بلاگنئون

رياستِ پاڪستان غريب ٻار جي مستقبل کان لاتعلق!

20 نومبر تي هر سال پوري دنيا ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي آهي. ٻارن جي مستقبل جي بهتري لاءِ عزم ورجايو ويندو آهي. ٻارن جي ڀلائي بابت پروگرام ڪيا ويندا آهن. ٻارن کي بهتر تعليم ڏجي، ٻارن جي تربيت بهتر ڪجي ته جيئن اهي معاشري جا ڪارآمد فرد بڻجي دنيا جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن وقت ترقي يافته ملڪن اهڙا قانون ۽ پاليسيون ٺاهي ٻارن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي اتي ٻارن جي زندگين کي گهڻو خطرو نه آهي، پر اسرندڙ ملڪن ۾ ڄمڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ٻار خطري ۾ زندگي گذاري ٿو. نئين ڄاول ٻار کي مناسب کاڌ خوراڪ نه ٿي ملي، بيماري جي حالت ۾ مناسب دوا نه ٿي ملي. جڏهن ٿورو عمر ۾ وڏو ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ٻارن کي اسڪول جي حق کان محروم رکيو ٿو وڃي، ڇو ته ٻار کي پڙهائڻ لاءِ مائٽن وٽ وسيلا نه آهن ۽ حڪومتن وٽ پروگرام نه آهن. مائٽ پنهنجن ٻارن کي ڪنهن گهر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏين ٿا يا وري انهن کي مدرسن ۾ داخل ڪري سندن ذميداري کان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪن ٿا. ڇو ته اتي کين اجهو، لٽو ۽ ٽن وقتن جي مفت ماني به ملي ٿي، پر ان جي بدلي ۾ ٻار کي جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. اهڙا واقعا اڪثر ميڊيا منظرعام تي آڻيندو رهي ٿو. جيڪڏهن ٻار ان جي شڪايت پنهنجي گهر وارن سان ڪن ٿا ته کين گهر ۾ به جسماني تشدد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. جنسي ڏاڍائي صرف مدرسن ۾ نه، پر عام طور تي گهرن، اسڪولن ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻارن کي به سهڻي پوي ٿي. گهرن ۾ گهڻو ڪري جنسي ڏاڍائي ڪرڻ وارا ٻار جا پنهنجا ويجها رشتيدار ئي هوندا آهن ۽ هاسٽلن ۾ رهندڙ ٻارن سان اهڙا حادثا اڪثر پيش ايندا رهندا آهن، جن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ چائلڊ ليبر تي پابندي هجڻ جي باوجود به هن وقت لکين ٻار مختلف گهرن ۾ ۽ گيراجن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جتي کين تشدد ۽ جنسي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، پر رياست ان تي ڪوبه رد عمل نه ٿي ڏيکاري ۽ قانون حرڪت ۾ نه ٿو اچي ۽ پوءِ اهڙن ٻارن کي تشدد ڪري ماري ۽ ان قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو. ڇو ته انهن ٻارن جا والدين انتهائي غريب هوندا آهن ۽ اسان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ قانون ۽ قانون جا محافظ پئسن تي وڪرو ٿيندا آهن، ان ڪري ان غريب ٻار کي ماريندڙ پئسي وارا ماڻهو پئسي جي زور تي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن جي والدين کي رقم ڏئي خاموش ڪرايو ويندو آهي. اهڙي قسم جا مثال اسانجي سامهون روز اچن ٿا. سنڌ ۾ تازو ئي فاطمه ڦرڙو وارو واقعو ٿيو جنهن جي اڃا تائين صحيح پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچي نه سگهي آهي، ان کانپوءِ هڪ واقعو قاسم آباد ۾ هڪ بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ 12 سالن جي ٻارڙي جي موت جي صورت ۾ پيش آيو آهي، جنهن کي بغير ڪنهن تفتيش جو خودڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي. تازوئي چڪوال جي هڪ مدرسي ۾ استادن جي 15 ٻارن سان جنسي ذيادتي جو هڪ واقعو پيش آيو آهي. جيستائين ميڊيا انهن ڪيسن کي کڻندي ان وقت تائين ته انهن استادن کي جن جو انگ 4 ٻڌايو ٿو وڃي، قانون پنهنجي گرفت ۾ آڻيندو، پوءِ جڏهن اهي ڪيس ميڊيا جي منظرنامي تان هٽي ويندا ته اهي ماڻهو قانون جي پڪڙ کان به آجا ٿي ويندا. ڳالهه صرف انهن واقعن جي نه آهي، پر ڳالهه اها آهي ته هن رياست ۾ ٻار جيڪو سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آهي، اهو رياست جي ترجيح ۾ شامل ڪونهي ۽ رياست ٻار کي ذيادتيءَ جو نشانو بڻائيندڙ ماڻهن کي عبرتناڪ سزائون ڏيڻ کان ڪيٻائي ٿي، جنهن سان اهي مجرماڻو ذهن رکندڙ ماڻهو اهڙن ڏوهن ڪرڻ کان نه ٿا ڊڄن. انهن غريب ٻارن جي لاءِ رياست طرفان ڪا اهڙي سيڙپ نه ٿي آهي، جنهن سان اهي ٻار مستقبل ۾ سٺا شهري بڻجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن، ڪيترن گهرن ۾ گهڻا ٻار صرف ان ڪري پيدا ڪيا وڃن ٿا ته انهن کي وڌ کان وڌ مزدور پيدا ڪرڻا هوندا آهن، ته جيئن اهي ڪمائي پنهنجن والدين کي کارائي سگهن، ان جي لاءِ به رياست کي سجاڳي پروگرام هلائڻ جي ضرورت آهي ۽ غريب والدين جي مدد لاءِ انهن جي دروازي تي وڃي مدد ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيستائين اهو نه ڪيو ويندو، تيستائين اهي غريب ٻار ائين ئي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻجندا رهندا. اهڙي ٻوسٽ، گُهٽ ۽ استحصال واري ماحول ۾ رهي ڇا اسانجي معاشري ۾ ٻار بهتر انسان ٿي سگهندو؟. جڏهن اهڙا ٻار اهي سڀ ظلم سهي وڏا ٿين ٿا ۽ معاشري ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪن ٿا ته انهن جي اندر ۾ نفرت ۽ انتقام جو جذبو جيڪو ننڍپڻ ۾ ذيادتيون سهندي پيدا ٿئي ٿو. اهو معاشري کان وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پوءِ معاشري جي صورتحال اها بيهي ٿي، جيڪا اسان وٽ آهي. جيڪڏهن اسانجون سياسي پارٽيون پنهنجي مستقبل جي لاءِ سوچ رکن ٿيون ته انهن کي ٻارن تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو، انهن جي کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سٺا پروگرام ڏيڻا پوندا ۽ انهن تي جڏهن هو حڪومت ۾ اچن ٿيون ته عمل به ڪرائڻو پوندو. اسانجي عدالتن کي انهن ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ڏيڻيون پونديون، جيڪي آئين ۾ ڏنل آهن ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. انهن کي عبرت جو نشان بنائڻو پوندو ته جيئن هي معصوم ٻار انهن وحشي بگهڙن کان بچي سگهن ۽ اهو ٻار جڏهن جوان ٿي معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جهڙو ٿئي ته ان تي ماضي ۾ ساڻس ڪنهن به ٿيل ذيادتي جو نشان نه هجي، جنهن جي ڪري هو بجاءِ معاشري کان انتقام وٺڻ جي معاشري کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.