شيخ رشيد اهل قرار

سپريم ڪورٽ پاران عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ 20 مارچ تي محفوظ ڪيل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته عوامي مسلم ليگ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. ياد رهي ته شيخ رشيد جي نا اهلي لاءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ درخواست جمع ڪرائي هئي. جنهن درخواست مطابق 2013 جي چونڊن ۾ شيخ رشيد پنهنجا اثاثا لڪايا هئا ۽ غلط  بياني ڪئي هئي. ان ڪري ان کي نا اهل قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته شيخ رشيد احمد 2013  جي چونڊن ۾ راولپنڊي کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 55 تي شڪيل اعواڻ کي شڪست ڏئي 7 دفعو قومي اسيمبلي جي ميمبر بڻجي ويو هو. هن فيصلي اچڻ بعد شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندو ۽ عمران خان سان گڏ حڪومت ٺاهيندو. هن چيو ته مان هڪ صاف ماڻهو آهيان منهنجو سڀ ڪجهه  پنڊي ۾ آهي ۽ مان پاڻ به پنڊي جو آهيان.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments