نئونناول

سمرقند (قسط ايڪيتاليهين)

ترجمو: زاهده ابڙو

محل مان نڪرندي ئي مان ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳس- تبريز جا صبح ڪڏهن به گرم ناهن هوندا- ۽ انهيءَ انداز ۾ ننڍن ننڍن رستن جو سهارو وٺندي، مان ڪاروان سراءِ طرف وڌڻ لڳس- مون کي اتي پهچڻ جي تڪڙ نه هئي- مون کي ڪجهه شين تي غور ڪرڻ لاءِ وقت درڪار هو ڇو ته رات جي ٿڪائيندڙ خوشيءَ منهنجي اعصابن کي اڃان تائين پرسڪون نه ڪيو هو ۽ منهنجو دماغ اڃان تائين پيڪرن، جنبشن ۽ سرگوشين ۾ چيل لفظن سان ڀريو پيو هو، ۽ مان هاڻي اهو چوڻ کان عاجز هئس ته ڇا هاڻي خوش هئس- هڪ طرح سان مون خود کي مڪمل محسوس ڪيو، پر ان ۾ احساس جرم جو اڻٽر حصو به شامل هو جيڪو سڀني لڪيل معاشقن جو هڪ لازمي حصو هوندو آهي- خيال هر هر موٽي اچي رهيا هئا، ايترو ئي پيڇو ڪندڙ ڄڻ بي خواب راتين جا خيال ٿي سگهن ٿا- “منهنجي موڪلائڻ کانپوءِ، ڇا هوءَ مرڪندي وري سمهي رهي هوندي؟ ڇا کيس پڇتاءُ محسوس ٿي رهيو هوندو؟ جڏهن ٻيهر ملاقات ٿيندي ۽ اسان اڪيلا هونداسين، ته ڇا هوءَ مون سان ڏوهه ۾ شريڪ هجڻ وارو ورتاءُ ڪندي يا ڪنهن اجنبي جهڙو؟ مان اڄ رات موٽي ان جي اکين ۾ ڪنهن يقين جي ڳولا ۾ ڏسندس-”

اوچتو ئي اوچتو توپ هلڻ جو آواز گونجڻ لڳو- مان ٻڌڻ لاءِ بيهي رهيس- ڇا هيءَ اسان جي بهادر ۽ تن تنها “دبانج” هئي؟ ڌماڪي جي آواز ۾ خاموشي پيدا ٿي، پوءِ وري يڪيون گوليون هلڻ لڳيون ۽ پوءِ ٿوري دير جي خاموشي- مان همت ڪري ڪجهه قدم اڳتي وڌايا ۽ ڪن کليل رکيا- هڪ تازي رڙ ان کانپوءِ هڪ ٽين- هاڻي مون کي پريشاني ٿيڻ لڳي هئي، هڪ واحد توپ ان حساب سان گولا باري نٿي ڪري سگهي، ضرور ٻه يا ان کان به وڌيڪ هونديون مان جتي بيٺل هئس ان کان ڪجهه گهٽيون ڇڏي ٻه گولا ڦاٽڻ جو آواز آيو ۽ مان قلعي طرف ڀڄڻ لڳس-

فاضل ان خبر جي يڪدم تصديق ڪري ڇڏي جنهن جو مون کي ڊپ هو، شاهه جي فوجن مان پهرين کيپ رات پهچي چڪي هئي ۽ مذهبي اڳواڻن جي علائقن ۾ مورچا بند ٿي وئي هئي- باقي سپاهي رستي ۾ هئا ۽ سڀني طرفن کان هڪ ئي نقطي تي ڌيان ڌريل هو- تبريز جو گهيرو شروع ٿي چڪو هو-

تختو اونڌو ڪرڻ واري منصوبي جي معمار ۽ تهران جي عڪسري ناظم ڪرنل ليا خوف جيڪو ولولا انگيز خطاب تبريز جي سپاهين کي اتان نڪرڻ کان اڳ ڏنو هو ڪجهه هينئن هو:

“بهادر قذاقو! شاهه خطري ۾ آهي- تبريزين سندس حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ساڻس ‘دستور’ کي مڃرائڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو آهي- ‘دستور’ توهان جي حقن کي منسوخ ڪري ڇڏيندو ۽ توهان جا فوجي دستا ٽوڙي ڇڏيندو- جيڪڏهن اهي ڪامياب ٿي ٿا وڃن ته، توهان جون عورتون ۽ توهان جا ٻار بک مري ويندا- ‘دستور’ توهان جو بدترين دشمن آهي ۽ توهان کي گهرجي ته ان جي خلاف انتقام جي ديوين وانگر اٿي بيهو ۽ وڙهو- توهان جهڙي ريت پارليمان کي تباهه ڪيو آهي ان تي سڄي دنيا توهان کي داد ڏئي رهي آهي- ان نيڪ مقصد تي پڪا بيهو ۽ هن باغي شهر کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو- مان روس ۽ ايران جي حڪمرانن طرفان توهان کي مال ۽ اعزاز عطا ڪرڻ جو واعدو ڪيان ٿو- تبريز جو سڄو مال ۽ دولت توهان جو آهي، توهان جو فرض بس ان کي حاصل ڪرڻ آهي!”

جيڪو حڪم تهران ۽ سينٽ پيٽرز برگ ۾ وڏي آواز ۽ لنڊن ۾ گهٽيل آواز ۾ ۽ لهجي ۾ ٻڌو ويو اکر به اکر ساڳيو هو: تبريز کي تباهه ڪرڻ ضروري آهي، ۽ اهو بيحد عبرتناڪ سزا جو مستحق آهي جيڪڏهن ان کي شڪست ٿي ملي ته پوءِ ڪڏهن به ڪو ‘دستور’ پارليامان يا جمهوريت جو نالو وٺڻ جي جرئت نه ڪندو، اوڀر ٻيهر ڏاڍي آرام سان موت جو شڪار ٿي سگهي ٿو-

اهڙيءَ طرح پوري دنيا ايندڙ مهينن ۾ هڪ عجيب ۽ غريب دل کي نرم ڪندڙ مقابلي جو نظارو ڏٺو: جتي تبريز جي قائم ڪيل مثال ايران جي مختلف حصن ۾ مزاحمت ڪئي مزاحمت کي ٻيهر هوا ڏني ساڳي جاءِ تي شهر جي گهيري ۾ به سختي ايندي ٿي وئي- ڇا “دستورين کي ٻيهر پير پختا ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو، ته جيئن پنهنجو پاڻ کي ٻيهر منظم ڪري سگهن ۽ قلعي جي ڪمزور ٿيڻ کان پهرين هٿيار کڻن؟

سندن پهرين وڏي ڪاميابي جنوري ۾ ظاهر ٿي: بختياري سردارن جي اپيل داخل ڪرڻ جي جواب ۾، جيڪو شيرين جي ماسيءَ جو مڙس هو، اڳوڻي گاديءَ جي هنڌ اصفهان بغاوت ڪري ڇڏي ۽ “دستور” سان پنهنجي وابستگي ۽ تبريز سان يڪجهتيءَ جو اظهار- جڏهن اها خبر گهيري ۾ آيل شهر ۾ پهتي ته انهيءَ وقت خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي- سڄي رات ماڻهو بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي نعرا هڻندا رهيا: “تبريز- اصفهان ملڪ بيدار ٿي رهيو آهي!” ان جي هوندي ايندڙ ڏينهن هڪ زبردست حملي سبب مقابلو ڪندڙ ماڻهن کي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ پنهنجن ڪيترن ئي مورچن کي ڇڏڻو پيو- تبريز کي ٻاهر جي دنيا سان ملائڻ وارو بس واحد رستو ئي بچيو هو ۽ اهو هو جيڪو اتر طرف ٿي ويو روسي سرحد طرف-

ٽن هفتن کانپوءِ رشت شهر به بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري ڇڏيو- اصفهان وانگر ان به شاهه جي سرپرستي کي ٺڪرائي ڇڏيو، “دستور” ۽ فاضل جي مزاحمت کي ساراهيو- تبريز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوشيءَ جو ماحول جڙي ويو، پر گهيرو ڪرڻ وارا سپاهي ٻيهر حملا آور ٿيا ۽ آخري رستو به ڪٽي ڇڏيو: تبريز هر طرف کان دشمن جي حملي هيٺ اچي چڪو هو ڪنهن سان ڪابه خط و ڪتابت نٿي ٿي سگهي نه ئي کائڻ پيئڻ جون شيون شهر اندر اچي سگهيون ٿي شهر جي لڳ ڀڳ ٻن لکن جي آباديءَ تي کاڌي پيتي جي شين تي راشن لڳايو ويو-

فيبروري ۽ مارچ 1909ع ۾ ڪيترائي ٻيا شهر حمايت ۾ اٿي بيٺا- “دستور” جو علائقو هاڻي شيراز، همدان، مشهد، استرآباد، بندر عباس ۽ بو شهر تائين پکڙجي چڪو هو- پيرس ۾ تبريز جي دفاع لاءِ هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي هئي، جنهن جي سربراهي مشهور مشرقي ۽ مغربي علمن جي ماهر موسيو ديولا فواءِ ڪري رهيو هو، لنڊن ۾ به انهيءَ مقصد لاءِ ڪم ٿيو لارڊ ليمنگٽن جي صدارت ۾ ۽ ان کان به وڌيڪ اهم، شيعه ديني عالم جيڪي ڪربلا، عثماني عراق ۾ ترسيل هئا رسمي ۽ ظاهر ظهور دستور جي حمايت ۽ انتها پسند ملائن کان نجات جو اعلان ڪري ڇڏيو-

تبريز فتح مند هو- پر مرڻ جوڳو به- ايترن سارين بغاوتن ۽ ايترين بي اطمينانين جو مقابلو نه ڪرڻ سبب شاهه پنهنجو سڄو ڌيان صرف هڪ ڳالهه تي مرڪوز ڪري ڇڏيو: تبريز جو خاتمو جيڪو سڄي شِر جي پاڙ هئي- جڏهن اهو شڪست کائيندو، ته ٻيا به پنهنجا گوڏا ٽيڪيندا جيئن ته هو فوجي حملو ڪري ان کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو ان لاءِ ان تبريز کي بک جي ذريعي جهڪائڻ جو فيصلو ڪيو-

راشن بندي جي باوجود، ماني ناياب ٿي وئي مارچ جي آخر تائين ڪيترائي ماڻهو مري چڪا هئا، گهڻو ڪري پوڙها ۽ ننڍي عمر جا ماڻهو-

لنڊن، پيرس ۽ سينٽ پيٽرز برگ جي صحافي حلقن کي وڏو ڌڪ لڳو ۽ انهن طاقتن تي تمام تيز تنقيد شروع ڪري ڇڏي ڇو ته انهن جي رعيت جا ڪيترائي ماڻهو انهن گهيري هيٺ آندل شهرن ۾ موجود هئا ۽ سندن زندگيون خطري ۾ هيون- ان موقف جون خبرون اسان تائين تار ذريعي پهتيون-

فاضل هڪ ڏينهن مون کي اها ڳالهه چوڻ لاءِ گهرايو:

“روس ۽ انگريز پنهنجن ماڻهن کي جلد ئي ٻاهر ڪڍڻ وارا آهن ته جيئن تبريز کي چيڀاٽي سگهن ۽ ان سان باقي دنيا ۾ ڪا گهڻي هلچل نه مچي- اها ڳالهه اسان جي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ ثابت ٿيندي، پر مان توکي اهو ٻڌائي ڇڏڻ ٿو چاهيان ته مان غير ملڪين جي هتان نڪرڻ جي مخالفت نه ڪندس- مان هتي ڪنهن کي به ان جي مرضيءَ جي خلاف رهڻ تي مجبور نه ڪندس-”

هن مون کي گهربل ماڻهن کي اطلاع ڏيڻ جو ڪم ڏنو ته جيئن غير ملڪين کي ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي- ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ غير معمولي واقعو عمل ۾ آيو، اتي هڪ غير معمولي شاهد جي حيثيت سان موجودگي مون کي ڪيترن ئي انساني رتبي کان ڪريل ڪيترين ئي شين کان اکيون پورڻ جي اجازت ڏئي ٿي-

مون دورو شروع ڪري ڇڏيو هو، ۽ سڀ کان پهرين “پريس بٽيرين مشن” وڃڻ جو خيال ڪيو هو جتي “ريورنڊ ڊائريڪٽر” سان ٻيهر آمهون سامهون ٿيس ۽ ان جي دڙڪن سبب مون کي گهٻراهٽ محسوس ٿيڻ لڳي- هو جيڪو ان تي آسرو ڪيو ويٺو هو ته مان هاورڊ کي سمجهائي وٺندس، مون کي ان جي نقش قدم تي هلڻ سبب سست نه چوندو؟ ها هو مون سان تمام گهڻو ناراض ٿي لڳو ۽ منهنجو گرم جوشيءَ سان آڌر ڀاءُ نه ڪيائين-

ان جي باوجود جڏهن مون کيس پنهنجي آمد جو مقصد ٻڌايو ته هن هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کان بغير چيو:

“مان هتان نه ويندس- جيڪڏهن هو غير ملڪين کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قافلن جو انتظام ڪري سگهن ٿا ته اهڙن ئي قافلن جو بندوبست شهر جي بکين ماڻهن کي رسد پهچائڻ جي لاءِ به ڪري سگهجي ٿو-” مون ان موقف تي سندس ٿورا مڃيا جيڪو مون کي ان ديني ۽ انساني آدرش مطابق نظر آيو جيڪو سندس اندر ڇوليون هڻي رهيو هو- ان کانپوءِ مان ان علائقي جي ٽن ڪاروباري ادارن ۾ ويس ۽ ڏاڍي حيرت ٿي ته انهن جو جواب به ساڳيو ئي هو واپاري به اتان نڪرڻ لاءِ ايترا ئي نا رضامند هئا جيترو پادري- هڪڙو اطالوي هو، چيائين:

“جيڪڏهن تبريز کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڇڏيان ٿو ته مون کي هتي ٻيهر اچي ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڏاڍي ندامت محسوس ٿيندي- مان هتي ئي رهندس- شايد ان سان منهنجي حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ ۾ مدد ملي-”

ايئن ٿي لڳو اها ڳالهه هر طرف پکڙجي وئي هئي- هر جاءِ تي مون کي اهو ئي صاف صاف ۽ قطعي جواب مليو- مسٽر رائز لوف، برطانوي قونصل، روسي قونصل خاني جو عملو قونصل مسٽر بوخيتا لوف، سڀني مون کي ۽ پنهنجي نامراد حڪومتن کي ساڳيو جواب ڏنو: “اسان هتان ڪونه نڪرنداسين!”

شهر جي اندر غير ملڪين جي تعريف جوڳي جذبي ماڻهن جي ٽٽندڙ حوصلن کي سهارو ڏنو، پر صورتحال اڃان به نازڪ هئي 18 اپريل واري ڏينهن رائز لوف لنڊن تار موڪلي: “اڄ ماني بلڪل نه ملي، سڀاڻي اڃان به ناياب هوندي-” 19 تاريخ تي هن ٻيو پيغام موڪليو: “صورتحال ڏاڍي ڏکي آهي هتي گهيرو ٽوڙڻ جي آخري ڪوشش جون ڳالهيون هلي رهيون آهن-”

حقيقت ۾ ان ڏينهن هڪ جلسو ٿي رهيو هو جنهن ۾ فاضل اعلان ڪيو ته دستوري سپاهي رشت کان تهران طرف وڃي رهيا آهن ڇو ته اتي حڪام شڪست جي ويجهو پهچي چڪا آهن انهن کي ڪيرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي دير ڪونه لڳندي- پر ان کانپوءِ هاورڊ ٻڌايو ته في الحال بازارن ۾ کائڻ جي ڪابه شيءِ ناهي بچي-

“ماڻهو اڳ ۾ ئي پنهنجي پالتو جانورن ۽ گهٽيءَ ۾ رول ٻلين کي ذبح ڪري کائي چڪا آهن سڄا سڄا خاندان ڏينهن رات رستن تي ڪنهن سڪل مانيءَ جي باربري ٽڪري جي تلاش ۾ گهمندا ٿا رهن خطرو آهي ته ماڻهو آدمخوريءَ تي نه لهي اچن-”

“ٻه هفتا- اسان کي صرف ٻه هفتا پنهنجا پير پختا ڪري بيهڻ جي ضرورت آهي!”

فاضل جي آواز ۾ منٿ جو رنگ نمايان هو، پر هاورڊ ان معاملي ۾ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيو:

“پنهنجن ذخيرن جي ٻل تي اڃان تائين زنده آهيون- پر هاڻي ورهائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو- ڪجهه به نه ٻن هفتن ۾ آبادي ختم ٿي چڪي هوندي ۽ تبريز ڀوتن جو شهر بڻجي چڪو هوندو گذريل چند ڏينهن ۾ 800 ماڻهو مري چڪا آهن- بک سبب ۽ بک سان گڏ جيڪي بيماريون اچن ٿيون انهن سبب-”

“ٻه هفتا- صرف ٻه هفتا!” فاضل ٻيهر چيو- “چاهي بک تي گذارو ڪرڻو پوي!”

“اسان سڀ پهرين ڏينهن کان ئي فاقي تي آهيون!”

“ته پوءِ ڇا ڪيون؟ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيون؟ حمايت جي ايڏي وڏي سمنڊ کي جنهن کي اسان صبر ۽ تحمل سان تيار ڪيو هو ايئن وڃائي ڇڏيون؟ ڇا ايئن مقابلو ڪرڻ لاءِ بيهڻ جو ڪو رستو ڪونهي؟”

ڄمي بيهڻ مستقل مزاجي سان بيهڻ- اهي 12 ماڻهو جيڪي بک ۽ ٿڪ کان پنهنجو ست وڃائي چڪا آهن بس ان خيال ۽ نشي ۾ چُور هئا ته اجهو کين فتح حاصل ٿيندي- انهن جي دماغن ۾ ڄمي بيهڻ کان علاوه ٻيو ڪو خيال ئي نه هو-

“هڪڙو حل ٿي سگهي ٿو،” هاورڊ چيو- “شايد…”

سڀ نگاهون باسڪر ويل تي لڳل هيون-

“جيڪڏهن اسان گهيرو ڀڃي نڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، بلڪل اوچتو ئي اوچتو جيڪڏهن اسان ان مورچي تي قبضو ڪري وٺون” ان نقشي جي هڪ مقام طرف اشارو ڪيو، “ته اسان جا سپاهي ان رخني کان داخل ٿي ٻاهرين دنيا سان وري ٻيهر رابطو قائم ڪري سگهن ٿا جيڪو وقت دشمن کي بحال ٿيڻ ۾ لڳندو ان ۾ شايد اسان تائين مدد پهچي چڪي هوندي-”

مون هڪدم ان منصوبي جي مخالفت ڪري ڇڏي، اسان جي عسڪري سربراهه جو به اهو ئي خيال هو- بنا ڪنهن دير جي هر شخص ان کي خودڪشي ئي قرار ڏنو- دشمن اسان کان لڳ ڀڳ 500 ميٽرن جي فاصلي تي زمين جي هڪ ڍٻ تي ويٺل هو- جنهن جو مطلب هو ته سنيئن سڌي زمين جو اهو فاصلو طئي ڪيو وڃي ۽ دفاع ڪرڻ وارن کي هٽائڻ لاءِ خشڪ گاري جي هڪ وڏي ڀت کي اورانگهي هن پاسي وڃجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترا ماڻهو گڏ هجن جو آخري جوابي حملي جو مقابلو ڪري سگهجي-

فاضل ويچارن ۾ پئجي ويو- هن ته نقشي طرف ڏٺو به نه پئي، بلڪه هو ته ان سياسي عمل جي نتيجي تي غور ڪري رهيو هو- ڇا ان سان کيس ڪجهه ڏينهن جي مهلت ملي ويندي؟ بحث جاري هو ۽ ڏاڍي گرما گرمي هئي- باسڪر ويل اڙجي بيهي رهيو ۽ حجتون پيش ڪرڻ لڳو جنهن ۾ مور سندس مدد ٿي ڪئي- گارجين جي صحافي پنهنجو عسڪري تجزيو پيش ڪيو ۽ بيان ڪيو ته ڪڏهن ڪڏهن اڻٽر حالتون فيصلا ڪندڙ ثابت ٿينديون آهن- فاضل اهو چئي بحث کي ختم ڪري ڇڏيو:

“مان اڃان به قائل ناهيان ٿيو، پر جيئن ته ڪو ٻيو حل به سامهون ناهي آيو، مان هاورڊ جي منصوبي جي مخالفت نه ڪندس-” ٻئي ڏينهن 20 اپريل جي صبح جو ٽين وڳي حملو ڪيو ويو طئي اهو ٿيو هو ته جيڪڏهن پنجين وڳي تائين مورچي تي قبضو ٿي ٿو وڃي ته دشمن کي پنهنجي سپاهين کي جوابي حملي جي لاءِ پٺيان هٽڻ کان روڪڻ لاءِ جنگ جي محاذ جي مختلف جاين تان عسڪري ڪارروائي شروع ڪئي ويندي- پر ٿيو ايئن جو پهرين پنجن منٽن ۾ ئي ڪوشش خطري جو شڪار ٿي وئي: پهرين حملي کي، جنهن ۾ مور، باسڪر ويل ۽ لڳ ڀڳ 60 رضاڪار شامل هئا، سڀني کي گولين جي برسات کي منهن ڏيڻو پيو- صاف ظاهر آهي ته دشمن کي اوچتو ئي گهيري ۾ نه ورتو ويو هو ايئن ته ڪونه هو ته ڪنهن جاسوس انهن کي اسان جي تيارين کان خبردار ڪري ڇڏيو هو؟ اهو اسان کي ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهندو، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان حصي جي ڪڙي نگراني ٿي رهي هئي، ليا خوف ان حصي کي پنهنجي سڀ کان وڌيڪ ماهر آفيسر جي حوالي ڪيو هو-

فاضل ڏاڍي سمجهه کان ڪم وٺندي بنا ڪنهن دير ڪارروائي روڪڻ ۽ پٺيان هٽڻ جو اشارو ڪيو- ڪنهن پکيءَ جي ڊگهي آواز ۾ حڪم ڏنائين- مقابلي ڪرڻ وارا تيزيءَ سان پٺيان هٽيا مور سميت انهن مان ڪيترائي سخت زخمي هئا-

صرف باسڪر ويل ئي هو جيڪو واپس موٽي نه آيو هو گولين جي پهرين برسات ۾ ئي ڍير ٿي ويو-

تبريز ٽن ڏينهن تائين تعزيتن جي ساز تي گذارڻ وارو هو- “پيرس بٽيرين مشن” ۾ اهي تعزيتون لڪل طور ڏنيون ويون، ۽ انهن علائقن ۾ جيڪي “ابناءِ آدم” جي قبضي ۾ هئا، ڏاڍو رڙيون ڪري ڏاڍي گوڙ ۽ ڪاوڙ سان- جن ماڻهن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي ته مان سڃاڻندو ئي ڪونه هئس انهن سان هٿ ملائيندي جڏهن منهنجون اکيون ڳاڙهيون هيون ۽ مون انتهائي عقيدت وارا لفظ ٻڌا-

ملاقاتين جي هجوم ۾ انگريزي قونصل به شامل هو، هو مون کي هڪ طرف وٺي ويو-

“شايد اها ڳالهه تنهنجي لاءِ صبر جو سبب بڻجي ته تنهنجي دوست جي موت کان ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ مون کي لنڊن مان پيغام وصول ٿيو جنهن ۾ اطلاع ڏني وئي ته ‘قوا’ جي وچ ۾ تبريز جي معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي- مسٽر باسڪر ويل جو موت اجايو نه ويندو- هڪ تيز رفتار دستو شهر جي لاءِ رسد جو سامان کڻي روانو ٿي چڪو آهي، گڏوگڏ غير ملڪي طائفي کي اتان ڪڍي ڪنهن محفوظ جاءِ تي کڻي وڃڻ لاءِ-”

“هڪ روسي تيز رفتار مهم؟”

“بلڪل،” رائيز لوف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو- “روسين وٽ ئي ان علائقي ۾ فوج آهي بهرحال اسان ضمانت ورتي آهي- ‘دستورين’ کي پريشان نه ڪيو ويندو ۽ زار جي فوج پنهنجو ڪم ڪري هٽي ويندي مان توتي ڀروسو ڪري رهيو آهيان ته فاضل کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ راضي ڪري وٺندين-”

مون الائي اهو ڇو منظور ڪيو؟ شايد مان شڪست کائي چڪو هئس يا ٿڪل هئس يا شايد ايراني تقدير پرستي مون اندر آهستي آهستي گهر ڪري چڪي هئي- سبب ڪجهه به هجي، پر مون احتجاج نه ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان قائل ڪري ورتم ته اهو نفرت جي قابل ڪم مون کي ئي ڪرڻو آهي- ان جي هوندي به مون هڪدم فاضل وٽ وڃڻ جو فيصلو نه ڪيو- مون ڪجهه گهڙين لاءِ فرار جي راهه اختيار ڪئي- شيرين وٽ-

عشق جي رات کانپوءِ منهنجي ان سان ٻي ملاقات ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ٿي هئي، گهيري تبريز جي فضا کي تبديل ڪري ڇڏيو هو- ماڻهن هميشه دشمن جي خاموشيءَ سان اندر گهڙي اچڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي- کين هر جڳهه تي جاسوس ۽ فوجي انجنيئر ڏسڻ جو گمان ٿي ٿيو- هٿياربند ماڻهو روڊن رستن جي رکوالي ڪري رهيا هئا ۽ اهم عمارتن ۾ داخل ٿيڻ وارن دروازن جي حفاظت- غير آباد محل جي ڦاٽڪن تي اڪثر پنج ڇهه، يا ڪڏهن ان کان به وڌيڪ ماڻهو بيٺل هئا جيتوڻيڪ اهي هميشه منهنجي استقبال لاءِ کلئي دل سان تيار هوندا هئا، اتي انهن جي موجودگي ملاقات کي خفيه رکڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ هئي-

ان شام هر ماڻهوءَ جي چوڪسي ٿوري نرم هئي ۽ مان پنهنجي رستي تي بلڪل شهزاديءَ جي خواب گاهه تائين پهچي ويس- دروازو اڌ کليل هو مون ان کي آهستگيءَ سان ڌڪو ڏنو-

شيرين هنڌ تي ويٺل هئي ۽ قلمي نسخو سندس گوڏن تي کُليو رکيو هو- مان سندس ڀرسان سرڪي ويهي رهيس اهڙيءَ طرح جو اسان جا ڪلها ۽ هيٺيون ڌڙ برابر هو ٻنهي مان ڪنهن کي به پيار جو خيال نٿي آيو، پر ان رات هڪ ٻئي انداز ۾ محبت ڪئي، هڪ ئي ڪتاب ۾ ٽٻي هڻي- هن منهنجي نگاهن ۽ چپن جي قيادت ڪئي- هن کي هڪ هڪ لفظ زباني ياد هو، هر تصوير جو علم هو، منهنجي لاءِ اهو سڀ پهريون ڀيرو هو-

هن گهڻو ڪري رباعي جي آخري مصرع کي پنهنجي طور فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ڪيو جن ۾ ڪا حڪمت هئي يا ڪو حُسن جيڪو زمان جي قيد کان آزاد هو جو ماڻهو وساري ٿي ويٺو ته اهو پهريون ڀيرو 8 سئو سال پهرين نيشاپور، اصفهان يا سمرقند جي ڪنهن باغ ۾ چيو ويو هو-

The wounded birds hide so they may die.

دل جي پريشاني ۽ تسلي جا لفظ هئا، هڪ شڪست کاڌل ۽ باوقار شاعر جي دل کي ڇهندڙ خود ڪلامي:

Peace to man in the black silence of the beyond.

پر ساڳي جاءِ تي خوشي ۽ فلڪياتي لاتعلقي جا لفظ به هئا:

Some wine! Let it be as pink as your cheeks

And my regrets as light as your locks.

جڏهن اسان سڀ رباعيون به وڏي آواز پڙهي چڪاسين ۽ تعريفي نظرن سان هڪ هڪ تصوير ڏسي ورتي، ته ڪتاب جي آغاز طرف موٽياسين ته جيئن حاشيي ۾ ڏنل سڀني واقعن جو مطالعو ڪري سگهون- اسان سڀ کان پهرين ورطان آرميني جو لکيل حصو پڙهيو جيڪا تحرير لڳ ڀڳ اڌ صفحي تي ٻڌل هئي ۽ مون کي به ان جي صدقي ان رات خيام، جهان ۽ ٽن دوستن جي ڪهاڻي جي خبر پئي- ان کانپوءِ اهي واقعا آيا جيڪي الاموت جي ڪتب خاني جي انتظام سنڀاليندڙ- پيءُ، پٽ ۽ پوٽي- لکيا هئا جنهن مان هرهڪ جو بيان ٽيهه صفحه طويل هو ۽ جنهن ۾ مَرو کان چورايل هن قلمي نسخي جي غير معمولي قسمت ۽ حشاشين تي ان جي اثر جو حال ۽ ٺيڪ منگول حملي تائين ان جي تاريخ رقم ٿي-

شيرين آخري سٽون بلند آواز پڙهيون ڇو ته لکائي مون کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه اچڻ سبب پڙهي نه پئي سگهيس: “مون کي الاموت مان ان جي تباهيءَ کان ڪجهه اڳ، ڀڄڻو پيو، ڪرمان طرف جيڪا منهنجي جاءِ پيدائش آهي، بينظير خيام نيشاپوري جي قلمي نسخي کي پاڻ سان گڏ کڻي، جنهن کي مون اڄوڪي ڏينهن تي لڪائي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان اميد سان ته هي ان وقت تائين ڪنهن جي هٿ نه ايندو جيستائين ماڻهو ان کي کڻڻ جي قابل نه ٿي وڃن، ۽ مان ان لاءِ قادر مطلق تي ڀروسو ٿو ڪريان-” ان کانپوءِ هڪ تاريخ لکي هئي، منهنجي حساب سان اها 4 مارچ 1257 جي مطابق هئي-

ان سان منهنجي سوچ جو سلسلو هلندو رهيو-

“قلمي نسخو تيرهين صديءَ ۾ ختم ٿئي ٿو،” مون چيو- “جمال الدين کي اهو اوڻيهين صديءَ ۾ ڏنو ويو- وچ ۾ ان تي ڇا ڇا گذريو؟”

“هڪ ڊگهي ننڊ،” شيرين چيو “هڪ اڻ کٽ اوڀر واري ٻنپهرن واري ننڊ- پوءِ هي هڪ چرئي، مرزا رضا جي هٿن ۾ هڪ ئي جهٽڪي سان اکيون کولي اٿي ويٺو- هو ڪرمان جو نه هو، الاموت جي لائبريري جي منتظمين وانگر؟ ڇا توکي ان ڪري دهشت ٿي رهي آهي ته توکي خبر پئي آهي ته ان جي ابن ڏاڏن مان ڪو حشاشين ۾ به شامل هو؟”

هوءَ اٿي بيٺي هئي ۽ وڃي پنهنجي بيضوي آئيني جي سامهون اسٽول تي ويهي رهي، هٿ ۾ ڦڻي هئس مان ڪلاڪن تائين ويهي سندس اگهاڙين ٻانهن جي دل آويز حرڪت کي ڏسندو رهيس، پر هوءَ مون کي شين جي بي رنگ حقيقت ۾ گهلي آئي:

“جيڪڏهن اهو نٿو چاهين ته تون منهنجي بستري ۾ پڪڙيو وڃين ته تيار ٿي وڃ-” واقعو اهو هو ته ڏينهن جي روشنيءَ سان سڄو ڪمرو روشن ٿي چڪو هو، ڇو ته پرده تمام سنها هئا-

“بلڪل ٺيڪ چيو،” مون اداسيءَ مان چيو “تنهنجي عزت جي باري ۾ ته مون کان ڳالهه ئي وسري چڪي هئي-” هن مسڪرائي منهنجي طرف توجهه ڪئي:

“نه ته! مون کي هر حال پنهنجي ناموس جو خيال رکڻو آهي- مان نٿي چاهيان ته ايران جي هر حرم ۾ اهو چيو وڃي ته هڪ حسين اجنبي سڄي رات منهنجي ڀر ۾ گذاري ۽ ان کي پنهنجا ڪپڙا لاهڻ جو خيال به نه آيو- پوءِ ته ڪڏهن ڪو منهنجي خواهش نه ڪندو!”

قلمي نسخي کي ان جي پيتيءَ ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ مون پنهنجي محبوبا جي چپن کي چميو ۽ پوءِ راهداري ۽ ٻن خفيه دروازن کان ٿيندو ڊوڙندو نڪتس ته جيئن گهيري ۾ ورتل شهر جي موجن ۾ ٻيهر ٽٻي هڻي سگهان-

…(هلندڙ)…