ڪتاب تي تبصرو
انشورنس واري ڇوڪري
سنڌ جي بھترين ڪھاڻيڪار، اقبال بلوچ صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سھڻو ۽ سنجيده ليکڪ آھي، جنھن ھيٺيان ڪتاب پڻ لکيا آھن، ھڪ جيئڻ جنين ڪاڻ، ٻيو اي منھنجي شھر جي مٽي، ٽيون سانول جا سور، چوٿون آخري پيار، پنجون مرڪون مھڪون ميڙيم، ڇھون سروس بخير، ستون رولاڪ محبتون ۽ اٺون ناول انشورنس واري ڇوڪري. ھن ناول ۾ ليکڪ اھڙو تہه ڪمال جو لکيو آھي جو پھريون پيج پڙھندي ڪتاب جا 96 پيج ھڪ ڌڪ ۾ پڙھي ورتا. دل نہه پئي چئي ته ڪتاب کي اڌ ۾ ڇڏي ٻيو ڪجھه لکان يا پڙھان، ليکڪ ڪتاب ۾ اڄ جي ماحول کي چٽيو آھي. اڄ جيڪو آفيسن ۾ وھي واپري پيو اھو صاف صاف ۽ حقيقتن تي مبني لکيو آھي. معاشري ۾ ايتريون تہه خراب روايتون جنم وٺي رھيون آھن، ان جا ڪھڙا بہه سبب ھجن ليڪن تمام خراب ٿي رھيو آھي، ھڪ گھر نہه بلڪہ معاشري جي اٺين ڏھين گھر جو اھو قصو آھي، ليکڪ معاشري جي اھڙين اوڻاين کي پنھنجي قلم ذريعي اھڙو اڪريو آھي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آھي، اھڙن قلمڪارن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آھي جيڪي معاشري جي براين تي قلم کڻي اھڙين شين کي روڪڻ ۽ ان ۾ اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.