بلاگنئون

پاٽ شهر جو نامور ترجمي نگار ليکڪ  ڊاڪٽر علي احمد قاضي

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ صدين تائين زنده رهندو، هن ننڍڙي شھر جي زمين تي ڪيترين ئي علمي شخصيتن، عالمن جنم ورتو، جن جي نالي پويان هي شھر سدائين تاريخ ۾ علم جي يونيورسٽي پيو سڏبو. هن شھر جي عالمن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوءِ به ڪاميابيون ماڻي پنھنجو نالو روشن ڪيو. پاٽ جي جن علم جي ڄاڻن جن جو ڊاڪٽر علي احمد تي پيو، انھن شخصيتن ۾ مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي اهو شخص هو جنھن ڪيترائي ڪتاب لکيا، هن بزرگ سن 1290 هجري بمطابق 1873ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه پاٽ شريف ۾ آهي ۽ سندس نالي سان “درگاهه مخدوم فضل الاهي” پاٽ شريف قائم آهي.

 مخدوم حسن الله پاٽائي ولد وهب الله صديقي پاٽائي سن 1850ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو. مخدوم صاحب جا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، سندس علمي تصنيفون اڄ به سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن. 15 ڊسمبر 1920ع تي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، سندس آخري آرامگاهه درگاهه مخدوم فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي ٻاهران پيرانديءَ ۾ آهي. مخدوم دين محمد پاٽائي ڀٽائيءَ رح جو دوست وڏو عالم ۽ فقيه هو، ڪتابن ۾ روايت آهي ته هي بزرگ  مخدوم دين محمد پاٽائي ۽ ڀٽائي رح سرڪار ٻنهي پنهنجون دستارون هڪ ٻئي کي پارايون هيون هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هڪٻئي جا دوست ٿيا.

مخدوم حافظ شفيع محمد صديقي پاٽائي ولد احمدي صديقي سن 1835ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، صوفياڻي طبيعت رکندڙ هن باڪمال عالم سن 1898ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ دادو ڪئنال جي ڀرسان آهي. علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي ولد ميان مخدوم محمد صالح جي ولادت به پاٽ شريف ۾ ٿي، هي بزرگ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم، مفتي ۽ صوفي منش انسان هو، 1932ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي مبارڪ جي اندر آهي. قاضي ميان احمدي اول جو شمار انهن خوشنصيب انسان دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي خلق خدا جي خدمت کي عبادت جو درجو ڏين ٿا ۽ ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏين ٿا. علامه قاضي ميان احمدي سن 1854ع تي سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس والد صاحب جو نالو مخدوم علي گوهر قاضي هو، سندس ڏاڏو قاضي احمدي ڪبير ميرن جي دور واري حڪومت ۾ هن پوري علائقي جو قاضي هو، آفتاب قاضي صاحب جو مڪمل نالو اي جي اين قاضي يعني آفتاب غلام نبي قاضي هو، پاڻ 6 نومبر 1919ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو ۽ سندس ذات انصاري هئي، سندس والد صاحب خانبهادر غلام نبي قاضي جو شمار اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. آفتاب قاضي انگريزن جي دور کان وٺي سول سرونٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به ڊگهي عرصي تائين اهم عهدن تي فائز رهيو. سنڌ جي ناليواري اديب، محقق، دانشور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ولد ڪريم بخش صديقي پهرين جنوري 1937 تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ علمي ادبي ميدان ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون.

1982ع کان سنڌ صوبي جي مسجد اسڪولن جو چيف ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو ۽ انهيءَ اهم اداري ۾ صديقي صاحب جي سربراهي ۾ هزارين اسڪول کوليا ويا ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار حاصل ٿيو، وفاقي شرعي عدالت جو اڳوڻو جج عبدالوحيد صديقي ولد شفيع محمد صديقي پاٽائي سن 1939ع ۾ پاٽ شريف ۾ ڄائو، سنڌ سان محبت ڪندي انقلابي ساٿين سان گڏجي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جي ٻين قومي مسئلن تي “فولاد فقير” جي نالي لکندو رهيو، جسٽس عبدالوحيد صديقي جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. خانصاحب عبدالله چنا ولد حاجي محمد يوسف چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو.

انهن سڀني کان پاٽ ۾ ڄمندڙ اعليٰ انسان اعليٰ شخص سنڌ جو وڏو اسڪالر علمي شخصيت علامه آءِ آءِ قاضي  9  اپريل 1886ع تي جنم وٺندڙ سنڌ جي هن عظيم مفڪر، دانشور ۽ عالم علامه آءِ آءِ قاضي جو تعلق سنڌ جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو سان هو، علامه آءِ آءِ قاضي جنهن جو سڄو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو، علامه صاحب جو والد صاحب امام علي انصاري سرڪاري ملازمت سبب پاٽ شريف کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، جتي حيدرآباد جي هڪ بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي امام علي (آءِ آءِ قاضي) ڄائو، ڊاڪٽر علي احمد قاضي کي نٿو وساري سگهجي جيڪو  نامور ترجمي نگار ۽ ليکڪ هجڻ جي ناتي پوري سنڌ ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو ڊاڪٽر علي احمد قاضي 3 سيپٽمبر 1897ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ضلعي دادو جي شهر پاٽ جي مشهور قاضي خاندان سان هو ۽ نامياري عالم ۽ فيلسوف علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو ڀاڻيجو هو. هن مذهبي تعليم سان گڏ سنڌي ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان 1915ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هوشياريءَ سبب اسڪالرشپ سان پڙهيو ۽ مـيـڊيڪـل سـروس اخـتيـار ڪـيائيـن. 1928ع ۾ ڪلاس ون آفيسر مقرر ٿيـو. پهريان پوليس سرجن ڪراچي ۽ بعد ۾ ميڊيڪل آفيس سينٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هيلٿ سروس سنڌ مقرر ٿيو. آخر ۾ ترقي ڪندو 1953ع ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز سنڌ مقرر ٿيو، جتان اپريل 1955ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ مستقل طور ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن نهايت خاموشيءَ سان سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. سنڌي زبان ۾ سندس لکيل شاهڪار لکڻيون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. ڊاڪٽر علي احمد قاضي صحت نفسيات ۽ فلسفي تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جيڪي ان وقت سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي رسالن، اخبارن ۾ مسلسل شايع ٿيندا رهيا. هن گهڻو تڻو تحقيقي ڪم نفسيات تي ڪيو ۽ سندس پسنديده مضمون به اهوئي هو. پاڻ ‘سنڌي ادبي سوسائٽي’ ڪراچيءَ جو نائب صدر به رهيو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي جا ’جنرل سائنس‘ جا ٻه ڪتاب انگريزي نائين ڏهين درجي جي شاگردن جي مطالعي لاءِ پاڪستان سرڪار طرفان مقرر ڪيا ويا هئا، جن ٻنهي جنرل سائنس جي ڪتابن جو بورڊ آف سيڪنڊري اينڊ انٽرميڊئيٽ ايجوڪيشن حيدرآباد جي نگرانيءَ هيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. سندس ٽي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايا. ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي لکيل ڪتابن ۾ ‘علم بدن’ (ٻيو ڇاپو 1933ع)، ‘تندرستي  تن ۽ تندرستي (1957ع: سنڌي ادبي بورڊ)، ‘جنرل سائنس’ (1965ع: پهريون ڇاپو ادبي بورڊ طرفان)، ‘نفسيات’ (1969ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان)، ‘دائپو’ ۽ ‘حيات النبي’ قابل ذڪر آهن.  ڊاڪٽر علي احمد قاضي 27 جنوري 1970ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.