ايڊيٽوريلنئون سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ ٽسوري جي جاءِ تي نهال هاشمي جي اينٽري March 14, 2026 Zahida Abro سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري جنهن کي بظاهر ته ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل هئي، پر سندس اصل سڃاڻپ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهڙائي هئي. شروع ۾ ايم ڪيو ايم ٽسوري کان ڇڪيل رهي، پر پوءِ ٽسوري ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو پيپلز پارٽيءَ جي به ويجهو رهيو. بنيادي طور تي هو هڪ سياستدان کان وڌيڪ هڪ واپاري هو، پر هن سياست ۾ اچڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ کان عليحدگي واري ڳالهه ڪري سنڌ جي عوام کي چيڙائي ڇڏيو، جنهن تي آخرڪار کيس گورنر هائوس ڇڏي وڃڻو پيو. هاڻي (ن) ليگ جو نهال هاشمي سنڌ جو گورنر مقرر ٿي چڪو آهي. اها تقرري صدر مملڪت پاران وزيراعظم جي مشوري سان ڪئي وئي آهي. 13 مارچ 2026ع تي گورنر هائوس ۾ سنڌ جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نهال هاشمي کان پنهنجي عهدي جو حلف ورتو. نهال هاشمي مسلم ليگ جو هڪ مضبوط، جارح ۽ بيباڪ ساٿي رهيو آهي. 2017ع ۾ سندس هڪ تڪراري تقرير جنهن ۾ هن عدليه ۽ انتظاميه کي نشانو بڻايو، جنهن سبب کيس سينيٽ جي رڪنيت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. چئي سگهجي ٿو ته هي عهدو کيس 2017ع ۾ پارٽيءَ جي دفاع ڪندي سينيٽ جي رڪنيت وڃائڻ جي انعام طور مليو آهي. 2017ع ۾ جڏهن هن پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ JIT جي ججن کي کليل لفظن ۾ ڌمڪيون ڏنيون هيون ۽ اهو چيو هو، “جيڪي اڄ حساب وٺي رهيا آهن، سڀاڻي انهن لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪئي ويندي ۽ انهن کي پنهنجن ٻارن سميت رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حساب ڏيڻو پوندو.” سندس خاندان ورهاڱي کانپوءِ بهار مان هجرت ڪري ڪراچي اچي آباد ٿيو ۽ پوءِ هن مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري نواز شريف سان ويجهڙائي حاصل ڪئي. لڳي ايئن ٿو ته نهال هاشمي جي تقرري صرف هڪ انتظامي تبديلي ناهي، بلڪه اها مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي ته جيئن (ن) ليگ سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجا پير پختا ڪري سگهي. هن وقت سنڌ جي ڪراچي ۽ حيدرآباد کان علاوه ٻين شهري علائقن جي سياست ۾ پيپلز پارٽي کانپوءِ ايم ڪيو ايم متحرڪ آهي يا ان کي متحرڪ ڏيکاريو وڃي ٿو. نهال هاشمي جي تقرري کانپوءِ (ن) ليگ اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿي ته اردو ڳالهائيندڙن وٽ هاڻي وفاق جي هڪ وڏي پارٽيءَ جو آپشن به موجود آهي ۽ اهي (ن) ليگ کي ووٽ ڪري سگهن ٿا، جيڪا سنڌ ۾ سندن لاءِ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙو گورنر جيڪو وفاق جو نمائندو هجي، حڪمران جماعت (ن) ليگ سان بيحد وفادار هجي اهو سنڌ حڪومت جي معاملن تي وڌيڪ اثرائتي نموني نظر رکي سگهي ٿو. گورنر هائوس کي وفاقي فنڊن ۽ ترقياتي اسڪيمن جي نگرانيءَ لاءِ به يقينن استعمال ڪيو ويندو ۽ هاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري منصوبن ۾ نهال هاشمي جي ذريعي وفاق سڌيءَ ريت مداخلت ڪري پنهنجي پارٽيءَ جي ساک ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو، نه صرف ايترو بلڪه هو سنڌ ۾ (ن) ليگ جي ستل ورڪرن کي جاڳائي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو ته جيئن انهن جي اندر نئون روح ڦوڪي سگهجي.نهال هاشمي لاءِ اها ٽاسڪ ڪو سولو ڪم ناهي. سنڌ ۾ (ن) ليگ کي هن وقت ڪا وڏي پذيرائي مليل ناهي، پر جيئن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم کان بيزار ٿيل ووٽر هڪ متبادل ضرور ڳولهي رهيو آهي. نهال هاشمي (ن) ليگ کي هڪ بهتر متبادل طور پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. سندس بهاري پسمنظر کيس ان خال کي ڀرڻ ۾ گهڻي مدد ڪري سگهي ٿو، پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پيپلزپارٽي جي جاءِ تي (ن) ليگ کي متبادل طور پيش ڪرڻ ۽ ان جون پاڙون پڪيون ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو. سنڌ ۾ (ن) ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کيس سنڌ جي عوام ۽ ان جي مسئلن سان گڏ بيهڻو پوندو. جيئن پاڻيءَ جو مسئلو، ڪئنالن جو مسئلو، سنڌ ۾ زمينن مٿان وفاق جا گرين انيشيئيٽو جهڙا پروگرام، اين ايف سي ايوارڊ جي ادائيگي جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي کان محروم ڪرڻ يا ان جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ڊجيٽل آدمشماري ۾ به وفاق سنڌ جي ٻهراڙين جي آبادي گهٽ ڏيکاري آهي، گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ سنڌ کي وڌيڪ متاثر ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته وسيلا سنڌ جا آهن. ان کان علاوه وفاق رکي رکي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهي سڀئي مسئلا نهال هاشمي کي (ن) ليگ جي تنظيم سازي ۽ سندس سنڌ ۾ پاڙون پڪيون ڪرڻ لاءِ چئلينج بڻجي هميشه اڳيان رهندا. پيپلز پارٽي لاءِ به امتحان آهي، صدر آصف علي زرداري ملڪ جي هڪ اهم عهدي تي ويٺل آهي ۽ پيپلزپارٽي موجوده حڪومت جي اتحادي آهي، نه چاهيندي به نهال هاشمي کي هتي قبول ڪرڻو پيو آهي. يقينن نهال هاشمي پيپلزپارٽي لاءِ ڪو سٺو آپشن ناهي. ماضي ۾ به هو پيپلزپارٽي مٿان سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي. ممڪن آهي ته هينئر وري هو پنهنجي پراڻي رڳ تي واپس اچي ۽ سنڌ اندر انتظامي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪري، پر جيڪڏهن اها مداخلت سنڌ جي حق ۾ هوندي ته يقينن کيس سنڌ جي عوام جي پٺڀرائي حاصل رهندي، پر جيڪڏهن اها مداخلت سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي مفاد جي ابتڙ هوندي ته پوءِ نتيجا اهڙائي نڪرندا جهڙا ڪامران ٽسوري لاءِ نڪتا. Post Views: 86