ملڪ، سياست، ساسو موٽو ۽ سونٽي
وزيراعظم شهباز شريف صاحب 26 تاريخ تي اعتماد جو ووٽ ورتو، ان کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊرن مبارڪن واريون تقريرون پڻ ڪيون، سڀني سٺو ڳالهايو، اختر مينگل صاحب جيڪو ڳالهايو، ان تي اڄ به ڪير غور ڪونه ٿو ڪري، غور ڪرڻ مان مراد جيڪي وس وارا يا انهن جا ويجها آهن. اسين عوامي ماڻهو نه ٽن ۾ نه تيرنهن ۾، بس نعرن هڻڻ ۾ پورا. لبِ لباب اختر مينگل جي تقرير جو اهو هو، ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو وڃائڻ کانپوءِ به اسان نه سڌريا آهيون، ڪوبه ملڪ آئين تحت، انصاف تحت ۽ اصولن تحت ترقي ڪري سگهي ٿو، پر اسان وٽ اهي ٽئي شيون ناپيد آهن، انهيءَ ڪري اسانجو ملڪ هلي ته ڪونه ٿو، گهلجي پيو ۽ ڀوڳي صرف عوام ٿو، ڏسون ته هاڻي ڪيستائين گهلين ٿا ملڪ کي. ڇا ملڪ ائين هلندا آهن؟ بلڪل نه. بنگلاديش 1971 ۾ آزاد ٿيو، اڄ ان جا انڊيڪيٽر ڏسو ترقي، روزگار، امن امان، معيشت، تعليم، انصاف، پنهنجي ملڪ سان ڀيٽيون ته شرم ٿو اچي، اهو ملڪ جنهن کي اسانجي اشرافيه ڌڪي ڌار ڪيو، اڄ اهو ملڪ روز بروز ترقي جون نيون منزلون ماڻي پيو، آئين، انصاف، سسٽم، بنگلاديش، بهتر نموني سان اپنائي دنيا جي گولي تي هڪ عزت ڀرئي، ملڪ جي حيثيت سان نظر اچي پيو ۽ اسان ڪستو کنيو وتئون پيا پنندا، هاڻ ته پنيو ٽڪر به ڪون ٿو ملي، آئين سان جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي، 1956 ۾ هڪڙو قانون جنهن کي بنگلاديش نه مڃيو، بنگلاديش (ان وقت جو مشرقي پاڪستان) انهيءَ آئين کي به ٽوڙيو ويو، مشهور ڪيس آهي، مولوي تميز الدين وارو، جيڪو ان وقت جي آئين ساز اسيمبلي جو اسپيڪر هو ۽ پوءِ وري جسٽس منير جنهن جو نالو ملڪ جي انصافي تاريخ جي فيصلن ۾ پهريون اونداهو فيصلو هو، ان کانپوءِ 1973 جو متفقه آئين جن تي چئن قومي اسيمبلي جي ميمبرن صحيحون نه ڪيون، جن ۾ خير بخش مري سميت 3 ميمبر بلوچستان جا هئا، سنڌ مان به عبدالحميد جتوئي به آئين تي صحيح نه ڪئي، انهيءَ حساب سان ڏٺو وڃي جڏهن ان وقت بچيل پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان جا صرف 4 ميمبر موجود هئا، جن منجهان 3 ميمبرن آئين جي پيپر تي صحيحون نه ڪيون، مطلب بلوچستان انهيءَ آئين سان متفق نه هو، پوءِ به هن کي اسان متفقه آئين چئون ٿا، ڇو ته ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ هڪ آئين جي ضرورت هوندي آهي، ڪلهه ڪنهن وڪيل صاحب جو يوٽيوب تي انٽرويو ٻڌو پي، ان جي چواڻي ته هن آئين جي ٺهندي مرحوم عبدالحفيظ پيرزادي کان پڇيو ويو ته هن آئين ۾ ته ڪيتريون ئي اوڻايون آهن، ته هن جواب ڏنو روز فون ٿي اچي، هن شق کي هيئن ڪيو، هن شق کي هونئن ڪيو، اوڻايون ته هونديون! آئين منظور ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پهرين به ان وقت جي اپوزيشن آئين تي صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، خبر ناهي رات وچ ۾ ڪهڙي ڦير گهير آئي، جو ٻئي ڏينهن تي ان وقت جي مخالف ڌر آئين جي دستاويز تي صحيحون ڪري ڇڏيون، ”متفقه“ آئين کي وجود ۾ آئي 18 ڪلاڪ گذريا ته انهن ۾ ڦير گهير شروع ٿي وئي، ڇو ته آئين جي بنيادي نقطن کان علاوه قومي اسيمبلي جي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان آئين ۾ تبديلي يا نئون واڌارو ڪري سگهجي ٿو، پوءِ ته ان وقت جي ئي حڪومت الائي ڪيترن ئي شقن کي تبديل ۽ واڌارو ڪندي رهي، پوءِ به چئون ٿا ته متفقه آئين آهي، انهيءَ آئين جي تحت اپوزيشن پارٽين تي بندش وڌي وئي، ان کانپوءِ ٻن صوبن ۾ انهن جي حڪومت ختم ڪئي وئي، جڏهن هڪڙي نئين ٺهيل آئين سان ٺاهڻ وارا ئي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا، هر روز ان جي شڪل تبديل ڪندا ته پوءِ آمرن مان ڪهڙي اميد رکون ۽ ٿيو به ائين. 4 ۽ 5 جولاءِ 1977 جي رات تي ضياءَالحق انهيءَ آئين جي ڪتابڙي کي کڻي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ اسانجي انصافي ماڻهن ان کي قانون جي شڪل به ڏئي ڇڏي، ڏوهه ته شريف دين پيرزادي کي ڏيون ٿا، پر ان وقت جي عدالت عظميٰ جيڪي ڪلور ڪيا اهو به تاريخ جو حصو آهي، آئين جي خالق پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو، آئين ڪجهه نه ڪري سگهيو، ڇو ته ڦاسي ڏيڻ وارا انصافي هئا ۽ انهن جي پويان طاقت سونٽي جي هئي، پوءِ وري آمر انهيءَ آئين کي پنهنجي مرضي مطابق شڪل ڏيڻ جي لاءِ ترميمون ڪيون ۽ انهن ترميمن کي ان وقت جي چونڊيل اسيمبلي جائز قرار ڏنو، 1999 ۾ هڪ دفعو وري آمر انهيءَ ويچاري بچيل کچيل آئين کي کڻي هڪ دفعو ٻيهر ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو. هن هڪڙو پي سي او ڏنو، جنهن تحت ان وقت جي انصافي ججن قسم کنيو ۽ غير انصافي ججن نوڪريون ڇڏيون، انصافي ججن نه صرف 1999 جي مارشل لا کي جائز قرار ڏنو، پر ڪورٽ سڳوري پرويز مشرف کي اهو اختيار به ڏنو ته هو جنهن وقت چاهي، آئين ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿو، ڇا ته انصاف آهي… هاڻي به انهيءَ آئين تحت حڪومت ۽ مخالف ڌر جو جهيڙو هلي پيو، ٻئي ڌريون پاڻ کي آئين جون پابند ۽ بااختيار سمجهن ٿيون، پر هن وقت انصافي به ورهائجي ويا آهن ۽ سونٽي وارا انهن سان گڏ نه بيٺا آهن، بلڪه انهن تي سونٽي کنيو بيٺا آهن، جيڪڏهن ٻارڙو گهر ۾ ڪو شيشي جو ٿانو ٽوڙيندو آهي ته به ان کان پڇبو آهي ته بابا تو هي ٿانو ڇو ٽوڙيو؟ پر آئين سڳورو چيف ايگزيڪيوٽو کي اختيار ڏئي ٿو ته هو بنا سبب جي ۽ بنا پڇاڻي جي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو، پوءِ اهو چيف ايگزيڪيوٽو وزير اعليٰ جي روپ ۾ صوبي ۾ هجي يا وزيراعظم جي روپ ۾ وفاق ۾ هجي، بنا سبب جي پوري اسيمبلي جنهن ۾ اڌ جيترا ميمبر سندس پارٽي جا ناهن، عوام انهن کي چونڊي اسيمبلي ۾ پهچايو آهي ۽ توهان انهن کي به گهر ڀيڙو ڪيو ٿا، بنا ڪنهن الزام جي صرف هڪ لائين، مان اسيمبلي ٽوڙيان ٿو، ڇو ته مون کي آئين اختيار ڏئي ٿو ۽ آئين خاموش آهي. هڪڙي ڳالهه سند آهي: ڪفر جون حڪومتون هلنديون آهن، ناانصافي جون حڪومتون نه هلنديون آهن. اسان وٽ به ائين ئي ٿيو آهي، هڪڙو وزيراعظم ٻڌايو جنهن 76 سالن ۾ آئين تحت ڏنل مدو پورو ڪيو هجي، آمر ته پنهنجي طاقت سان ويٺا، انهن کي آئين جي پرواهه هئي ڪونه، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هوندو، ته سسٽم نه هلندو، امن نه ٿيندو، ترقي نه ٿيندي، روزگار نه ملندو، ماڻهو هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪندا ۽ ڪن پيا، مختلف ننڍيون ننڍيون طاقتون پنهنجي مفادن تحت وجود ۾ اينديون، جنهن جي ڪري اسان جو معاشرو بجاءِ ترقي جي تنزلي طرف ويندو. هن معاشري ۾ اجمل ساوند جهڙا موتي ماڻهو قبيلائي جهيڙن جو کاڄ بڻجي ويندا. افسوس ته اهو آهي هڪ ماڻهو جيڪو فرانس ۾ ويهي پنهنجي زندگي بهتر نموني سان گذاري سگهي پيو، صرف مٽيءَ جي عشق ۾ واپس اچي ٿو ۽ هتي جي قبيلائي جهيڙي جو کاڄ بڻجي ٿو پوي، اهڙا کوڙ ساوند آهن جن کي انصاف نه ملندو. وري به جرڳو ٿيندو ۽ جرڳي ۾ 50 لک يا ڪروڙ جو ڏنڊ رکي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو. هڪ ته ماڻهوءَ جو ملهه 50 لک يا ڪروڙ آهي، ٻيو وري ساوند جهڙي ماڻهوءَ جو جيڪو املهه هو، سسٽم نه هجڻ، انصاف نه هجڻ، سردارن کي طاقتور ڪرڻ، سردارن کي قانون جو خوف نه هجڻ، هي اسانجو جنگلي معاشرو آهي، جنهن ۾ زنده رهڻو آهي ته طاقتور ٿي رهڻو آهي، ڇو ته قانون ڪٿي به نظر نٿو اچي، قانون نظر ڪيئن اچي. قانون ڪڏهن سونٽيءَ تي سوموٽو وٺي ٿو، ته ڪڏهن وري ساسوموٽو وٺي ٿو، مڃون ٿا ته پرائيويٽ گفتگو رڪارڊ ڪرڻ ڪنهن به نموني جائز ناهي. پر جيڪو ڪاروهنوار اسان وٽ هلي پيو، انهي ۾ ڇا انصاف بيگم جي چوڻ تي، نياڻي جي چوڻ تي، اکيون پوري ڪجن، اتي به آئين خاموش آهي. اسان ڳالهه ڪئي ته قبيلائي نظام ۾ ته جرڳا ٿين ٿا، پر انصاف جي اعليٰ عدالتن تي ويهي انصافي جج پارٽين کي چون ٿا، پاڻ ۾ مذاڪرات يعني جرڳا ڪيو. پوءِ جيڪڏهن 90 ڏينهن گذري وڃن ته به خير آهي. آئين ته پنهنجو ٻچڙو آهي، ان کي ڪيئن به استعمال ڪري وٺنداسين ۽ وري 90 ڏينهن به صرف پنجاب اسيمبلي جي لاءِ ڪي پي ڪي جي اسيمبلي شايد آئين جي رکوالن کي نظر نٿي اچي. پر سائين سونٽي اچي وئي آهي. آئين جا اهي رکوالا جن تي الائي ڪيترا الزام اچي چڪا آهن. خاموشي اختيار ڪئي آهي. 14 تاريخ جي اليڪشن وساري ڇڏيو. اها ڳالهه جناب عمران خان به سمجهي پيو. مولانا صاحب جيڪو ڳالهائي پيو. آواز ته سندس آهي. پر لفظ نواز شريف جا آهن. جنهن جو واضح چوڻ آهي ته پاڪستان تڏهن ايندس جڏهن منهنجا ڪيس ختم ٿيندا. 5 ماڻهن کي قابو ڪندو، جن ۾ عمران به شامل آهي. نه ته هاڻي سندس نه اچڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ الله جي فضل سان صحتمند آهي، يورپ جو دورو ڪري آيو، الله جي در جي حاضري ڀري آيو، بجاءِ پاڪستان اچڻ جي وري پنهنجي سنگتين جي ملڪ ۾ هليو ويو. اهو آهي اسان جي سياستدانن جو ڪردار. پوءِ اسان ڪيئن چئون ته اسان ترقي ڪنداسين، بلڪل نه چئو. سياستدان هن وقت به سوٽي ڏي نهاري رهيا آهن. عوام سان جيڪا ويڌن ٿئي پئي، انهيءَ سان هنن جو ڪجهه به نه وڃي، ماڻهو بُک مرن يا پاڻ ۾ وڙهي مرن، ليڊرن تي ڪهڙو اثر ٿو پوي، ليڊر ته پنهنجي پنهنجي قلعن ۾ بند ٿيو، عوام جي مٿان حڪمراني ڪن پيا، هڪ سال ۾ جيڪا عوام سان ٿي آهي، ان جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ اليڪشن آڪٽوبر يا نومبر ۾ ٿيندي. ان کانپوءِ حالتون بهتر ٿينديون، نظر نٿو اچي، ڇو ته فيصلو ٿيل آهي، ته عمراني سرڪار کي واپس نه آندو ويندو. پوءِ عمران چپ ڪري ڪون ويهندو، معنيٰ اسان غير يقيني صورتحال ۾ اليڪشن کانپوءِ به هونداسين. وس وارا چاهين ته!! (پر هو ڇو چاهين) انهن ۾ به عوام جي لاءِ ڪو درد آهي ڇا؟ بنگلاديش ڇا ڪيو، بنگلاديش به اسان وانگر آمرن جي ور چڙهيو، صرف گذريل 15 سالن کان ترقي جي شاهراهه تي اچي ويو آهي، بنگلاديش جي سسٽم مولوي کي مسجد تائين محدود ڪيو آهي.
جج صاحبن کي قانوني فيصلن تائين محدود ڪيو آهي، نه ڪو سياسي فيصلن ۾ مداخلت ڪرڻ ڏين ٿا ۽ سيڪيورٽي ڏيڻ وارن کي پنهنجن ڪمن تائين محدود. 15 سالن ۾ هو ترقي جي شاهراهه تي قدم رکي چڪو آهي. اسان وٽ مذهب جي نالي تي جيترو ظلم ٿئي ٿو، سريلنڪا جو شهري جيڪو اسانجي ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، ان ظلم جي ور چڙهي وڃي ٿو، پر نفرتن جا واپار مذهب جي نالي تي اڃا به جاري آهن، اها مهرباني به ضياءَالحق جي هئي. واقعي به اسان وٽ 1947 ۾ اسلامي ڀائيچارو اچي ها ۽ محمد خان همدم جهڙو شريف ۽ مذهبي ماڻهو محمد علي جناح سان پهرين صف ۾ عيد نماز پڙهي سگهي ها، پر پهرين ايف آءِ آر ان تي صرف ان ڏوهه ۾ ڪٽي وئي ته هن پهرين صف ۾ ايڏن وڏن ماڻهن سان بيهڻ جي جرئت جو سوچيو به ڪيئن؟ غريب کي ڪٽي سٽي وڃي جيل ۾ وڌئون، اها هڪ ٻي ڪهاڻي آ. داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني سپروائزر ته خوش قسمت آهي جو سندس تعلق چين سان آهي، نه ته هن کي به توهينِ مذهب جو الزام لڳائي اسان جا مذهبي دهشتگرد چٽڻي ڪري ڇڏين ها. عوام جي ڀلائي سسٽم ۾ آهي، سسٽم نه ڏيندو، ملڪ نه رهندو، جيئن گهلجندو اچي پيو، ائين ئي گهلجندو رهندو. فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، عوام ته ڪت خلق آهي، ان جي هٿ ۾ ڇا آهي. سوچيو…
***