سنڌ ۾ قبائليت ۽ جاگيرداري جا اثر
سنڌ ايڪيهين صديءَ ۾ به قبائليت ۽ جاگيرداري جي زير اثر آهي. لڳي ٿو ته وقت ڄڻ ڌرتي جي هن حصي تي بيهي رهيو آهي. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته گذريل ٽن ڏهائين کان هن صوبي ۾ جاگيرداري جي زير اثر قبائلي تڪرار انساني جانين کي ڳهي رهيا آهن، سمورو سماج لڳي ٿو ته مري رهيو آهي، جنهن جو تازو مثال ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل آهي، اهو قتل هڪ شخص جو قتل نه آهي، پر ساڃهه، سوچ ۽ علم جو قتل آهي ۽ اهو قتل اهڙي ماڻهو جي جان وٺڻ آهي، جو سماج سان ذميدار هو ۽ هن تعليم جي روشني پنهنجي ناخواندگي جي ور چڙهيل وطن جي ماڻهن ۾ پکيڙڻ ٿي چاهي، انهيءَ کان اڳ جو هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سندس زندگي جو ڏيئو ئي وسائي ڇڏيو ويو.
انهيءَ ظلم جي پسمنظر ۾ اسان جو هي اڏوهي کاڌل جاگيرداري ۽ قبائلي سماج آهي، جنهن ڄڻ اسان لاءِ حياتي ۽ جيئڻ کي منع ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ ڪارو ڪاري جي رت جي راند هجي يا قبائلي دشمنيون هجن، جنهن دشمني جو شڪار ڊاڪٽر اجمل ساوند بڻيو يا جاگيرداري سماج جي سرپرستي ۾ هلندڙ ڌاڙيل راڄ هجي اڃا به وڌيڪ اهو چئجي ته اسانجي انصاف جي ادارن، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪمزور گرفت جي ڪري لڳي ٿو ته ڏوهاري اسان جي سماج ۾ طاقتور ٿيندو پيو وڃي.
اسان جي هن صوبي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار، ڪارو ڪاري ۽ ڏوهن جي نه کٽندڙ سلسلي جي پٺيان اسان جو ڪمزور، انتظامي ۽ قانوني نظام آهي ۽ گهٽ شرح خواندگي به انهيءَ جو سبب آهي. جنهنڪري زندگيءَ جي معاملن جي اڪلاءَ ۾ دليل جي بجاءِ جذبات کان ڪم ورتو وڃي ٿو، عقل جي جاءِ انا اچي والاري ٿي. انا جي ۽ جذبات جي انهيءَ والار کانپوءِ انسان جي جان و مال جي ڪابه اهميت نه ٿي رهي. نه ته سڌريل سماجن جو پنهنجي ماڻهن سان واعدو رهيو آهي ته انهن جي جان ۽ مال جو تحفظ نظام ۽ سرڪار جي ذميداري آهي، پر جتي نظام ئي جاگيرداري قبائلي هجي ۽ جرڳن جي سرڪار هجي، جڏهن ڏاڍا ماڻهو رعيت جا فيصلا ڪندا هجن. نتيجي ۾ عقل، علم، سوچ ۽ ساڃاهه جي جاءِ طاقت اچي والاري ٿي. قبائلي هٿياربند طاقت. انهيءَ هٿياربند جاگيردار قبائلي طاقت سان گڏ اسان جو انصاف جو ڪمزور نظام به انهيءَ جو ذميدار آهي. جنهن جي ڪري جاگيرداري ۽ قبائلي سماج وڌيڪ طاقتور ٿيو آهي. تڪڙي انصاف جي فراهمي ممڪن نه ٿي سگهي آهي. نتيجي ۾ جاگيردار ۽ قبائلي هٿياربند طاقت جي استعمال کي صحيح سمجهن ٿا ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي متبادل نظام انصاف يعني جرڳي ذريعي اڪلائي به وٺن ٿا. قانون نافذ ڪندڙ ادارا خاص طرح سان پوليس به انهيءَ سڄي شيطاني عمل کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻيون انساني حقن واريون تنظيمون ۽ ادارا وقت بوقت آواز اٿاريندا رهندا آهن ته انساني حقن جو خيال ڪيو وڃي، انسان جي جيئڻ جو حق بنيادي انساني حق آهي جيڪو اسان جي سماج دشمن عنصرن معصوم ماڻهن کان ڦري ورتو آهي، سموري سنڌ خاص طور تي انهيءَ جو اتر وارو علائقو. ماڻهن لاءِ ڄڻ ڪچي جو علائقو بڻايو ويو آهي، محاورتن ٿا چئون: ڪچي جو علائقو معنيٰ ڌاڙيلن جون پناهه گاهون، جتي انهن لاءِ سڀ سهولتون آهن، پاڻي اتي موجود آهي، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون موجود آهن، بجليءَ لاءِ سولر پينل لڳل آهن، ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور لڳ هڪ موبائل سروس ٽاور انهن کي دنيا سان رابطو ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو، جڏهن ڏوهاري آرام سان هجن، قبائلي روايتون سڌي، اڻ سڌيءَ طرح انهن کي هڪ طرح جو تحفظ ڏين ته پوءِ امن ۽ انصاف ته هڪ خواب ٿيو. هي قتل پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو نه آهي، جاگيرداري ذهنيت ۽ نظام کي ماڻهن جي اهنج سان ڪوبه واسطو نه آهي، اها ذهنيت ۽ نظام چاهي ٿو ته سڀ ڪجهه ساڳيو هجي ۽ بيٺل هجي، هڪ جاءِ تي ڄميل. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي زماني ۾، جتي دنيا ترقي ڪندي گهڻو اڳيان نڪري وئي آهي، پر جاگيرداري ۽ قبائلي طاقتور اڳواڻ پنهنجي هٺ سان، پنهنجن ڳرن هٿيارن سان، پنهنجي اثر رسوخ سان اهي چاهين ٿا ته سماج هڪ هنڌ بيٺل، تعليم، سوچ ۽ ساڃاهه کان پري هجي. جيئن انهن جو انڌو راڄ قائم رهي. تڏهن ته ائين ٿيو جو اپريل 2023 جي مهيني ۾ ڊاڪٽر اجمل ساوند انهن تاريڪ قوتن جي هٿان قتل ٿي ويو. هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص جي تعمير ڪيئن ٿئي ٿي، اها ڪيتري نه ڏکي هوندي آهي. انهيءَ قبيلائي تڪراري سماج مان اڀري اهو شخص فرانس مان ڊاڪٽوريٽ ڪري آيو، انهيءَ عزم سان پاڻ هتي علم، سوچ ۽ ساڃاهه جي تعليم ڏيندو ته جيئن اسان جو ملڪ ۽ اسان جو صوبو تعليم جي ميدان ۾ اڳيان نڪري سگهي. کيس شايد يقين هو ته تعليم ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن سان قبيلائي قاتل قوتون ختم ٿي وينديون. پر في الوقت بديءَ جون تاريڪ قوتون طاقتور نڪتيون ۽ انهن اجمل ساوند کي قتل ڪري موجوده دور ۾ نيڪي ۽ روشني کي ڄڻ چتاءَ ڏنو آهي.
پر اسان کي انسان جي اجتماعي نيڪي، علم ۽ عمل جي ارتقا تي يقين آهي ته بدي ۽ جهالت جي قوتن جي شڪست يقيني آهي. گڏوگڏ اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان گهر آهي ته جاگيرداري ۽ قبائلي ڏوهارين تي گرفت ڪئي وڃي، جيئن انهن جي اثر کي گهٽائي سگهجي، ماڻهن جي جان مال ۽ تعليم ۽ شخصي وقار جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هر هڪ ٻار جي تعليمي ماحول ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي. جيئن مستقبل ۾ ڊاڪٽر اجمل ساوند جهڙا انسان جي سگهن ۽ علم جي روشني پکيڙي سگهن.
***