نئون

سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي ۾ سياسي رهائشگاهن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

خبرن مطابق سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ 4 هزارن کان وڌيڪ سرڪاري رهائشگاهن کي  غير قانوني طور قبضي مان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهڙو فيصلو ڪالهه سپريم، ڪورٽ ڪراچي اندر  سرڪاري رهائشگاهن جي غير قانوني  الاٽمينٽ  بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾  ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو  ته ڪراچي اندر ڪل 4 هزار 268 گهرن تي غير قانوني قبضو آهي ۽ انهن گهرن جي  مٿان  ساڍا ٽي ارب رپين جون بقايائون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن گهرن تي هڪ مافيا جو قبضو آهي ۽ ان قبضي کي سيڪيورٽي کان بغير ختم نه ٿو ڪرائي سگهجي. انهن گهرن کي خالي ڪرائڻ لاءِ  سيڪيورٽي جي لاءِ  پوليس ۽ رينجرز جي مدد گهربل آهي.سپريم ڪورٽ   آءِ جي سنڌ  ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي چيو ته اهي انهن گهرن تان غير قانوني  قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اسٽيٽ آفيس کي سيڪيورٽي فراهم ڪن. ان کان علاوه عدالت اهو به حڪم جاري ڪيو ته گهرن کي خالي ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي ۽ بقايائن جي وصولي لاءِ اي جي پي آر قبضه خورن جي پينشن ۽ پگهارن مان انهن گهرن جا ڪرايا وصول ڪري.