بلاگنئون

“ايڪتا جي عيد” خوشين جو ڏهاڙو

مرڪن جي سنڌ، خوشين ۽ شادمانن جي سنڌ، پنهنجي ثقافتي رنگ سان سلهاڙيل سنڌ وري خوشيون وکرڻ آئي آهي. هي ثقافتي ڏهاڙو حقيقي سنڌي قوم جي مرڪن مسڪراهٽ خوشين ڀريو ڏهاڙو آهي. جنهن تنگ روپ کي ڏسي پنهنجا خوش ۽ بد ذوق بدنيت عناصر ساڙ، بغض، ڪيني ۾ رهندڙ سياهه سوچ جا مالڪ تيري ميري ڪندا رهجي ويندا آهن. پنهنجي سنڌي قوم جي ايڪتا عيد جو ڏينهن آهي جنهن کي سنڌي ميڊيا جي سري هيٺ پنهنجي سمورين توانائين سان خوبصورت انداز ۾ ملهائيندي پوري دنيا کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سنڌي قوم ڪيڏي نه مهذب، تهذيب يافته ۽ رچ آهي، انهي سنڌي قوم جو هيءُ ڏهاڙو قومي ثقافتي خوشين ڀريو ڏينهن آهي، پهرين ڊسمبر تي اسان سنڌي قوم جي ثقافتي عيد آهي، انهيءَ ڏهاڙي تي اسان سڀئي پنهنجي ريلين، جلسن، جلوسن، سيمينارن، ڪچهرين ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيون ته اسان جي سنڌ جي تعليم ۾ بهتري واڌارو ۽ ترقي ڪيئن اچي سگهي ٿي، تعليم جي وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ سميت سنڌ ۾ سنڌ دشمن وڏيرڪي، ڀوتارڪي، وحشي پڻي واري سوچ جي خوفناڪ صورتحال کي ننگو ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ ۽ سنڌ جي بهادر جاکوڙي ڪردار سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي سنڌ جي وڪيلن خاص ڪري ڪراچيءَ جي وڪيلن جي ساراهه، تاريخي ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ ڪردار کي ڪلچرل ڊي جي موقعي تي واکاڻيو وڃي، سنڌ هڪ تسلسل، سنڌ هڪ تاريخ جو اڻ مٽ اهو باب آهي جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ بي مثل ۽ بي مثال آهي. سنڌي دنيا جي ڪهڙي به خطي علائقي ۾ ملڪ ۾ رهي ٿو انهي جي سرهاڻ خوشبوءِ جڳ جهان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت آهي، سنڌيءَ جو پٽڪو، سنڌيءَ جي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ثقافت جا اهي خوبصورت گل آهن جيڪي هن بيت ۾ واضح آهن ته او مور سنڌي شهزور سنڌي وک چور ته مان قربان ٿيان، هر رهزن جو سنڌ دشمن جو ڪنڌ ڪور ته مان قربان ٿيان. هن سنڌ ڌرتي جي سچل، شاهه ڀٽائي جي بيتن واين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا مون سين هلي سا جا جيو مٺو نه ڪري، اڳتي چيو وڃي ٿو ته “سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍال متان تيخ ترار مار ته متارو ٿئين. هرهڪ قوم کي پنهنجي ثقافت رهڻي ڪهڻي ۽ پنهنجو وطن سڀ کان وڌيڪ عزيز ۽ پيارو هوندو آهي، سنڌي قوم وڏي خوش قسمت ۽ ڀاڳن واري آهي جنهن کي قومي ڏهاڙو “ايڪتا” قومي عيد جي نالي ۾ نصيب ٿي آهي، انهيءَ ڏهاڙي تي پوري قوم سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سرداري، جاگيرداري، ڀوتارڪي مدي خارج سسٽم کان بيزاري جو ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ انهيءَ ڏهاڙي تي شهيد فهميده سيال، شهيد ناظم جوکيو سميت ٻين سنڌ جي سورمن، ارڏن جاکوڙي ڪردار شهيدن جي پونئرن کي انصاف لاءِ آواز بلند ڪيو ويندو، اهڙي مهم سنڌ جي قومي عيد “ايڪتا ڏهاڙي” تي تياريون شروع ڪيون آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي هر طرف الله جي ولين جا عظيم تر آستانا، درٻارون، خانقاهون ۽ درسگاهون موجود آهن. سنڌ باب الاسلام آهي، سنڌ اهو وطن آهي، جنهن لاءِ اسانجي پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سنڌ وارن ڏانهن پرچار نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي حوالي سان خط لکيو هو، جنهن لاءِ مخدوم جعفر بوبڪائي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ۽ اها ڳالهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح به لکي آهي ساڳئي ڳالهه مخدوم پير محمد رح به پنهنجي ڪتاب لکي آهي ته “جڏهن حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم دنيا جي بادشاهن ڏانهن تبليغي خط لکيا هئا ته انهيءَ وقت پاڻ سنڌ وارن ڏانهن به خط لکيو هئائون ۽ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جا اصحابي سڳورا به سنڌ ۾ آيا به هئا ۽ انهن صحابه ڪرام هتي سنڌ ۾ نيڪيءَ جي دعوت به ڏني ۽ هتي ئي وصال ڪري ويا. عهد رسالت مآب صلي الله عليه وسلم واري اها نبوت واري ٿڌڙي هوا جيڪا حجاز منجهان گهلي ته انجا خوشبودار پهلو ۽ انجي اها من موهيندڙ لذيذ خوشبوءِ ۽ وڻندڙ سرهاڻ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي پهچي چڪي هئي. سنڌ پنهنجي هنج ۾ عالمن ۽ بزرگن جي پرورش ڪئي آهي. ڪيترن اهل علم ماڻهن چيو ته “ سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ حج جي لاءِ مڪي پاڪ پهتا هئا، هڪڙو سنڌي ڪعبي شريف جو طواف پيو ڪري ٻهراڙيءَ جو سادو ماڻهو هو پڇا پيو ڪري ته جنهن سهڻي سائين صلي الله عليه وسلم نبوت جو اعلان ڪيو آهي، اهو سهڻو سائين نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ڪٿي آهي؟ “مديني واري شهنشاهه صلي الله عليه وسلم ان سنڌي ماڻهوءَ کي سڏي ان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ۽ فرمايائونس “ادا اوري آ”، سبحان الله واهه سنڌي تنهنجا ڀاڳ جنهن کي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ پنهنجي پاڪ زبان مقدسه سان چون ته ادا اوري آ، لک ڪروڙ بار انهيءَ جي ڀاڳ تان قربان وڃجي، سنڌ جي اها ڌرتي آهي، جيڪا عالمن، صالحن، برگزيده هستين، ولين جي ڌرتي آهي، جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته برصغير جي اندر جيڪي ديني درسگاهون ۽ درگاهون آهن اتي جيڪو فيض آهي ۽ جيڪو علمي شعور روشني آهي انهيءَ جو سرچشمو سنڌ آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن جي شاعري جو سحر پنهنجي ڌرتي سنڌ سان ڪيڏو سلهاڙيل آهي ۽ محبت جو مظهر آهي، ڀٽائي سرڪار سنڌ کان ٻاهر جي ڪنهن قصي کي نه ڳايو اٿس، ليليٰ، مجنون، هير رانجهو، سيفل ۽ ٻين کي ڳائڻ بجاءِ خالص سنڌي ڪردار مارئي ملير، مومل راڻو، ليليٰ چنيسر ڳايو اٿس، سنڌ تي ٻاهرين به حڪومتون ڪيون جيئن مغل، ارغون، ترخان وغيره پر ڀٽائي سنڌ جي سخي حاڪمن جادم جکري، سمن سومرن کي ساراهيو آهي، جکرا جيين شال تنهنجو مدو ڪنين نه سڻان، جيئن تو اچي ڪالهه نالائق نوازيو. شاهه سائين پنهنجي شعرن ۾ نج سنڌي تشبيهون، اشارا ۽ استعارا ڪم آندا آهن. دوستي به ديسين سان رکڻ جي صلاح ڏني اٿس فرمائي ٿو، ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين” لڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن، پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. لطيف سرڪار وڌيڪ چيو آهي ته، وَر سي وطن ڄائيون صحرا ستر جن، گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻن، ويڙهيا گهمن وليين جهانگي منجهه جهنگن، مون کي ماروئڙن سڃ   ڳڻائي سيڄ ۾. شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه مرڻ کانپوءِ به وطن جي مٽيءَ ۾ پورجڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، ڏيساور جي پٽ جي پوشاڪن بجاءِ اباڻي لوئي ۽ کٿيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه، بت منهنجو بند ۾ قيد م ڪريجاهه،  پرڏيهياڻي پرينءَ ري،ڌارم ڌريجاه، ٿڌي وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاه، جي پويون ٿئي پساهه، ته نجانءِ مڙه ملير ڏي. واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان، هي سرُ ساڙيه سامهون، منهنجو نج، ميان، مقامياڻي مارئين، وڃي ٿر ٿيان، ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي. اسان جي بزرگن کي ڏسو ته ڪيئن نه پنهنجي ڌرتي سنڌ سان پيار ڪيو آهي.

پوري دنيا ۾ منهنجي سنڌ جي خوبصورتي جا ثقافتي رنگ نکرجي پيا آهن، سنڌ جي وجود ۾ جيڪو پنهنجائپ وارو عنصر موجود آهي، سنڌ جي خمير ۾ جيڪا مٺ، محبت، پريت، پيار، نياز ۽ نوڙت سميت مهمان نوازي جون ريتون ۽ رسمون موجود آهن انهي جو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾ اهڙو قربائتو انداز ۽ ماحول نٿو ملي سگهي، سنڌي ماڻهو ڪهڙي به ڪلاس جو هجي جڏهن انهي جي ٿر، بر، ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ عرب امارت دبئي توڙي، انڊيا، ملائيشيا، ڪوريا، چين، جاپان، آمريڪا، لنڊن، يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ هر پاسي سنڌ جا ماڻهو سورهيه جي ڪردار طور نمايان ڪردار ادا ڪندڙ آهن، سنڌي ماڻهو صدين کان پنهنجي ثقافتي رواداريءَ جو پاسدار رهيو آهي، سنڌي ماڻهوءَ ۾ اها انتهائي برد باري، غيرت مندي، قومي شعوري جاڳرتا واري مهم ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي سموري سنڌ جرڪي پئي آهي، هر پاسي سنڌي ٽوپي اجرڪ، پٽڪا ۽ ڪلهن تي ڪهاڙي سان نڪرندڙ قافلا شهرن توري ٻهراڙين ۾ ننڍن توڙي وڏن جا ميلا ڏسي هڪ عيد جو دلچسپ منظر ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي، سنڌي ثقافت جي اهڙي خوشبوءِ جيڪا هميشه پنهنجن توڙي پراون کي قرب ونڊيندي رهي آهي، سنڌ جي ڪلچر ۾ اها خوبي پڻ نمايان آهي ته اسان جي ثقافتي اهڃاڻ اجرڪ کي خوشيءَ جي موقعن تي تن ڇک ۽ غميءَ جي موقعن تي به استعمال ڪيو ويندو، شادي برادريءَ ، آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويندا آهن ته غمي وڇوڙي واري موقعي تي به اسان سنڌي انهي اجرڪ جي استعمال ۾ اڳيان هوندا آهيون، هيءُ سنڌي ثقافت ۾اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي توڙي پٽڪو سنڌ جي روايتن جي اها خوشبودار مهڪ آهي جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن کي دل و جان سان پسند هوندي آهي اهي سنڌي ثقافت ۾ اجرڪ، ٽوپي کي ڏسي وڏي خوشي محسوس ڪندا رهن ٿا، انهي لاءِ سنڌي پنهنجي صدين واري ريتن رسمن ۽ ثقافت تي فخر ڪري ٿي.

اڄوڪو پهرين ڊسمبر 2024ع جو ثقافتي ڏهاڙو سموري سنڌي قوم جيڪا سنڌ، هند، آمريڪا، لنڊن، دبئي، شارجا، سعودي عرب، ترڪي، مصر، جاپان، آسٽريليا، ايران، عراق سنيت دنيا جنهن به خطي ۾ سنڌي قوم رهي ٿي جتي به آهن گهٽ ۾ گهٽ اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي ڪلچر ڊي ثقافتي رنگ ۾ رنگجي سنڌي ٽوپي اجرڪ اوڍي عيد جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جيئن پنهنجي قوم کي احساس ٿئي ته اسان جو تشخيص باقي زنده آهي. پنهنجي سنڌي ثقافت کي ڏسي ڪيتريون ئي دنيا جون قومون ريس ڪندي خود به اجرڪ سنڌي ٽوپي ۾ رنگجي ويندا آهن ۽ وڏي خوشي جو اظهار ڪندا آهن. پنهنجي قوم به هڪ ٻئي کي تحفو به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ئي ڏيندي وڏي خوشي ۽ مسرت محسوس ڪندي آهي. سموري سنڌي قوم کي ايڪتا ڏهاڙي جون لک لک مبارڪون هجن. ڀٽائي سچل ۽ قلندر جي سنڌ سدائين جيئي.