خاص

پي آءِ اي جھاز حادثي جي جاچ آخري مرحلن ۾ داخل.

پي آءِ اي جھاز حادثي جي جاچ آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آھي. حادثي جي جاچ لاءِ فرانس کان آيل ماھرن جي ٽيم اھم ثبوت گڏ ڪري ورتا آھن. 11 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم اڄ جاچ مڪمل ڪري وٺندي ۽ سومر تي واپس رواني ٿي ويندي. ٽيم پاڻ سان گڏ بليڪ باڪس ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ فرانس کڻي ويندي. ٻئي پاسي حادثي واري ھنڌ تان جھاز جي ڍانچي کڻڻ جو ڪم مڪمل ٿيڻ جو امڪان آھي. تباھ ٿيل جھاز جي ھڪ انجڻ اڃا به حادثي واري ھنڌ پيل آھي. انجڻ کي ڪرين جي مدد سان گھر جي ڇت تان لاٿو ويندو. فوت ٿيل مسافرن جي ڊي اين اي ٽيسٽن جا تفصيل ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي ته حادثي ۾ 97 ماڻھو پنھنجون حياتيون وڃائي چڪا آھن ۽ ھيستائين 68 لاشن جي سڃاڻپ ڪري کين وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. ھن وقت ڇيپا جي سرد خاني ۾ 10 ۽ ايڌي جي سرد خاني ۾ 19 مڙھ پيل آھن. اسان ڊي اين اي ذريعي 29 لاشن جي ئي سڃاڻپ ڪئي آھي. فقط ھڪ ڊي اين اي ميچ ٿيڻ اڃا باقي آھي. فوت ٿيل صحافي انصار نقوي جي مڙھ جي به سڃاڻپ ٿي چڪي آھي، جنھن کان پوءِ سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو