ ادارا ستل آهن. هتي ماڻهو هر مهيني نئون بجيٽ ٺاهين ٿا، پر هر ڀيري آخر ۾ اهو بجيٽ مڪمل طور ناڪام ٿي وڃي ٿو. اڪثر خاندانن وٽ هاڻي ٻن وقتن جي ماني کائڻ ۽ دوائن جي خرچن ۾ چونڊ ڪرڻ جي مجبوري اچي پئي آهي.

پر ان جو حل ڇا آهي؟ حل وري به سادو آهي مارڪيٽ مانيٽرنگ مضبوط هجڻ گهرجي، ذخيره اندوزيءَ خلاف فوري ڪارروائي، ضروري شين لاءِ اسمارٽ سبسڊي ۽ سڀ کان اهم، عوامي آمدني ۾ واڌ. مهانگائي ملڪ جي تقدير نه آهي؛ اهو انتظامي نااهلي جو نتيجو آهي، جيڪو ڀرپور ارادي ۽ سٺي انتظام سان روڪي سگهجي ٿو ته جيئن عوام پنهنجي ضرورت جون شيون مارڪيٽ ۾ بنا ڊپ ۽ ڊاءُ جي ضرورت مطابق خريد ڪري سگهي. تڏهن ئي عوام ان ڳالهه کي مڃيندو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو رجحان پيدا ٿيو آهي. ان وقت تائين ته مهانگائي اسان جي هر گهر جي ڪهاڻي جو روزانو وارو بخار بڻيل رهندي ۽ اسان جي زندگين مان سڪون ۽ آرام کسي وٺندي.