ميڪسيڪو ۾ هڪ ڊرون جي مدد سان 500 ڏوهاري پڪڙيا ويا

ميڪسيڪو جي شهر انسيناڊا جي پوليس ڊپارٽمينٽ ڊي جي آءِ جي مدد سان 500 کان وڌيڪ  ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب تي وئي آهي ميڪسيڪو پوليس جو چوڻ آهي ته صرف هڪ ڊرون سان 10 سيڪڙو ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اينسيناڊا ۾ چوري جي وارداتن جون وڏيون شڪايتون ٿينديون هيون. جنهن ۾ هاڻي گهٽتائي آئي آهي. پوليس چيف جيسس راموس جو چوڻ آهي ته صرف چئن مهينن اندر روزاني 25 مشن پورا ڪرڻ سبب هن ڊرون ايتري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته ان ڊرون جي مدد سان شڪايتي ڪال اچڻ جي صورت  ڊرون کي ترت ئي ان علائقي ۾ پهچايو وڃي ٿو ۽ اهو مسلسل وڊيو رڪارڊ ڪري پوليس هيڊڪوارٽر تائين موڪليندو رهي ٿو جتان ڏوهارين جي ڀڄڻ بابت گشت تي موجود پوليس موبائلن کي اطلاع ڪري واردات واري جاءِ تي  پهچائي سگهبو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته  ڏوهارين جي نظر ۾ هڪ مخصوص وقت هوندو آهي جنهن اندر پوليس واردات واري جاءِ تي پهچي سگهي ٿي. ان ڪري اهي ان وقت کان اڳ ئي واردات ختم ڪرڻ چاهيندا آهن. جنهن ڪري انهن کي پڪڙڻ مشڪل هوندو آهي. پر هاڻي جديد ٽيڪنالوجي سبب انهن کي پڪڙڻ  آسان ٿي پيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اينسناڊا جي آبادي 5 لک 22 هزار آهي جنهن ۾ ڪل 12 ڊرون ذريعي شهر ۾ مڪمل نگراني  ڪري سگهجي ٿي ۽ ترت رد عمل سان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *