اڄ پهرين ڊسمبر اسان جي سنڌ ڌرتي جو ثقافتي ڏينهن ملهائي رهيا آھيون. ھن ڏينھن کي ھر سنڌي عيد کان گهٽ نه ٿو سمجهي ۽ زور شور سان ملھائي رھيو آھي، سنڌي صرف سنڌ ۾ نه پر دنيا جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ مان پنهنجي سنڌي ھجڻ جو ثبوت ڏئي رھيا آھن. انھيءَ ڳالھ جي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته ھي سنڌي قوم بنا ڪنھن رنگ، نسل ۽ مذهب جي تفريق ڪندي پنھنجو ثقافتي ڏهاڙو ملھائي رھي آھي.
اڄ ھر سنڌي پنھنجي گھرن کي ڇڏي روڊن رستن ۽ پريس ڪلبن تي اچي پنهنجي ٽوپين ۽ اجرڪن سان سڄي سنڌ کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آھي ۽ دنيا کي اھو ٻڌائڻ ٿا چاهين ته (ھن ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ ۾ اڃان جوان رھن پيا جوء ۾، اڃان جوان رھن پيا جوء ۾) پر ان سان گڏوگڏ ھڪڙو ڏک آھي، جيڪو اوهان سان ونڊ ڪرڻو آھي؟
جيڪي ماڻهون اڄ سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ھر شھر جي روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا آهن اھي سڀ جي سنڌو درياھ جيڪا سنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ جي زمين کي سرسبز ۽ شاد و آباد رکي ٿي ۽ اسان ان پاڻي جي ڪري زندھ آهيون. اسان هر سنڌيءَ جي اندر ۾ سنڌو جي پاڻي سان به ايتري محبت جاڳي پوي ته پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڇھ ڪينال ڪڍڻ جي ڳالھ ڪرڻ وقت هر سنڌي سنڌو سان وفا نڀائي روڊن تي سراپا احتجاج بڻجي پوي ته يقينن هي سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌو تي ميري اک نه کڻن، پر اڃان به وقت ناھي ويو، جيڪي ڪينال نڪري سگهن ٿا سي ڊھي به سگھن ٿا. جيڪڏهن اڄ سنڌو جو پاڻي پيئندڙ ھر فرد پنھنجي پاڻ سان وچن ڪري اٿي پوي ته ڇھ ڪينال ته وڏي ڳالهه آهي، پر هو ھڪڙو گلاس پاڻيءَ جو به ڀري نٿا سگھن.
اوھين تاريخ آھيو موئن جي دڙي جي.
اوھين وارث آھيو دودي سومري جا
اوھين وارث آھيو راجا ڏاهر جا
اوهان جا وڏا سنڌ ۽ سنڌو جي انچ انچ جي حفاظت ڪندي ۽ ڪالاباغ جهڙن ڊيمن ڪڍندڙن کي للڪاريو جنهن ڪري اڄ اسان سنڌو جو پاڻي پي رهيا آهيون ۽ اهي پنهنجي تاريخ رقم ڪري ويا آھن. سنڌ جي زمينن ۽ سنڌو کي بچائڻ لاءِ اهي بار اسان جي ڪلهن تي آهي جيڪڏهن اسان سچا ٿيون ته اسان به ڪري سگهون ٿا نه ته ايندڙ نسل اسان کي بزدل سمجهندو جتي سنڌ جي بهادرن جي اڄ اسين تاريخ پڙهي رهيا آهيون اتي بزدل لکيا وينداسين، اسان کي به ائين تاريخ رقم ڪرڻ گهرجي جيئن سمن جي آخري حڪمران شهيد دولھ درياھ خان ۽ شهيد مخدوم بلاول وانگر: