بلاگنئون

ناول قسط پنجين: اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا

11-ڪون بني گا ڪروڙ پتي:

‘ڪون بني گا ڪروڙ پتي’ ھڪ گيم شو ھو، جنھن جي شروعات 2000ع ۾ ٿي، ھي شو ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو مسلسل ھليو ۽ تمام گھڻو مشھور ٿيو. اھو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ھن شو ملڪ جي ڪلچر تي به اثر ڪيو. ھن مان متاثر ٿي ميوزڪ البم، ٽيڪسٽ بڪس، فلمن جا گيت ۽ اشتھار ٺاھيا ويا. ھن شو ماڻھن جي روزمره جي گفتگو، ٻولي ۽ محارون تي وڏو اثر وڌو. جڏھن رات جو نو ٿيندا ھئا ته ھندستان جي ھر شھر ۾ ماڻھو اسٽار پلس ڏسڻ لڳندا ھئا. ھي گيم شو مشھور گيم شوWho wants to be a millionaire  کان متاثر ٿي تيار ڪيو ويو ھو. ٽي وي جي دنيا ۾ ھي شو ڪي بي سي جي مخفف سان مشھور ٿيو. ھي شو 81 ملڪن ۾ ڏيکاريو ويندو ھو ۽ ھفتي ۾ چار ڏينهن نشر ٿيندو ھو. ھڪ سال کان به گھٽ عرصي ۾ ماڻھن کي 18 ڪروڙ رپيا انعام ۾ ڏنا ويا، آچر تي خاص شو ھوندو ھو، جنھن کي ڪي بي سي جونيئر جو نالو ڏنو ويو ۽ اھو خاص ٻارن لاءِ ھوندو ھو. جنهن ڏينهن ڪون بني گا ڪروڙ پتي جو پھريون پروگرام نشر ٿيڻو ھو، ان ڏينهن ممبئي ۾ سڄو ڏينهن ڪارون ھلايون ويون، جنھن تي پلي ڪارڊز لڳل ھئا، ھنن ڪارن تي ھر ڪلاڪ کانپوءِ اعلان ٿيندو رھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ ۾ باقي ايترو وقت آھي. ممبئي جي مشھور ۽ سڀ کان وڏي اشتھاري نيٽ ورڪ ڊبا سروس ذريعي عوام کي اطلاع ڏنو ويو ته اڄ عام ماڻھو رات جي ماني اميتاڀ بچن سان گڏ کائيندا. ممبئي جي مشھور علائقن تائين خصوصي بسن جو انتظام ڪيو ويو. منھنجي فني زندگي ۾ تمام گھڻيون ڏکائيون پيش آيون آهن ۽ مون ھن شو کي ھڪ چئلينج سمجھي قبول ڪيو هو ۽ پنھنجو ڪردار ڀرپور نموني نڀايو ھو. ھن شو جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ مون کي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم مليو. اھي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جن مون کي ڪجھه وقت اڳ نظرانداز ڪري رھيا ھئا، ھاڻي اھي مون کي پنھنجي فلمن ۾ ڪم ڏئي رھيا ھئا. آئون سمجھان ٿو ته ھر ماڻھو پنھنجا فائدا ۽ نقصان سامھون رکي فيصلو ڪندو آهي. آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته جائز تنقيد ڪنھن به اداڪار يا فنڪار لاءِ فائديمند ھوندي آھي، ڪيترائي ماڻھو منھنجي منھن تي تنقيد ڪندا آهن، مون کي اھا ڳالھه پسند آھي. ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ وارن جي نيت ۾ خلل ھوندو آھي، اھي مشھور ٿيڻ چاھيندا آھن. سڀني فنڪارن کي انھيءَ ڳالھه تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، حقيقت ۾ اسان سڀني کي اھا خبر پئجي ويندي آھي ته اسان کي پسند ڪيو پيو وڃي يا رد ڪيو پيو وڃي. ڪون بني گا ڪروڙ پتي منھنجي لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو، ھن شو جي تياري لاءِ وڏي محنت ڪئي وئي هئي. سچي ڳالهه اها آهي ته منھنجو خيال ھو ته ھي شو وڌ ۾ وڌ ھڪ مھينو ھلندو، پر جڏهن ماڻھن مسلسل ھلائڻ جي خواهش ظاھر ڪئي ته مون کي حيرت ٿي. جڏھن ھي پروگرام ھڪ سال کان به وڌيڪ عرصو ھليو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ھن پروگرام وسيلي مون کي ماڻھن سان سڌو سنئون ڳالھائڻ جو موقعو مليو. ھن پروگرام کي ماڻھو ڀلي ھڪ گيم شو سمجھندا ھجن، پر آئون پنھنجي زندگي جو ھڪ حصو سمجھان ٿو. ڪي بي سي جا سيٽ منھنجي لاءِ گھر وانگر ھوندا ھئا. آئون ھن پروگرام ۾ گھر جي مالڪ وانگر، ميزبان طور ڪنھن ماڻھو کي گھرائيندو ھئس ۽ سندس خدمت ايئن ئي ڪندو ھئس، جيئن گھر آيل مھمان جي ڪئي ويندي آهي. پروگرام جي شروع ۾ اخلاقي موضوع تي مختصر گفتگو وارو خيال منھنجو ھو. پروگرام ۾ دلچسپي وڌائڻ لاءِ مون بابا جي تحريرن مان مدد ورتي. زندگي، موت، اخلاقيات ۽ پنھنجي روايتن جي حوالي سان گفتگو جو سلسلو شروع ڪيو. بابا اسان کي جيڪي نصيحتون ڪندو ھو، اھي مون کي ياد ھيون، اھي آئون ورجائيندو ھئس، اھڙي طرح بابا جي شاعري به شامل ڪندو ھئس. پروگرام جو اسڪرپٽ تيار ڪري منھنجي حوالي ڪيو ويندو ھو، آئون ان ۾ بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. عورتن کي انھن جي سيٽن تي وٺي وڃي ويھارڻ وارو خيال منھنجو ھو. اھو اسان جي ڪلچر ۽ روايتن جو حصو آهي. ڪي بي سي جون سيٽون گھڻيون مٿي ھونديون ھيون. آئون مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن سان اھڙو ورتاءُ ڪندو ھئس ته جيئن ھو وڌ کان وڌ بھتر ڪري سگھن. اصل ۾ آئون انھن کي پنھنجو گھر آيل مھمان سمجھندو ھئس. اھوئي سبب آهي جو منھنجي اھڙي رويي کي ساراهيو ويو. جيستائين مقابلي ۾ حصو وٺندڙ عورتن جو تعلق آهي ته آئون انھن سان نرم رويو اختيار ڪندو ھئس. اھو اعتراف ڪيان ٿو ته آئون فطري طور تي عورتن سان ھميشه نرم رويو اختيار ڪندو آھيان. مون کي مردن جي برتري واري پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ عورتن تي فخر ٿيندو هو ۽ جڏھن اھي ڪاميابي حاصل ڪنديون ھيون ته مون کي گھڻي خوشي ٿيندي ھئي. ڪي بي سي جي سيٽ تي اعتماد سان ويھي ڏکين سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ وڏي بهادري جي ڳالهه آهي، جنھن تي آئون عورتن کي داد ڏيان ٿو. منھنجي پروگرام مان خبر پئي ته ھندستاني عورتون بھادر آھن. منھنجي مداحن جو چوڻ آهي ته ڪي بي سي وارو اميتاڀ فلمن واري اميتاڀ کان گھڻو مختلف آهي. اصل ڳالھه اھا آھي ته ماڻھو مون کي پنھنجي فلمي ڪردارن کي حقيقي سمجھي رھيا ھئا، جڏھن ته آئون گھڻو مختلف ھئس. ڪي بي سي جي ذريعي پھريون دفعو ايئن ٿيو جو، ماڻھن مون کي ھڪ فرد طور ڏٺو. آئون ماڻھن جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، آخرڪار اھي مون کي ٽيھن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان فلمن ۾ ڏسي رھيا آھن ۽ پروگرام ۾ ھو پھريون دفعو مونکي روبرو ڏسي رھيا ھئا. وڏي اسڪرين تي مون ڪيترائي روپ ڪيا آھن، مختلف ڪاسٽيوم ۾ ڪيترائي ڪردار ڪيا آھن، منھنجن ڪيترن ئي ڪردارن کي پسند ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي کي ناپسند پڻ. عام ماڻھن سان ايئن روبرو ملڻ، منھنجي لاءِ اھو پھريون تجربو ھو. ڪي بي سي ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف قسمن جا ماڻھو ھوندا ھئا، سندن ڪلچر، ٻوليون ۽ ڌنڌا مختلف ھوندا ھئا. سندن مسئلا ۽ خواب به الڳ الڳ ھوندا ھئا. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻھن کان اڪثر سوال پڇندو ھئس ته توھان ڪيئن محسوس ڪري رھيا آھيو؟ ڪڏھن توھان جي ذھن ۾ اھو سوال آيو آهي ته آئون ان وقت ڇا محسوس ڪري رھيو ھوندو ھئس؟ سچي ڳالهه اها آهي ته منھنجي ذھن ۾ ان وقت اھو ھوندو ھو ته ڪھڙي طرح مھمانن جي مدد ڪيان ته جيئن ھو وڌ کان وڌ رقم کٽي سگھن. اھوئي ھن پروگرام جو بنيادي مقصد ھو. آئون مھمانن کي ڪئميرا جي سامهون پنھنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيندو ھئس. ھن پروگرام جي ميزباني ڪرڻ منھنجي لاءِ پھريون تجربو ھو، ان ڪري شروع ۾ مون کي پريشاني ٿي. مون پنھنجي دوستن سان صلاح ڪئي، انھن منھنجي ان معاملي ۾ مدد ڪئي ۽ حوصلو ڏنو. آئون سڄي زندگي انٽرويو ڏيڻ وارو رھيو آھيان، ڪي بي سي جي ميزباني ڪندي انٽرويو وٺڻ وارو ٿي ويو ھئس. ڪي بي سي جي ذھني مقابلن ۾ سوال ڪرڻ وقت اھو عالم ھوندو ھو جو ڪيترن ئي سوالن جا جواب مون کي نه ايندا ھئا، ڪمپيوٽر اسڪرين تي اچڻ کانپوءِ مون کي خبر پوندي ھئي. لڙڪ انسان جي اظھار جو ھڪ بھترين ذريعو آهن. ڪي بي سي ۾ اڪثر ماڻھو ھارائڻ تي روئي پوندا هئا، اسان انهن انساني ڪيفيتن کي ڪڏھن به ايڊٽ نه ڪيو. ھن پروگرام دوران انساني شخصيتن جا ڪيترائي رخ ڏسڻ جو موقعو مليو. معصوميت، سادگي، اخلاص ۽ ذھانت. مون کي ھن پروگرام ۾ ماڻھن جي حوصلا افزائي ڪرڻي ھوندي ھئي، صحافي مون کان پڇندا ھئا ته ڇا ان وقت مون تي ڪنھن قسم جو ڪو دٻاءُ ھوندو ھو؟ منھنجو جواب ھوندو ھو ته ماڻھن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ ھڪ فطري عمل آهي. منھنجو تجربو آهي ته جڏھن انسان ٻين لاءِ نرم رويو اختيار ڪندو آھي ته سندس اندر ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون اينديون آهن.

12- منھنجون شروعاتي فلمون:

فلم جو پھريون ٻج منھنجي اندر تڏھن ڇٽيو ويو، جڏھن آئون کير پيئندڙ ٻالڪ ھئس. امان مون کي پاڻ سان گڏ الھه آباد ھڪ فلم ڏيکارڻ وٺي وئي ھئي. فلمي دنيا ۾ اھو منھنجو پھريون تعارف ھو. شيروڊ ۾ پڙھڻ دوران ڊرامي ۾ اداڪاري ڪيم ۽ ان تي انعام پڻ مليو ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ رھڻ دوران ھڪ اميٽيوئر ٿيٽر گروپ سان پڻ سلهاڙيل رھيس. انھيءَ باوجود به مون ڪڏھن به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو نه سوچيو ھو. منھنجي ڀاءُ اجيتاڀ منھنجو فوٽو يونائيٽيڊ پروڊيوسر ايسوسيئيشن کي موڪليو. ھن لائين ۾ ڪامياب ٿيڻ ايترو سولو نه ھو، مون کي تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش آيون. ان زماني ۾ آئون ڏکئي وقت ۾ ششي ڪپور وٽ ھليو ويندو ھئس، ساڻس پنھنجا سور سليندو ھئس، ھو حوصلا افزائي ڪندو ھو ۽ چوندو ھو، پريشان نه ٿي، تنھنجو وقت به ايندو. ھڪڙي دفعي ھڪ واقعو پيش آيو ۽ آئون صفا بيزار ۽ دل شڪستو ٿي پيس. ھيئن ٿيو جو ششي مون کي ممبئي ٽاڪيز ۾ ھڪ ننڍي رول لاءِ گھرايو ۽ ايڊيٽنگ کانپوءِ منھنجو سين ڪڍائي ڇڏيو. منھنجون شروعاتي فلمون ناڪام رھيون، ھتي آئون توھان کي پنھنجين شروعاتي فلمن متعلق ڪجھه دلچسپ ڳالھيون ٻڌايان ٿو.

سات ھندستاني:

ھن فلم جو ڊائريڪٽر خواجه احمد عباس (ڪي اي عباس) ھو ۽ ھيءَ فلم 1969ع ۾ ريليز ٿي. نينا سنگھه کي ھن فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو ھو، نينا انھن حلقن ۾ اٿندي ويهندي هئي، جتي منھنجو ڀاءُ اجيتاڀ به اڪثر ايندو ويندو رھندو ھو. نينا سنگھه اجيتاڀ کي ٻڌايو ته خواجه احمد عباس نون چھرن جي ڳولها ۾ آهي. اجيتاڀ منھنجا فوٽو خواجه احمد عباس کي موڪليا، ھن مون سان ملڻ جي خواهش ظاھر ڪئي، ممبئي ۾ اسان جي ملاقات ٿي ۽ پوءِ ھن مون کي پنھنجي فلم لاءِ چونڊي ورتو. گووا جي جدوجھد جي ڪھاڻي تي مشتمل ھيءَ فلم تمام ٿوري بجيٽ ۾ تيار ڪئي وئي هئي. فلم جو يونٽ شوٽنگ لاءِ ريل جي سيڪنڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو ھو. آئون ان وقت ممبئي ۾ پھريون ڀيرو آيو ھئس، چوماسي جا ڏينهن ھئا، ممبئي جي برساتن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. اسان ست اداڪار ۽ ٽيڪنيشن سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ ھڪ وڏي ھال جي فرش تي سمھندا ھئاسين. خواجه احمد عباس ڪيترن ئي سالن کانپوءِ مون کي فلم ۾ شامل ڪرڻ متعلق ٻڌايو ھو، فلم جو ھيرو ھڪ اھڙو شرميلو نوجوان ھو، جيڪو آخر ۾ ڪارناما ڏيکاري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي. فلم سات ھندستاني جو ھڪ يادگار واقعو ھي آھي تہ، ھڪ سين ۾ ھيرو کي پرتگالين جي قيد ۾ تشدد سھندي ڏيکاريو ويو آهي. منھنجي پيرن جو بليڊ سان زخمي ٿيڻ وارو منظر ڪلوز اپ ۾ ڏيکارڻو ھو ۽ اھو به ھڪ ئي ٽيڪ ۾. ھن منظر ۾ منھنجو منھن ڪلوز اپ ۾ ڏيکاريو ويو ۽ ڊائريڪٽر منھنجي ڪارڪردگي مان مايوس نه ٿيو. ھي سين فلمائڻ کان پھرين سڀني ستن ئي اداڪارن کي زبردست ريھرسل ڪرڻي پئي ھئي، انھن سڀني تڪليفن جي باوجود ھن فلم جون بيحد خوبصورت يادون آهن. خواجه احمد عباس پنھنجي ھر فلم ۾ سڀ کان پھرين مينا ڪماري کي ڏيکاريندو ھو، مينا ڪماري سان هن جو چاھ ھو. خواجه صاحب مشھور اسٽوڊيو مھالڪشمي ۾ ھن فلم جو شو ڪيو ۽ جڏھن شو ختم ٿيو ته مينا ڪماري سڀني اداڪارن جي تعريف ڪئي. مون کي ھي فلم ان ڪري به پسند آھي، ڇاڪاڻ ته ڪي اي عباس مون کي ھن فلم ذريعي فلمي دنيا ۾ پير پائڻ جو موقعو ڏنو.

ريشمان اور شيرا:

ھن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سنيل دت ھو، شروع ۾ اھو طئي ٿيو ته سک ديو ھن فلم جو ڊائريڪٽر ھوندو. سک ديو ھڪ عظيم دستاويزي فلم ساز ھو. ھيءَ ان جي پھرين فيچر فلم ھئي ۽ ان جي هدايتڪاري ڪرڻ تي خوش ھو، پر اوچتي لاڏاڻي جي ڪري ھن فلم جي ڊائريڪشن سنيل دت کي ڏني وئي. ھن فلم کي راجسٿان جي رڻ پٽ ۾، جيسلمير کان 80 ڪلو ميٽر پري ھڪ علائقي يورتشينا ۾ فلمايو ويو. يونٽ کي لوڪيشن تي پھچڻ لاءِ جيپن ۽ اٺن تي سفر ڪرڻو پيو ھو. اسان پاڪستاني سرحد جي بلڪل ويجھو پنھنجا خيما کوڙيا هئا، سڀني فنڪارن کي سختي سان منع ڪيو ويو ھو ته بي خيالي ۾ ڪٿي سرحد جي ٻي پار نه ھليا وڃو. ھن فلم جي ھيروئن وحيده رحمان ھئي، جيڪا منھنجي پسنديده اداڪاره ھوندي ھئي، اسان ڪيترين ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو. وحيده رحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ ايئن ھو، جيئن ڪنھن خواب کي ساڀيان ملي ھجي. فلم ريشمان ۽ شيرا جون ڪيتريون ئي يادون آهن، پر مٽيءَ جا طوفان ڪڏھن به نه وسرندا، اسان تقريبن ڏيڊ مھينو رڻ پٽ ۾ رھياسين. سنيل دت اسان سڀني جون ضرورتون پوريون ڪيون. ھيءَ فلم 1971ع ۾ ريليز ٿي ھئي.

پيار ڪي ڪھاني:

ھن فلم جو پروڊيوسر سندر لال ھو، جڏھن ته ڊائريڪشن روي ناگائچ ڏني ھئي، ھيءَ فلم 1971ع ۾ ريليز ٿي. شروع ۾ ھن فلم ۾ جيتندر کي ڪاسٽ ڪيو ويو، پر ان زماني ۾ ھڪ قانون نافذ ٿيل ھو ته ھڪ اداڪار ھڪ ئي وقت ڇھن کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم نٿو ڪري سگھي. جيتندر اڳ ۾ ئي ڇھن فلمن ۾ ڪم ڪري رهيو هو ان ڪري پيار ڪي ڪھاني ۾ مون کي ڪاسٽ ڪيو ويو. ھن فلم ۾ پھريون ڀيرو آئون ليڊ رول ڪري رھيو ھئس، ان کان اڳ مون کي ليڊ رول نه مليو ھو. پيار ڪي ڪھاني ھڪ تامل فلم جو ريميڪ ھئي. تامل فلم جو نالو ڪيڪودتا ڊائيوم ھو ۽ ھن ۾ منھنجي پسنديده تامل اداڪار شيوجي گنيشن ڪم ڪيو ھو. ان زماني ۾ وڊيو حاصل ڪرڻ ايترو آسان نه هو، پر پروڊيوسر منھنجي لاءِ تامل فلم جي وڊيو ھٿ ڪري ڏني، مون اھا بار بار ڏٺي. مون کي شيوجي گنيشن جي اداڪاري ڏاڍو متاثر ڪيو، فلم جي ھيروئن ساوتري به بھترين اداڪاري ڪئي.

پروانا:

ھن فلم جا پروڊيوسر آر ايل سوري ۽ جي پوار ھئا ۽ ڊائريڪٽر جيوتي سوروپ ھو، ھيءَ فلم 1971ع ۾ ٺاھي وئي. ھن فلم ۾ پھرين سنجيو ڪمار کي ڪاسٽ ڪيو ويو، پر ھو پنھنجي ذاتي مصروفيتن جي ڪري ڪم نه ڪري سگھيو. تنھنڪري ھن فلم ۾ مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ھن فلم ۾ منھنجو ڪردار منفي ھو. منھنجي دوستن ۽ پرستارن کي منھنجو ھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ نه وڻيو، سندن چوڻ ھو ته مون ھن فلم ۾ ڪم ڪري خودڪشي ڪئي آھي. ھن فلم ۾ منھنجو ڪردار ڪجھه ھن طرح ھوندو آھي ته ھڪ ماڻھو ھڪ عورت کي بي انتھا چاھيندو آھي ۽ عورت لاءِ ٻئي ڪنھن کي قتل ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو آهي. ھي ڏکيو ڪردار ھو، آئون انھن ڏينھن ۾ محمود جي ڀاءُ انور علي سان گڏ رھندو ھئس ۽ فلم جو ڊائريڪٽر سندس دوست ھو. ان ڪري ھن مون تي ڀروسو ڪيو. منھنجي اھا بدقسمتي رھي آھي ته جڏھن به مون منفي ڪردار ادا ڪيو آهي، اھو ناڪام ٿيو آھي. اڄ دور بدلجي چڪو آهي ۽ فلم ڏسندڙ پڻ تبديل ٿي ويا آهن، پر شروع ۾ فلم ڏسندڙ پنھنجي پسنديده اداڪارن کي منفي ڪردارن ۾ ھرگز قبول نه ڪندا ھئا.

سنجوڳ:

ھن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ايس ايس بالن ھو، ھيءَ فلم 1971ع ۾ ٺاھي وئي. ھن فلم کي آئوٽ ڊور فلمايو ويو. مون ھن فلم ۾ ڪلارڪ ۽ مالا سنھا ڪليڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو ھو. مون کي ڪلارڪ وارو ڪردار پسند نه ھو، پر ڪم جي ڳولها ۾ ھئس، مجبوري ۾ ڪرڻو پيو. مالا سنھا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارو تجربو بھترين رھيو. ھوءَ ھڪ بھترين ۽ پروفيشنل اداڪاره ھئي، ھن ڪڏھن به ري ٽيڪ نه ورتو ۽ مون کي پڻ ان ڳالھه جو خاص خيال رکڻو پيو.

بنسي برجو:

ھن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر پرڪاش ورما ھو. ھيءَ فلم 1972ع ۾ ٺاھي وئي. ھيءَ فلم مونکي “گڊي” مان ڪڍڻ کانپوءِ ملي ھئي. گڊي فلم جي ٻن ريلن reels فلمبند ڪرڻ کانپوءِ ھري شڪيش مکرجي کي خبر پئي ته سات ھندستاني ۾ ڪم ڪري رھيو آھيان. ھن مون کي گڊي مان ڪڍي ڇڏيو. گڊي مان نڪرڻ کانپوءِ جيا بھادري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ھٿن مان نڪري ويو ۽ پوءِ بنسي برجو ۾ اسان گڏ ڪم ڪيو. ان زماني ۾ راتين جو جاڳڻ مون لاءِ مسئلو ھوندو ھو، جڏھن سات ھندستاني فلمائي وئي، تڏھن به رات جو شوٽنگ ۾ حصو وٺڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ھوندو ھو. بنسي برجو ريليز ته نه ٿي، پر مان ۽ جيا ھڪٻئي جي ويجھو اچي وياسين. اسان جي دوستي ‘ايڪ نظر’ ۽ ‘ابھيمان’ جي سيٽن تي محبت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ آخرڪار اسان شادي ڪري ڇڏي. اسان اھو طئي ڪيو ته زنجير ريليز ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪري ڇڏينداسين ۽ اسان ايئن ئي ڪيو.

ايڪ نظر:

ھن فلم جا پروڊيوسر انيل کنا ۽ اي سي ديوان ھئا ۽ ڊائريڪٽر بي آر ايشارا ھو ۽ ھيءَ فلم 1972ع ۾ ٺاھي وئي. ايڪ نظر ھڪ ميوزيڪل لو اسٽوري ھئي. ھيءَ فلم پونا ۾ فلمبند ڪئي وئي. اسٽوڊيو کان ٻاھر شوٽنگ جو ھي طويل عرصو منھنجي ۽ جيا لاءِ ھڪ نعمت ثابت ٿيو. ان وقت کان ھي شھر اسان ٻنھي لاءِ خصوصي اھميت رکي ٿو. ايڪ نظر ڪاروباري لحاظ کان بھتر نه رھي.

راستي ڪا پٿر:

ھن فلم جا پروڊيوسر ليکراج ۽ بولو کوسلا ھئا، ڊائريڪٽر مگل دت ھو، ھيءَ فلم 1972ع ۾ ٺاھي وئي. مون ھن فلم ۾ وڏي محنت ڪئي ھئي، جنھن جو سبب ڊائريڪٽر سان منھنجا ويجھا لاڳاپا ھئا. اسان ٻئي فلم جي مختلف منظرن تي گفتگو ڪندا ھئاسين ۽ بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين. ھن فلم جي سيٽ تي تمام گھڻو مذاق مسخري ڪندا ھئاسين. منھنجو خيال ھو ته ھيءَ فلم گھڻي ڪاميابي ماڻيندي، پر باڪس آفيس تي ناڪام رھي. ھن فلم مان مون کي اھم سبق مليو ته ڪنھن به پروجيڪٽ ۾ اميدون نه لڳائڻ گھرجن.

سوداگر:

ھن فلم جو پروڊيوسر تارا چند برجاتيه ۽ ڊائريڪٽر سڌھي ندورائي ھو، ھيءَ فلم 1973ع ۾ ريليز ٿي. راج شري پروڊڪشن لاءِ ھي منھنجو پھريون ڪم ھو. مون کي ھن فلم ۾ ديو مالائي اداڪار نوتن سان پھريون دفعو گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اھڙي پروفيشنل اداڪاره سان مون ڪڏھن به ڪم نه ڪيو آھي. ھوءَ ڪيترائي ڪلاڪ اڳ سيٽ تي پھچي ويندي هئي، وقت جي وڏي پابند ھوندي ھئي، آئون به وقت جو وڏو پابند آھيان، پر ان معاملي ۾ ڪڏھن به کانئس کٽي نه سگھيس.

گھري چال:

ھن فلم جو پروڊيوسر چتراليه ھو ۽ ڊائريڪٽر سري ڌرني ھو. ھيءَ فلم 1973ع ۾ ريليز ٿي. ھن فلم ۾ مون سان گڏ ھيما مالني، جيتندر ۽ پريم چوپڙا به گڏ ھئا. طويل آئوٽ ڊور شوٽنگ اسان ٽنھي مردن کي گھاٽو دوست بڻائي ڇڏيو. اھا گھاٽي دوستي اڄ به برقرار آھي.

بندھي ھاٿ:

ھن فلم جو پروڊيوسر او پي رالھن ھو ۽ ڊائريڪٽر او پي گويل ھو. ھيءَ فلم 1973ع ۾ ريليز ٿي. عظيم اداڪارہ ممتاز سان گڏ منھنجي ھيءَ پھرين فلم ھئي. مون کي اڄ به سندس ڏنل محبتون ياد آھن. ھڪ ڏينھن ڪچھري ڪندي مون چيو، مرسڊيز ڪار ھلائڻ منھنجو خواب آھي، ممتاز وٽ ان زماني ۾ مرسڊيز ڪار ھوندي ھئي. ھڪ ڏينھن شوٽنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ھو پنھنجي ڪار پارڪنگ ۾ ڇڏي وئي ۽ منھنجي پراڻي ڪار ڪاھي گھر ھلي وئي. جڏهن آئون ٻاھر آيس ته پنھنجي ڪار نه ڏسي پريشان ٿي ويس، ممتاز جو ڊرائيور اتي موجود ھو، ھن مون کي مرسڊيز جون چاٻيون ڏنيون ۽ چيائين ته، ميڊم چيو آھي ته ھيءَ ڪار آئون ڪاھي وڃان. اھڙي طرح مرسڊيز ڪار ھلائڻ وارو منھنجو خواب پورو ٿيو. ممتاز محبت ڪرڻ واري عورت ھئي. او پي رالھن جو تڪيه ڪلام ھوندو ھو، ڪبوترو. جڏهن به ڪو شاٽ غلط فلمايو ويندو هو، ھو اسان کي چوندو ھو، ڪبوترو. ان جي اھڙي تڪيه ڪلام کي ذھن ۾ رکندي مون کيس سندس سالگره تي ڪبوترن جي جوڙي تحفي طور ڏياري موڪلي هئي.

 …(هلندڙ)…

***