ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪندڙ ڪارخانو
عالمي ليول تي گرمي ۾ واڌاري جو سبب ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ٻارڻ ۾ بدلائيندڙ ڪارخانو تيار ٿي ويو. هي ڪارخانو جرمني ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هن کان پهرين به اهڙا پلانٽ لڳايا ويا هئا جيڪي ايئر ڪيپچر ٽيڪنالاجي ذريعي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ٺوس حالت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا هئا، پر ان طريقي تي تمام گهڻو خرچ اچي ويو هو، جيڪو في ميٽرڪ ٽن 500 کان هڪ هزار ڊالر اچي ويندو هو. پر هن نئين ٺاهيل پلانٽ ذريعي 200 ڊالرن کان به گهٽ خرچ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي کي ايجاد ڪندڙ ماهر ڊيوڊ ڪائيٿ جو چوڻ آهي ته هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ملائڻ تمام آسان آهي پر ان کي الڳ ڪرڻ تمام ڏکيو عمل هو جنهن کي 9 سالن جي ڪوشش بعد اسان هن طريقي کي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. اهو آزمائشي پلانٽ هڪ فيڪٽري جي ڪولنگ ٽاور جهڙو آهي جنهن ۾ تبديلي ڪري ان ۾ پاڻياٺ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي قيد ڪيو ويندو آهي جنهن سان ڪاربونيٽ وجود ۾ ايندا آهن. جيڪڏهن ان کي گرم ڪيو وڃي ته واپس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٺهي ويندي. پر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت کي ٻارڻ جي ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي ٻارڻ کي هوا مان ٺهندڙ ٻارڻ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن قسم جي ٻارڻ کي آساني سان هڪ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪري سگهجي ٿو.

